Sunday, March 5, 2023

نقلي ھيرا - موپاسان - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

نقلي ھيرا

(فرانسيسي ڪھاڻي)

موپاسان

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



محڪمي جي نائب سربراھ جي گھر اندر، ھڪ ڪاڄ دوران، موسيو لينٽن جي ملاقات ھڪڙيءَ نوجوان حسينا سان ٿي، جنھن تي دل جي اٿاھ گھراين سان موھت ٿي پيو. اھا ھڪڙي صوبائي ٽيڪس ڪليڪٽر جي ڌيءَ ھئي، جنھن کي مئي ڳچ عرصو گذري چڪو ھيو. جنھن جي وفات پڄاڻان، سندس بيوھ پئرس ۾ رھائش اختيار ڪئي. جتي ھن پنھنجي ڌيءَ لاءِ، سٺي ور جي ڳولا جي خيال سان، پاڙي اوڙي جي سٺن خاندانن سان ڏيٺ ويٺ پيدا ڪئي ھئي. پنھنجي محدود وسيلن جي باوجود، وقار، عزت ۽ سڪون جي حياتي پڻ گھاري رھي ھئي.



دِھ جوان ڇوڪريءَ تي، سرخي پائوڊر کان بي نياز حسن ھئڻ سبب، ھڪ پري ھئڻ جو گمان ٿيو پئي. مٿئون سندس چپڙن تي کيڏندڙ لڳاتار مُرڪ جو سلسلو، سندس معصوميت جي عڪاسي پڻ ڪري رھيو ھيو. ھنڌين ماڳين، سندس تعريف ۽ ھاڪ ھُلي وئي ھئي. ماڻھو اھو چوندي ٿڪا ئي نه پئي ته؛ ”کيس ماڻڻ وارو، ڪو وڏو خوشنصيب ئي ھوندو. ھن کان وڌيڪ جيون ساٿي ڪنھن کي ڪٿان ملندو؟“

موسيو لنٽن، جيڪو وزارت داخله منجھ، ساڍا ٽي ھزار فرانڪ تي، چيف ڪلرڪ جي عھدي تي فائز ھيو، تنھن ھن حسين ڪنواريءَ سان پرڻي جو اظھار ڪيو، جنھن کي ھن جي ماءُ قبول ڪيو ۽ کيس ڌيءُ پرڻائي ڏئي ڇڏيائين.

موسيو لينٽن لاءِ، زال جو ساٿ، بيان کان ٻاھر خوشيون کڻي آڻيندڙ ھيو. سندس جيون ساٿياڻيءَ، گھرو خرچن ۽ ڏھاڙيءَ جي معاملن کي خوش اسلوبيءَ سان ترتيب ڏنو، جو سندن زندگي وڏي عيش واري نظر اچڻ لڳي. مڙس جي مٿس نظر، خاص طور، محبت واري ھئي. ھوءَ به اھڙي قدر ساڻس لاڏ پيار ڪندي ھئي جو پرڻي جي ڇھين سال کان پوءِ به موسيو لينٽن، کيس ھني مون واري پھرئين ڏينھن کان به وڌيڪ ڀانئيندو ھيو.

ٿئيٽر ۽ نقلي ھيرا، ڄڻ ته سندس ھڪڙي ڪمزوري ھيا. وڏن عھدن تي ويٺل آفيسرن جون زالون، سندس سھيليون ھيون، جيڪي ڪڏھن ڪڏھن ٿئيٽر ۾ ھن لاءِ باڪس جي رزرويشن ڪرائينديون ھيون. خاص طور تي ڪنھن ڊرامي جي پھرين پيشڪش تي سندس مڙس، سڄو ڏينھن آفيس جي ڪمن ڪرڻ پڄاڻان ٿڪو ٽٽو، چاھيندي يا اڻ چاھيندي، سندس ساٿ ڏيڻ تي مجبور ٿيندو ھيو. ٿوري عرصي کان پوءِ، ھن پنھنجي ونيءَ کي ان ڳالھ جي اجازت ڏئي ڇڏي ھئي ته ھوءَ ڪنھن ڄاڻ سڃاڻ واري عورت کي ساڻ وٺيو وڃي، جيڪا موٽ تي کيس گھر ڇڏيندي وڃي. مُھڙ ۾ ته ھن، ان ڳالھ جي ڏاڍي مخالفت ڪئي، پر آخرڪار پنھنجي ور جي مرضيءَ آڏو آڻَ مڃي ڇڏيائين.

ٿئيٽر جو شوق ۽ زيورن جي خواھش، ساڻ ساڻ ھلندا رھيا. ليڪن پوشاڪ ۾ پھرئين ڏينھن واري سادگي، مگر فيشن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل رھي. جلد ئي ھن پنھنجي ڪنن جي سونھن، انھن وڻندڙ ۽ پر ڪشش نقلي ھيرن سان ڪرڻ شروع ڪئي، جن جي چمڪ ڌمڪ تي، سندن اصلي ھئڻ جو گمان ٿيندو ھيو. ڳچيءَ ۾ ڪوڙن موتين جو ھار، ڪاراين ۾ رول گول جا ڪنگڻ ۽ مٿي تي اميٽيشن جو نقلي تاج ھوندو ھيس. اڪثر سندس ور، بحث جي انداز ۾، کيس چوندو ھيو؛ ”منھنجي جان! جڏھن زيور تنھنجي خريد جي سگھ کان مٿي آھن ته تو کي حسن ۽ سادگيءَ جي سونھن سان دلين تي ڌاڪ ويھارڻ گھرجي، جيڪا عورت جو حقيقي زيور پڻ آھي.“

”مان ڪري به ڇا ٿي سگھان. زيورن سان مون کي وڏي محبت آھي. بلڪ زيور، منھنجي فطرت ثانيه آھن. ٻيو ته فطرت مَٽِڻ، انسان جي وس کان ٻاھر آ.“ وڏي مُرڪ سان جواب ڏيندي ۽ ھار کي آڱرين تي ويڙھيندي، ھٿ گھمائي ھيرن جي چمڪ سان سندس اکين کي انڌو ڪرڻ واري ڪوشش ڪندي، وڏي مسخريءَ واري انداز ۾ مُرڪندي چوندس؛ ”ڏس ته ڪيڏا نه دلڪش آھن. قسم سان چئي سگھجي ٿو ته اصلي آھن.“

ھو کلندي جواب ڏيندس؛ ”تنھنجو ذوق به عجيب آ!“

ڪڏھن ڪڏھن شام ڌاري، جڏھن باھ جي مچ آڏو ويھي، راز نياز جون ڳالھيون ڳرھندا ھيا ته ھوءَ مراڪش جو ٺھيل چمڙي جو ٿيلھو، چانھ واري ميز تي رکي ڇڏيندي ۽ اشتياقي نظرن سان نقلي ھيرن جو نظارو پئي پسندي. ھار، ضد زور سان مڙس جي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيندي. وري ويھي وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي چوندي؛ ”ڏاڍو سھڻو ٿو لڳين!“

سياري جي ھڪڙي شام ڌاري، ھوءَ ھڪڙي موسيقيءَ جي محفل ۾ شرڪت پڄاڻان، ڏڪندي پھتي. صبح ڌاري گھڻي کنگھ ٿي ويس. ھفتي جي اندر ئي اندر، سندس ڦڦڙ ناڪاره ٿي ويا. اھو ئي سندس موت جو سبب بڻيو.

موسيو لينٽن، ايڏو ته غم ۾ وڪوڙجي ويو، جو مھيني جي اندر ئي سندس وار اڇا ٿي ويا. سندس دل ئي ڀڄي پئي. جيون ساٿيءَ جي مُرڪَ، آواز، ۽ پيار جو تصور ڪري ھو روئي ڏيندو ھيو.... آفيس جي وقت کان پوءِ سندس سنگتي ساٿي مختلف موضوعن تي بحث ۾ محو ھوندا ته ھن جي اکين جي تُنرن ۾ ڳوڙھا پيا ترندا ۽ سڏڪا ڀري پيو روئندو. سندس زال جي ڪمري جي ھر شيءِ، ائين جو ائين پئي ھئي، جيئن سندس زندگيءَ جي ڏينھن ۾ پئي ھوندي ھئي.... سڄو فرنيچر، حتيٰ ڪ ان جي ڪپڙن تائين، ساڳئي انداز ۾ پيا ھيا. ھو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو روئندو.... ھن جي خيالن ۾ گم شم ھوندو. جلد ئي سندس آمدني، جنھن مان سندس زال بھترين نموني سمورا شوق پورا ڪندي ھئي، پنھنجي ضرورتن جي لاءِ ناڪافي محسوس ٿيڻ لڳي، جنھن تي ھو حيرت سان سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ته ھوءَ ڪيئن انھن محدود وسيلن مان عمدو شراب ۽ ٻيا لوازمات پورا ڪندي ھئي. وري اھڙو وقت به آيو جو نوبت وڃي قرض وٺڻ تي پھتي. ھو ڦِٽل ڪوڏيءَ جو محتاج ٿي ويو.

ھڪڙي صبح جو، سندس کيسو صفا خالي ھيو. ھن ڪا شيءِ وٺڻ جو ارادو ڪيو ته کيس زال جي نقلي ھيرن جي زيورن جو خيال آيو.

آخري ڏھاڙن ۾ ھوءَ ھر شام ڌاري، ڪو نه ڪو زيور پاڻ سان ضرور آڻيندي ھئي. ھو ڪجھ دير ته سوچيندو رھيو. نيٺ آخر ھن وڏو ڳؤرو ھار وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سندس نظرن ۾ ھٿ جو ڪم ھئڻ سبب، نقلي ھئڻ جي باوجود، ڇھن ستن فرانڪن ۾ وڪامجي سگھيو ٿي.

ھن اھو کڻي گيدي ۾ وڌو ۽ ڪنھن مناسب جوھريءَ جي دڪان جي ڳولا ۾ نڪري پيو. وڏي ڪوشش پڄاڻان کيس ھڪڙو مطلب جو دڪان ملي ويو. ھيءُ منجھس ھليو ويو. تنگدستيءَ سبب، پنھنجي ھڪڙي نيچ وکر تي شرمندگي محسوس ڪندي، ھن جوھريءَ کي ھار ڏيڪارڻ لاءِ ڪڍيو؛ ”جناب! ھيءُ ڪيتري جو ٿيندو؟“

جوھريءَ کڻي، وڏي غور سان ان جو معائنو ڪيو. پنھنجي ڪارندي کي سڏي ساڻس ڳجھي انداز ۾ سس پس ڪرڻ بعد، زيور ڪائونٽر تي رکي، پري کان پرکيائينس.

موسيو لينٽن چوڻ تي ھيو ته مون کي ڄاڻ آھي ته ھيءُ ڪو قيمتي وکرن منجھان ناھي ته جوھريءَ اڳي چئو ڏنو؛

  ”جناب! ھيءُ ھار ٻارنھن يا چوڏھن ھزار فرانڪن جو آھي. ليڪن مان اھو تيستائين نه خريد ڪندم جيستائين اوھان اھو نه ٻڌائيندئو ته ھيءُ اوھان وٽ ڪيئن آيو آھي؟“

ھن جون اکيون کليون جو کليون رھجي ويون. ھو جوھريءَ جي نقطه نظر کان ھٽي ڪري، حيرانگيءَ مان وڦلڻ لڳو؛

”اوھان ڇا چيو..... ڇا اوھان...... پڪ سان پيا چئو؟“

”اوھان ڪنھن ٻئي ھنڌان به چُڪارايو.“ جوھريءَ رکائيءَ سان جواب ڏنس. ”شايد ڪٿئون اوھان کي ٿورا اڃا وڌيڪ فرانڪ ملي وڃن. مان ته وڌ ۾ وڌ پندرنھن ھزار فرانڪ ڏئي سگھان ٿو. ٻيو ته اگر ان جي اھا ئي ٻولي لڳي ته مون کي خدمت جو موقعو ضرور ڏجو.“

ھن حيران ٿي ڪري، ھار کنيو ۽ دڪان منجھان ٻاھر نڪري آيو. دڪان کان ٻاھر نڪري سندس دل چيو ته؛ ”جوھريءَ جي بيوقوفيءَ تي بيھي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيان. پاڳل ڪنھن جاءِ جو. جيڪڏھن مان کيس پابند ڪري وجھان ھا..... اصلي ۽ نقليءَ منجھ، فرق جي به خبر ڪانھيس ۽ جوھري ٿي ويٺو آھي.“

انھيءَ ٻڏتر ۾ ھيءُ ٻئي جوھريءَ جي دڪان ۾ وڃي گھڙيو. دڪان جي مالڪ جيئن ئي ھار ڏٺو ته ھڪدم رڙ نڪري ويس؛ ”ھن ھار کي ته مان چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. ھيءُ ته اسان جي ئي دڪان تان خريد ڪيو ويو ھيو.“

”ڪيتري قيمت جو آھي؟“

”مون اھو ويھن ھزار فرانڪ ۾ وِڪيو ھيو. ھاڻ مان ارڙھن ھزار فرانڪ ۾ واپس وٺڻ لاءِ تيار آھيان. اوھان کي، ھن جو ملڪيتي ثبوت ڏيڻو پوندو.“

”ليڪن.... ليڪن اوھان ھن کي چڱيءَ طرح پرکيو ته سھي. منھنجي ڄاڻ مطابق ته ھيءُ نقلي آھي.“

”اوھان جو نالو مبارڪ؟“ جوھريءَ پڇيو.

”لينٽن.... مان وزارت خارجه ۾ ملازم آھيان ۽ ۱۶ ريووش مارٽرش ۾ رھندو آھيان.“

واپاريءَ ڪتاب ۾ داخلا ڏسندي چيو؛ ”ھا! ته ھيءُ ھار مادام لينٽن کي ۱۶ ريووش مارٽرش جي ايڊريس تي پوئين سال ۲۰ جولاءِ ڌاري موڪليو ويو ھيو.“

ھن حيرانگيءَ مان جوھريءَ ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ ڏسندو ئي رھجي ويو.

”اوھان سڀاڻي تائين ھار، اسان وٽ ڇڏي وڃو.“ جوھريءَ ماٺ کي ٽوڙيندي چيس؛ ”مان اوھان کي رسيد ڏئي ٿو ڇڏيان.“

موسيو لينٽن ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ رسيد کيسي ۾ وجھي، اتان ھليو آيو.

سندس دل ۽ دماغ ۾ مانڌاڻ متل ھيو. بي مقصدو ھيڏي ھوڏي جا چڪر ڏئي، ھو دليلن سان پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھيو. رکي رکي ھڪڙي ئي سوال، سندس وايون ولليون ڪري ٿي ڇڏيون؛

”ڇا ھوءَ ايترا مھانگا زيور خريد ڪري سگھي پئي؟ ھرگز نه! ته پوءِ ھيءُ تحفو ئي ٿي سگھي ٿو. تحفو به ڪنھن جي طرفان ۽ ڇا جي مد ۾؟“

 رستي جي وچ تي پھچي، ھو ھڪدم بيھي رھيو. بيان کان ٻاھر شڪَ سندس دل ۾ واسو ڪري ويھي رھيا ھيا؛ ”تحفو... پوءِ اھو ان کي ئي ڇو ڏنو ويو؟ پوءِ ته ٻيا سمورا زيور به تحفو ئي ھوندا.“

ھو سوچڻ لڳو ۽ ڌرتي سندس پيرن ھيٺان کسڪڻ لڳي. ھن ٻانھون کنڊيڙيون ۽ بيھوش ٿي، زمين تي اچي ڌوڙيو ڪيائين.

جڏھن کيس ھوش آيو ته ھو اسپتال ۾ پيو ھيو. ماڻھن کيس کڻي، اتي پھچايو ھيو. بيمار نه ھئڻ جي سبب، اتان کيس ڊسچارج ڪيو ويو. گھر پھچي، ھن پاڻ کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ سمھڻ تائين ڏاڍو رنو. حتيٰ ڪ ٿڪجي ٽٽي ننڊ پئجي ويو.

ٻئي ڏينھن سج چڙھئي، سندس اک کلي. ھو آفيس وڃڻ لاءِ اٿيو. ليڪن ٻئي لمحي ۾ پنھنجو اردو مٽائي ڇڏيائين. ڇو جو اھڙو جھٽڪو اچڻ کان پوءِ ڪم ڪرڻ، سندس لاءِ ڏاڍو ڏکيو ھيو. تنھن ڪري درخواست ڏياري موڪليائين. تھان پوءِ کيس خيال آيو ته کيس جوھريءَ جي دڪان تي به وڃڻو آھي. دل ته ڪو نه پئي گھريس، ليڪن اھو ھار، جوھريءَ کي ڇڏي به نه پئي سگھيو.

آسمان چٽو ھيو ۽ وڻندڙ ڏينھن جي ڄڻ ابتدا ھئي. نيرو آسمان، انتھائي ھيٺانھين ۾ مشغول شھر مٿان، ڄڻ مُرڪي رھيو ھيو. سھوليتن سان جنجھيل ماڻھو، کيسن ۾ ھٿ وجھيو، اچي وڃي رھيا ھيا. سندن غور سان مطالعو ڪندو، موسيو لينٽن سوچي رھيو ھيو؛ ”اميريءَ ۽ خوشيءَ جو، پاڻ ۾ چولي ۽ دامن وارو ساٿ آھي. ڌن، انسان جي ڏکن ڏولائن جو ترياق آھي. دولت جي ھئڻ سان، ڏکن کي وسارڻ لاءِ انسان ڪاٿي به وڃي سگھي ٿو. ڪاش! مان به دولتمند ھجان ھا. وري کيس خيال آيو ته؛ ھو ڪالھ کان وٺي بک تي آھي. ليڪن سندس کيسو خالي ھيو. جنھن کان پوءِ کيس، يڪدم ھار ياد اچي ويو ۽ ارڙھن ھزار فرانڪ....... ارڙھن ھزار فرانڪ!

ايڏي وڏي رقم. ترت ھيءُ جوھريءَ جي دڪان جي آڏو ھيو. ڪيئي دفعا ارادو ڪرڻ جي باوجود، شرم ۽ حياءَ کيس اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. ليڪن ھو بک تي ھيو ۽ کيسو خالي ھيس. نيٺ ھو دل جھلي دڪان ۾ گھڙي ويو. دڪان جي مالڪ، کيس ڏسي ڪرسيءَ تي ويھڻ جو اشارو ڪندي، پڇيس؛

”موسيو لينٽن! جيڪڏھن اوھان ھار وڪڻڻ جو ارادو رکو ٿا ته مان چيل رقم ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“

”بيشڪ! مان ان لاءِ ئي آيو آھيان.“

جوھريءَ دراز جو خانو کولي، رقم ڪڍي ۽ ڳڻي ھن ڏانھن وڌائي. ھن ڏڪندڙ ھٿن سان پئسا کيسي ۾ رکيا ۽ رسيد تي صحي ڪري، واپسيءَ لاءِ مُڙندي جوھريءَ ڏانھن ڏسي چوڻ لڳو؛ ”ان کان علاوھ، انھن ئي ذريعن سان حاصل ڪيل، مون وٽ ڪيئي ٻيا به زيور آھن. اگر چئو ته اھي به آڻيان؟“

”ضرور.... ضرور صاحب!“ جوھريءَ جواب ڏنس ۽ ان کان ڪلاڪ کن پوءِ، ھو سمورن زيورن سميت جوھريءَ جي دڪان تي ويٺو ھيو.

”ھيري جون واليون..... ويھ ھزار فرانڪ. بازوبند.... پنجٽيھ ھزار فرانڪ، چوڙيون... سورنھن ھزار فرانڪ، ياقوت ۽ زمرد جو سيٽ.... چوڏھن ھزار فرانڪ. جھمڪيون ۽ سوني زنجيري.... چاليھ ھزار فرانڪ.“

ملائي سلائي ھڪ لک ٻائيتاليھ ھزار فرانڪ ٿيا، جنھن تي جوھريءَ چرچي واري انداز ۾ چيس؛

”واھ سائين واھ! اوھان ته پنھنجا سمورا اثاثا، قيمتي زيورن تي لڳائي رکيا آھن.“

                 

(سنڌي روپ: ڊاڪٽر مرتضيٰ عادل جي ڪيل اردو ترجمي تان)

No comments:

Post a Comment