Tuesday, March 28, 2023

وفا صالح راڄپر جي ڪھاڻين جي هيئت، سماج ۽ نقطہ نظر - خليق ٻگهيو

وفا صالح راڄپر جي ڪھاڻين جي هيئت، سماج ۽ نقطہ نظر

خليق ٻگهيو



ڪھاڻي ادب جي هڪ اھڙي صنف آھي، جيڪا نہ صرف ذھني شعور جي آبياري ڪري ٿي، پر اندر جي گمنام مسرتن کي پڻ دريافت ڪري ٿي. شاعري اتھاس جو آئينو بہ آھي تہ اِستقبال جي نويد بہ. ڪھاڻي ڏُکن جي ميراثَ بہ آھي ته ڇوٽڪاري جو آثارُ بہ هوندي آھي. آکاڻي/ ڪھاڻيءَ جي شروعات اِيتري ئي قديم آھي، جيتري قدامت انسان هن ڌرتيءَ تي رکي ٿو. مصر، يونان ۽ هندستان ڪھاڻين جي وجودن جا قديم ديسَ رھيا آھن. اتھاس جي روشنيءَ سان سڌ پوي ٿي مصر ۾ ڪھاڻيون جي وجود ۾ اچڻ وارو زمانو ٽي هزار کان چار هزار قبل مسيح آھي. ڪِن محققن موجب، هنن ڪھاڻين جو وجود گهٽ ۾ گهٽ اٽڪل ٻہ هزار سال قبل مسيح چئي سگهجي ٿو. اُھي هزارين قبل مسيح ڪھاڻيون مُوضوعاتي طور تي فطرت کان مٿانھين قوتن، فطرت بابت ۽ جادوءَ ۽ منتر متعلق آھن. هيءُ اُھو زمانو آھي، جڏهن ڪھاڻيون وڻن جي ٿُڙن، پَنن تي لِکيون ويون. هنن ڪھاڻين کي The tales of magicians پڻ سڏيو وڃي ٿو. ٻہ سَئو قبل مسيح ۾ فيبرس جون جمع ڪيل ڪھاڻيون Aesop’s Fables ملن ٿيون. رگ ويد جي ڪھاڻين جو زمانو هڪ هزار قبل مسيح بيان ڪيو وڃي ٿو. مھاڀارت، رامائن ۽ رزميہ ڪھاڻين، فارسيءَ ۾ شاھنامہ فردوس وغيره کي پڻ قدامت حاصل رهي آھي. جڏھن داستان، قِصو ۽ آکاڻيءَ جو ارتقائي تخليقي سفر مختصر ترين هئڻ تي پھچي ٿو، تڏهن جديد کان جديد ترين ڪھاڻيءَ جي تشڪيل جو نمونو بڻجي وڃي ٿو. داستان، آکاڻيءَ جي نه صرف فني بناوت ۾ مختصر-پَڻو پيدا ٿئي ٿو ،پر فڪري سطح تي پڻ تخليقي ادب جي اُھا صنفي شڪل ماڻهوءَ کي وقت جي زيان کان بچائي وٺي ٿي. منھنجي خيال ۾ هر عھد ۾ جيڪا تخليقي ادب جي صنف وڌيڪ پُراثر هجڻ سان گڏوگڏ ديرپا اثر قائم ڪندڙ ادبي صنف رهي آھي، سا ڪھاڻي آھي. بشرط ڪھاڻي ”ڪھاڻي“ هُجي. ڪھاڻيءَ جي ”ڪھاڻي“ هُجڻ مان مراد، ڪھاڻيءَ مان ”تاثر جي وحدت “ مقصود آھي، جيڪا ڪھاڻيءَ جي هُنر منديءَ ۾ سُئي جي ٽُوپي جيان هوندي آھي. فني سطح تي تاثر جي وحدت جي هڪ ڌاڳي ٽُٽڻ سان، ڪھاڻيءَ جو تسلسل ٽُٽي پوندو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ تاثر جي وحدت واري ڳالهہ ايڊگر ايلين پو Edgar Allan Poe ڪئي هئي، جنھن موجب، هڪ سُٺي مختصر ڪھاڻيءَ ۾ تاثر جي وحدت ۽ ھم آھنگي ضروري آھي. مختصر ڪھاڻيءَ جي بنياد قائم ڪرڻ ۾ ايڊيگر ايلين پو ٽئين نمبر تي هو. اُنھيءَ کان اڳ اوڻويھين صديءَ جي شروعات ۾ واشنگٽن اروِنگ Washington Irving اسڪيچ بُڪ لِکي ڪھاڻيءَ جو بنياد رکي چُڪو هو. اوڻيھين صديءَ جي اڌ ڌاري سنڌي ٻوليءَ ۾ نثري آکاڻيءَ جي شروعات منشي اڌارام ٿانور داس راءِ ڏياچ ۽ سورٺ سان ڪري ٿو. ڪھاڻيءَ جي شروعات محققَ، غلام حسين قريشيءَ جي لکيل ڪھاڻيءَ ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهہ“ کان ڪن ٿا. اُنهيءَ کان پوءِ سيد ميران محمد شاھ (اول) جي ڪھاڻي ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري“ جو ذڪر ملي ٿو. اردو ادب ۾ مختصر ڪھاڻي واري تاريخ متضاد رھي آھي. ڪي پريم چند تہ ڪي سجاد حيدر يلدرم کي پھريون ڪھاڻيڪار قرار ڏين ٿا. ڪي مورخ راشد الخيري، سلطان حيدر جوش ۽ نياز فتح پوري کي شروعاتي ڪھاڻيڪار سڏين ٿا.


تخليقي ادب جي ڪنھن صنف جي مقرر وصف نہ هوندي آھي، ڇاڪاڻ تہ وصفون مختلف ذھنن جون پيداوار هونديون آھن. ڪي ادراڪ مَٽجندڙ دَور جي ڌارا ۾ لُڙھي وڃن ٿا. ڪھاڻيءَ جون دنيا ۾ سوين وصفون آھن، پر جيڪي وصفون ڪھاڻيءَ جي ڪاريگريءَ سمجهڻ ۾ مُعاون هُجن، سِي ئي ڪارائتيون ليکيون وينديون. سيد وقار عظيم ڪھاڻيءَ جي وصف هن طرح ڏِئي ٿو:

”هڪ مختصر داستان، جنھن ۾ هڪ خاص ڪردار، خاص واقعو، هڪ تجربو، خاص تاثر جي وضاحت ۽ پلاٽ جو تفصيل ايتري قدر منظم هجي، جو اُن سان تاثر جي وحدت نمايان ٿئي. “

ميريم ويبسٽر ڊڪشنريءَ موجب:

Short story is an invented prose narrative shorter than a novel usually dealing with a few characters and aiming at unity of effect and often concentrating on the creation of mood rather than plot. "

سامر سيٽ Somerset Maugham جي مطابق ڪھاڻيءَ جي ڊزائين يا خاڪو ٺھڪندڙ هجي ۽ اُن ۾ رواني ڪلائيمڪس ۽ امتحان جو نقطو هجڻ گهُرجي. هڪ برطانوي ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪ وليم بوئيڊ William Boyd ڪھاڻيءَ جي تخليقيت بابت چوي ٿو ته ، ائينءَ ٿو لڳي تهه اسان جي فطرت ۾ ڪنھن شيءِ جي جواب ڏيڻ يا ٻُڌائڻ جي عرصي لاءِ ڪجهه خاص پيدا ڪيو ويو آھي ۽ تجربي جي نچوڙ جي حوصلہ افزائي ڏني وئي آھي:

A short story seems to answer something very deep in our nature as if, for the duration of its telling, something special has been created, some essence of our experience extrapolated, some temporary sense has been made of our common, turbulent journey towards the grave and oblivion. (william Boyd)

منھجي خيال ۾، ڪھاڻيءَ جي تخليقيت جا بنيادي محرڪ انساني تفريح، وندر، مزو، خوشي، جذبن جي رونمائي، ڏکن جي نمائش، دردن جي مسيحائي يا ڪٿارسس ۽ احساساتي ڪٿائن ۾ ڳولي سگهجن ٿا، جَن ۾ حياتي، سماج ۽ ڪائنات جي عڪس بندي بہ ۽ دريافتي وِلوڙ جي تصوير ڪَشي پڻ آھي. سنڌي ادب ۾ ڪھاڻي اٽڪل سَئو سالن جي تخليقي سفر دوران هاڻي جديديت بعد جي دَور کان بہ اڳتي نڪري آئي آھي. ايڪھين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ جيڪا سنڌي نوجوان ڪھاڻيڪارن جي ٽھي، ڪھاڻيءَ جي ارتقائي ۽ تخليقي سفر کي اڳتي وٺي آئي آھي، انھيء ۾ هڪ نالو وفا صالح راڄپر جو بہ آھي. وفا صالح جو ڪھاڻي ڪتاب

”ارپڻ کان رھجي ويل محبت“ سندس افسانوي محنتن جو ثمر بڻجي اتھاس جو حصو بڻجي ويو آھي. سندس ڪِن ڪھاڻين جي تنقيدي ادبي قدرشناسائي بہ ڪري سگهجي ٿي. سندس تخليق ٿيل ڪِن ڪھاڻين تي تنقيد پڻ ڪري سگهجي ٿي. پر هِن جي سموري تخليقي پورھئي يا سندس ڪھاڻيڪار هُجڻ واري حيثيت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. هِن تنقيدي مضمون ۾ سندس ڪھاڻين جي معنيٰ، مطلب، قدر Significance توڙي سندس فني ۽ موضوعاتي خوبين ۽ نقصن کي اکيلڻ جو سعيو ساريون ٿا. سندس ڪھاڻين جي سماج، فني هيئتن ۽ بحيثيت تخليقڪار جي نقطہ نظر کي پڻ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.

وفا صالح جون ڪھاڻيون مُوضوع رُومانويت، سماجيات، معاشيات ۽ معاشرت جي چوڌاري ڦِرن ٿا. سندس ڪھاڻين ۾ نہ ڪو جديد فلسفو آھي، نہ ئي ڪنھن عالمي سطح جون فڪري ۽ نظرياتي تحريڪون آھن. سندس ڪھاڻين ۾ نڪو نئين ٽيڪنالاجي يا شھري سماج جي جديد حسيت New Sensibility آھي، ۽ نہ وري سندس ڪھاڻين ۾ مابعد جديديت جون ڪي سمتون آھن. هُن وٽ نہ جديد کان جديد ترين جديديت بعد جون فڪشن ٽيڪنڪس آھن، نہ وري سندس تخيلاتي زمين ۾ ڪي نئين عھد جا عالمي سطح جا فني تجربا آھن. پر سندس ڪھاڻين ۾ آرٽ آھي. آرٽ، جيڪو ”پئي پراڻو نہ ٿئي“ واري مصداق اڄ بہ زندہ آھي. وفا صالح وٽ اھو فن آھي، جو هُُو فلسفي ۽ نظرين جي بلند دعويٰ ڪرڻ کان سواءِ پنھنجي ڪھاڻيءَ لکڻ جي آرٽ سان پاٺڪ کي متاثر ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿو. ڪھاڻي لِکڻ جو هُنر تہ آھي ئي، پر اُنھيءَ هُنر ۾ معصوميت ۽ ڪا چنتا جي چڻنگ دُکيل هجي تہ اُھا متاثر ڪرڻ کان سواءِ ڪٿي ڇڏي ٿي! وفا صالحَ وٽ انھيءَ سڀ جي سامھون“ هڪ آرٽسٽ دل ۽ هڪ مُصور روحُ آھي، جيڪو سندس ڳالهين جي معرض وجود ۾ اچي، ڪھاڻي تخليق ٿيڻ جو سبب Cause ۽ ستُ Stamina بڻجي پوي ٿو. انھيءَ ڪري سندس ڪھاڻين جي هيئت Form کي، جيڪا ساخت Structure ميسر آھي، سا ڪافي ڪھاڻيڪارن کان منفرد آھي. هُن وٽ اھا ٽيڪنڪ آھي، جنھن وسيلي هُو دردن جا واھڻ ولوڙي وٺي ٿو. چنتا جي چُوچڙي دُکائي ٿو ۽ رُوح جي گُمناميءَ ۾ جهاتي پائي وٺي ٿو. مثال طور سندس ڪھاڻي

”سريت“ هڪ اِھڙي منفرد ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ پاٺڪ سماج جي حقيقت ۽ تخليق ٿيل افسانويت Fiction ۾ باريڪ فرق معلوم ڪرڻ لاءِ پڻ حيرانگيءَ ۾ تڙپي پوي ٿو. هِن ڪھاڻيءَ مان فرد جي آزاد سوچ واري فِضا قائم ٿئي ٿي ۽ پڙھندڙ سوچڻ لڳي ٿو تہ هن ڪھاڻيءَ ۾ افسانويت، حقيقت جھڙي آھي يا حقيقت افسانويت جھڙي بڻجي وئي آھي؟ سريت، ڪھاڻيءَ ۾ هڪ نوجوان صابو هڪ نرس ڪونج سان سيڪس انجواءِ ڪري ٿو. نرس سيڪس ورڪ بعد ساڻس محبت ڪرڻ لڳي ٿي ۽ آخري گراهڪ کي بہ جواب ڏَئي، هُن کان سيڪس انجواءِ مينٽ جا پيسا پڻ انڪري نٿي وٺي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ ساڻس ملڻ بعد ايتري جنسي-تسڪين ماڻيندي رھي ٿي، جو هاڻي صرف ساڻس شادي ڪرڻ چاھي ٿي. ٻئي طرف ڪلائيمڪس ۾ صابوءَ جو دوست راشد ساڳيءَ نرس ڪُونج جو فوٽو کڻي سندس در تي اچي، کيس ٻُڌائي ٿو تہ هُو هِن نرس سان شادي ڪرڻ لاءِ سندس مائٽن کي راضي ڪري آيو آھي. ڪردار امتحان ۾ اچي وڃي ٿو. باقي ڪھاڻيءَ جو فيصلو پڙھندڙن تي ڇڏيو ويو آھي. هن ڪھاڻيءَ جا مڪالما بہ من موھيندڙ آھن. پر ڪي ٿورا مڪالما ڪردارن سان مطابقت نٿا رکن، ڇاڪاڻ تہ ڪھاڻيءَ جي ٻنهي ڪردارن جي گفتگوءَ ۾ ادبيت آھي، جيڪا موجود ڪردارن کي بنا ادبي تعارف جي نٿي سُونهي. اُھي چند مڪالما هِيٺ ڏجن ٿا:

"اھا اڻ ٿيڻي آھي ڪونج.“

”پيار جي نصاب ۾ اڻ ٿيڻيءَ جو لفظ جو لفظ آھي ئي ڪونہ. .“

”ڪونج مان ويران کنڊر آھيان. توکي جيون جي ڪا بہ خوشي ڏئي نہ سگهندسُ.“

”مان ويران کنڊر کي پيار جي ڦلواڙيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏينديس.“

تنھن هوندي بہ هيءَ ڪھاڻي مزو ڏيندڙ ۽ جٽادار آھي، ڇاڪاڻ تہ انھيءَ موضوعَ تي هِن انداز ۾ بنھ نہ هئڻ جي برابر لِکيو ويو آھي. هِن ڪھاڻيءَ جي خاصيت هيءَ آھي تہ اُھا رومانويت ۽ جنسيت جي الڳ ساڃاھ وارو فيصلو نٿي ڏِئي، پر ائين محسوس ٿئي ٿو تہ جنسيت کي پيار ۾ جذب/ منتقل ٿيندي ڏيکاريو ويو آھي. جنسيت ۽ رومانويت جي ساڳيائي ۽ فرقن تي سوچڻ لاءِ نئين سر مدعو ڪيو ويو آھي. توڙي جو ڪھاڻي ۾ ”نرس“ جي پروفيشن،نرس جي ذاتي، معاشي ۽ مجبوري واري عالم واري پھلوءَ کي غير چِٽو رکي پاٺڪ کي اونداھيءَ ۾ رکيو ويو آھي، جنھنڪري ڪھاڻي پوئتي سوال ڇڏي وڃي ٿي تہ نرس جو ڪردار، پروفيشنل سيڪس ورڪر جو ڪردار آھي يا هڪ رومانوي اُساٽ رکندڙ عورت جو؟پر پوءِ بہ ڪھاڻيءَ ۾ موضوع جي انفردايت ۽ خيالن جي حساسيت موجود آھي. ڪتاب جي ٻئين ايڊيشن ۾ هِن ڪھاڻيءَ ۾ رھيل خال ڀري ان کي بھتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي.

وفا صالح جي ڪھاڻين جي هيئت Form کي ڏِسبو تہ هُن وٽ هيئتي فن ڪيترو آھي؟هيئت، هڪ اِھڙو ادبي اصطلاح آھي، جنھن تي ادب جا عالِم متضاد وصفون بيان ڪن ٿا. هيئت بنيادي طور اُھو فن آھي، جنھن سان مواد ڪنھن بہ ادبي صنف جي قالب ۾ جذب ڪيو ويندو آھي، پر ڪي ادبي عالم قالب ۾ مواد جي سموهڻ واري مرحلي کي ٽيڪنڪ ڪُوٺين ٿا. ڪِن جي خيال ۾ اسلوب Diction ( لفظن جي تخليقي چونڊَ ۽ ٻوليءَ جي استعمال وارو لھجو) پڻ هيئت جي دائري ۾ اچي ٿو. هيئت کي ٻين لفظن ۾ ساخت، ڍانچو، تشڪيل، صورتگري، اظھار جو طريقو، بيان جو انداز، تاثير، مواد جي سھيڙ ۽ ترتيب پڻ چَئي سگهجي ٿو. وفا صالح جي ڪھاڻي متنن کي پنھنجيون الڳ الڳ شخصيتون آھن، ڪي معصوم شخصيتون، ڪي چُست چالاڪ تہ ڪِي اُداس، مايوس، اَٻوجهہ ۽ غَير عقلي شخصيتون، يعني جذبي جي واحد پيڙھ تي بيٺل شخصيتون، جَن کي ڪا ”زماني جي ويساک“ جي لُکَ لڳي تہ جُهري پَون. سندس متنيت Text کي پنھنجو الڳ قد بُتُ، هٿ پيرَ، عمر ۽ اثرَ آھن. هڪ پاٺڪ کي سندس ڪھاڻين جون مَن مُوھيندڙ ۽ خوابيده لُطافت جھڙيون ڳالهيون ڀَليون ڀائنجن ٿيون. سندس ڪھاڻين ۾ جماليات، لُطافت، چاشني، رَس چسُ مزو، خوش مزاجي، مزاح ۽ زندھ دلي آھي. پر سندس اڪثر ڪھاڻين جو وڏو نقص هي آھي تہ اُھي ڪلائيمڪس ڏانھن تَڪڙي ڊوڙَ پائي وٺن ٿيون. فني طور اُھو اھا جلد بازي ڪھاڻيءَ جي عروج تڪرار، جهيڙي ( Conflict) جي مختصر پَڻي جي ڪري جنم وٺندي آھي. ڪھاڻين ۾ جلد باز نہ هئڻ گُهرجي. ڪھاڻين ۾ نہ طوالت چڱي نہ وري صفا مختصر پڻو چڱو آھي. ڪھاڻي پنھنجي ساخت/ بيھڪ ۾ متوازن هجي ۽ فڪر ۾ جوهريت رکندڙ هجي. مثال طور سندس ڪھاڻي ”سيما“ هڪ روايتي عُنوان واري ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ وسيم ۽ سيما جي وچ ۾ پاڻهي اِيترو جلد پيار ٿي وڃي ٿو؟ وسيم هڪ بيوھ، رنڙ Widower آھي، جنھن کي پوئِين زال مان پُٽ به آھي. سيما هڪ ادب دوست پاڙيسرڻ جي حيثيت ۾ شاديءَ کان اڳ سندس پُٽ کي پيار ڪرڻ لڳي ٿي ۽ وسيم کي پاڻ سان شادي ڪرڻ لاءِ بہ تيار ڪري وٺي ٿي. سيما لاءِ وسيم جو صرف اديب هجڻ ڪافي هو؟ يا ڪا ٻي ڪا خوبي سندس شخصيت ۾ هئي؟ ٻئي طرف سيما مائٽن يا سماج پاران ڌڪاريل ڇوڪري هئي يا سندس عمر وڌيل هئي؟ ڪِٿي ٻين هنڌن تي سندس شاديون ملتوي ٿيون هيون؟ اِھڙيون ڪِي ضروري وضاحتون ڪھاڻيءَ ۾ نہ آھن. اظھاريت جي اِھڙي شفافيت ڪھاڻيءَ ۾ موجود هجڻ گُهرجي ها. هِن ڪھاڻيءَ ۾ عروج Conflict جي وڌڻ جي کوٽ موجود آھي. وفا کي ڪھاڻيءَ جي ضروري پاسن کي اھميت ڏئي چِٽو ڪرڻ گهرجي ها تڪڙ نہ ڪرڻ گهرجي ها. تنھن هوندي بہ جيڪا ڳالهہ هِن ڪھاڻيءَ جي اتساھيندڙ آھي، سا هيءَ آھي تہ اُھا ادبَ جي ماھيت، اھميت ۽ افاديت جو ڪنهن نہ ڪنهن طرح ابلاغ ڪري ٿي ۽ سماج ۾ اديب جي حيثيت کي هڪ بھتر سماجي حيثيت Social status بخشي ٿي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ وفا صالحَ جي ٻولي، لفظن جي چُونڊ ۽ لھجو لُطافت ڏِئي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ فليش بيڪ بہ اھڙي ڪرافٽ سان ڏنل آھي، جو پڙھندڙ لُوڏو ئي نٿو کائي ته ڪردارَ ، زمان حال مطلق مان پوئتي زمان ماضي مطلق ۾ ڪيئَن پھچي ويا!

وفا صالحَ جي ڪھاڻين جي هيئتن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ سندس ڪھاڻين ۾ خاص نظم وضبط آھي، جيڪو سندس ڪھاڻين جي متنيت ۾ هيئت جي جوڙجڪ جو ڪارڻ آھي. اھو سندس ڪھاڻين جو اھم هيئتي مرحلو آھي. هُو تخليقي سطح تي خيالن جي هم-آهنگي جنميندڙ ڪھاڻيڪار آھي. هُو لفظن مان اُڀرندڙ تصورن جي سهيڙ ڪندي، مُوضوع ۽ نڪتہ نظر کي اڳتي وڌائي ٿو، جيڪا سندس هڪ الڳ خاصيت آھي. فَني طور جيڪڏھن ڪنھن ڪھاڻيءَ جي فڪري پاسو خوبصورت هجي ۽ اُنھيءَ ۾ آدرشاتي خوشبوءِ بہ هجي، پر نظم وضبط نه هجي تہ اُھا ڪھاڻي فني طور جهولَ جو شڪار ٿي ويندي. وفا جي ڪھاڻين ۾ فلسفو ڀلي نہ هجي، پر هُن وٽ مواد ۽ هيئت ۾ ھم آھنگي ۽ ڪافي فني توازن موجود آھي. مثال طور سندس ڪھاڻي، ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ هڪ اِھڙي زبردست ڪھاڻي آھي، جنھن جهڙي پُرتاثر ڪھاڻي سنڌي افسانوي ادب ۾ نظر ڪونہ ايندي. هِن قِسم جون ڪھاڻيون سنڌي سماج جي نئين فڪري تعمير ڪن ٿيون. هِن ڪھاڻيءَ جا منظرَ پڻ تيزيءَ سان تبديل ٿين ٿا، جيڪو ڪھاڻيڪار جو زبردست ڪرافٽ آھي. ڪھاڻيءَ ۾ حميد جو اھم ڪردار آھي، جنھن جي ڌيءُ روڊ حادثي ۾ مري وڃي ٿي. هُو پنھنجي” مري ويل ڌيءُ واري محبت“ سندس هڪ هم-شڪل ڇوڪريءَ سيما کي ارپڻ چاھي ٿو. پر سيما غلط فھميءَ جو شڪار ٿي مائٽن کي شاديءَ واري ڳالهہ پڪي ڪرڻ لاءِ سندس گهر وٺي اچي ٿي. ڇاڪاڻ تہ هوءَ ساڻس سَچي محبت ڪرڻ لڳي ٿي. حميد اُهڙي منظر نامي ۾ رُوئي پوي ٿو. هڪ دلچسپ لقاءُ ڪھاڻيءَ ۾ موجود آھي. ڪردارن جو جمالياتي تعارف پڻ ڪمال جو آھي. هيءُ هڪ شاھڪار ڪھاڻي احساساتي ڪھاڻي آھي. سنڌي افسانوي ادبيت ۾ اھڙي مُوضوعاتي انفراديت، قابوءَ ۾ نہ اچڻ واري ڪيفيت Indomitable واري ۽ منفرد ڪھاڻي مون ڪڏھن نه پڙھي آھي!

وفا صالح جي ڪِن ڪھاڻين ۾ ڪي خاص شيون پڻ آھن، جيڪي تصور Conceptions کي منطقيت، عقليت ۽ حقيقي دنيا کان ڏُور وٺي وڃن ٿيون. اِھڙيون شيون، لِکاريءَ جي لاشعوريت جون ساکي هونديون آھن. اسڪاٽ جيمس اُنھيءَ بابت اظھاريت Expressionism جو نظريو ڏنو هو. سندس موجب، اُھا فرد جي اندروني اظھاريت حافظي ۾ ضايع ٿي ويندي آھي. سندس موجب ڪي وڏيون ڳالهيون، عجيب ۽ غريب ڳالهيون، ڏينھن جي خوابن Day dreaming جهڙيون هونديون آھن. وَفا پنھنجي ڪھاڻين جي هيئتن ۾ مواد کي اِھڙي نموني ٽُوپي ٿو، جو اُھي ڪردارن جا جذبا صف اول جي مسند ماڻين ٿا ۽ ڪھاڻين جي منطقيت logic ڪمزور ٿي وڃي ٿي. مثال طور سندس ڪھاڻي ”پھريون پيار“ شاعراڻي عبارتن واري اسلوب ۾ لِکيل هڪ اِھڙي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ جذبا Emotions مٿين مسند تي آھن، پر ڪھاڻيءَ جي منطقيت ڪمزور آھي، ڇاڪاڻ تہ اُھا روايتي منطقيت آھي، غير رواجي ڪانهي. ڪھاڻيءَ جو مُوضوع بيروزگاريءَ ڪري پيار جي عدم حاصلات آھي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ جي ٿيوري ڏنل آھي تہ ”عورت جو پھريون پيار سندس زندگيءَ جو سرمايو هوندو آھي“ هن ٿيوريءَ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو. لمحي لمحي دنيا تبديل ٿيڻ واري لقاءَ ۾ آھي. ھاڻي عشق جا اِھڙا ڪلاسيڪي تصورَ، پنھنجي آفاقي سچ Universal truth واري حيثيت وڃائي ويٺا آھن. انڪري وفا جون ڪي ڪھاڻيون اسڪاٽ جيمس جي اظھاريت Expressionism وانگر لاشعورَ جون ساکي آھن. ڇاڪاڻ تہ انھن جي ڪردارن ۾ ڪمزور منطقيت جي ڪري ”ڏينھن جي خواب“ Day dreaming جهڙيون ڳالهيون ۽ لاشعوري طور ليکڪ جي پاران ”حافظي کي بچائڻ“ جي ڪوشش نظر اچي ٿي. مذڪوره ڪھاڻيءَ جي ٽيڪسٽ مان هڪ اقتباس پيش ڪجي ٿو، جنھن مان ڪھاڻيءَ جي خوبصورت شاعراڻي اسلوب جو اندازُ ۽ لاشعور جو ڇُھاءُ جهلڪي ٿو:

”محبت جي سفر ۾ جڏھن ڪو همسفر، راھون جدا ڪري، ساٿ ڇني وڃي ٿو تہ اھو سار جو سارس بڻجي، سدائين لاءِ من ۽ ذھن تي پنھنجا پر پکيڙي، اُڏام ڀريندو ٿو رھي . . گذريل لمحا، دکندڙ يادون ۽ ننڊاکڙا جذبا ڪر موڙي نراس سرير ۾ تحريڪ جون لھرون اُڀاري ويندا آھن. “

هڪ ڪھاڻي مَجموعي ۾ مُوضوعن جي مماثلت/ ساڳيائي similarities نہ هُجڻ گُهرجي. وفا جي ڪھاڻي-مجموعي ۾، ڪافي ڪھاڻيون موضوعاتي ممثالت جو شڪار ٿيون آھن. ڪھاڻي

”پھريون پيار“ جيان هڪ ٻي ڪھاڻي، ”نيڻن ۾ سجايل خواب“ پڻ هر طرح کان مماثلت رکن ٿيون. نيڻن ۾ سجايل خواب، ڪھاڻيءَ ۾ هڪ نوجوان وٽ پيار جي ”عدم حاصلات جو ڪارڻ “ بيروزگاري آھي. ۽ نوجوان ”ڪريم“ جو ڪردار هڪ ليکڪ، ھڪ اديب جو آھي. جڏهن تہ ”پھريون پيار “ ڪھاڻيءَ جي ڪردار جو ضمير متڪلم ۾ موجود بيانيو پڻ شاعراڻي اسلوب ۾ آھي. ڇوڪريءَ ”فاطي“جي پيءُ جو شرط هو تہ ڪريم روزگار سان ٿئي. نيٺ فاطيءَ جي شادي شھر ٿي وڃي ٿي. ڪھاڻي ”پھريون پيار پڻ ۾ ڇوڪريءَ جي شادي شھر ٿي وڃي ٿي. ٻئي ڇوڪريون (ٻنهي ڪھاڻين ) ۾ شھر ۾ شاديءَ ڪرڻ بعد سالن پُڄاڻان اچي، وڇڙي ويل نوجوان ڇوڪرن سان ملڻ اچن ٿيون. ٻنهي ڪھاڻين جا پلاٽس، مُوضوع ۽ پُڄاڻيون هڪ جھڙيون آھن. ھاڻي انهيءَ کان وڌيڪ ڪھاڻين جي ٽريٽمينٽ کي الڳ قرار ڏيڻ درست ڪونهي. ايتري مشابھت يا مطابقت نہ هجڻ گهرجي. وفا جي ڪھاڻين ۾ مُوضوعاتي ساڳيائپ Resemblance اُنڪري بہ آھي، جو سندس ڪھاڻين جي لاشعوريت ۾ اڪثر رومانويت غالب آھي. رومانويت سندس ڪھاڻين جي لاشعوريت ۾ اضافي سطح تي مرڪزي Centralization جي حامل آھي.

هونئن رومانيت ماڻهوءَ جي فطري ۽ جمالياتي خوراڪ ۽ پُر امن ذھنن جو آفاقي ورثو آھي، پر رومانيت کان سواءِ بہ ڪيترائي سماج جا وڏا ڏکَ آھن، جيئن بک، بدحالي، بيروزگاري، ناخواندگي، ڪرپشن، سرماياداراڻين پاليسين جو ميڊيائي وار، طبقاتي ڪشمڪش وغيره. وفا وٽ عشق محبت جي مرڪزيت جي شموليت بعد ئي ٻين سماجي حادثن جي اوک ڊوک ملي ٿي. جڏھن تہ عشق محبت جي غالب اثر ڪارڻ هُو ٻين موضوعن کي الڳ نج پَڻو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي نظر نٿو اچي. پر سندس ڪِن ڪھاڻين ۾ موضوعن جي هڪجھڙائيءَ باوجود، ٽريٽمينٽ ۽ ٽيڪنڪس توڙي پيشڪش کي تبديل. پڻ ڪيو ويو آھي. اُھا سندس سگهاري هنرمندي Craftsmanship آھي، جيڪا سندس اضافي خوبي آھي. سندس ڪھاڻين جي ٻي خاص خوبي اُھا آھي تہ انھن ۾ خيالن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ واري قوي سگهہ موجود آھي. خيالن کي خوبصورت بڻائڻ وارو تجربو ڪھاڻيءَ جي مواد سان تعلق رکندو آھي. هُو تخيلاتي سطح کي ائينءَ تراشي ٿو، جيئن ڪو نقش ساز پٿر کي تراشيندو هجي. هيئت، آرٽسٽ وٽ ضابطي جو قالب پڻ هوندو آھي ۽ مواد اڳ ۾ ئي ثقافتي ۽ سماجي سطح تي موجود هوندو آھي. جديد انتقاد جي تناظر ۾ ڏسون تہ لفظ، نشانَ آھن ۽ لفظن مان جڙندڙ تصورَ ڪلچر ميسر ڪندي آھي. ڪِن نقادن موجب، لفظ مواد ۾ شامل نہ آھن. هُو لفظن کي غير مجرد ۽ خيال کي مجرد سڏين ٿا. پر طوالت جي امڪان جي خوف کان اھو بحث نٿا ڇيڙيون. وفا جي فني مھارت Skill of art سندس ٽيڪنڪ ۾ پنهان آھي. هُن جي ڪھاڻين ۾ ترڪيبي اجزائن جو شعوري پُورائو نظر اچي ٿو. مثال طور سندس ڪھاڻي ”اجازت“ پنھنجي عنوان واري فڪري خوبصورتيءَ کان وٺي ڪلائيمڪس تائين ڀرپور تجسس ڏيندڙ ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ عورت جي ننڍپڻ واري شاديءَ کي معاشرتي مڪالمي طور زبردست نموني پيش ڪيو ويو آھي. هيءَ ڪھاڻي انھن عورتن کي وڌيڪ بھادر بڻائي سگهي ٿي، جَن عورتن سان اِھڙو ڏاڍ وارد ٿئي ٿو. توڙي جو ڪھاڻيءَ ۾ فلمي انداز آھي ۽ پروفس جون غلطيون پڻ آھن، پر ڪھاڻيءَ ۾ نصرت جو، ڏهن-ٻارهن سالن ۾ ٿيندڙ ”پنھنجيءَ شادي“ خلاف پاڻ قانون جي مدد وٺي ڪيس کَٽي آزادي ماڻڻ عورت زاد نظرئي Feminism کي هَٿي ڏيندڙ اتساھيندڙ ڪردار آھي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ مڪالمن جي ٽيڪنڪ پڻ شاندار آھي. هونئنءَ بہ وفا جي ڪھاڻين جون اُھي وڏيون خوبيون آھن تہ اُھي مڪالمن جي سُھڻي فن ۾ پوئيل آھن جڏهن تہ (سراسري طور) سنڌي ڪھاڻيءَ جي موجوده عهد ۾ مڪالمن وارو اسٽائل آخري پساھن ۾ آھي.

هِن ڪھاڻي جيان پيغام منتقل ڪندڙ سندس هڪ ٻي ڪھاڻي ”ڪاري“ هڪ منفرد ٽيڪنڪ واري ڪھاڻي آھي، ڇاڪاڻ تہ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان هِن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ جملو ٻن مختلف منظرن جو فيصلو ڪري ٿو. هڪ جملو ڪلائيمڪس آھي، ساڳيو جملو اينٽي ڪلائيمڪس آھي. ڪھاڻيءَ ۾ نورُ ڀر واري ڳوٺ مان برادريءَ جي ڇوڪري ساران کي ڪورٽ ۾ بيان ڏياري پرڻو ڪري ٿو، گهر وٺي اچي ٿو ته پُڻس سخت ملامت ۽ احتجاج ڪري کيس شرمندي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نُور ان وقت هڪ جملو چَوي ٿو تہ

”زندگي اولاد کي گذارڻي آھي تہ ان ۾ مرضي بہ انھن جي هلڻ گهرجي. پر جڏهن سندس ڀيڻ جنيد سان شادي ڪرڻ چاھي ٿي تہ ساڳيو ڀاءُ مٿس سخت تشدد ڪري ٿو، انھيءَ وقت پيءُ پنھنجي پُٽ نور کي ساڳيو جملو چوي ٿو تہ

”زندگي اولاد کي گذارڻي آھي تہ ان ۾ مرضي بہ انھن جي هلندي نہ . . . !“

ڪھاڻيءَ جي صنف جو فَن پنھنجي الڳ نزاڪت رکندڙ فن جو گُهرجائو هوندو آھي. جڏهن موجوده پوسٽ ماڊرن زندگيءَ ۾ نظم ضبط ڪونهي تہ ڪھاڻيءَ ۾ نظم و ضبط ڪٿان جنمي سگهبو؟ انڪري اڄڪلهہ اڪثر ڪھاڻين ۾ پلاٽ سري کان موجود ڪونهي يا وري پلاٽ ڪمزور آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار معروضي ۽ موضوعي ٽڪراءَ جو شڪار ٿي وڃن تہ پوءِ پلاٽ پيچيده بڻجي ويندو آھي. ڪھاڻيءَ جو مُنڍ، وچ/عروج ۽ پُڄاڻي، ٽئي پلاٽ جي ڏور اُڻين ٿا. تڏھن ئي ڪھاڻيءَ ۾ منطقي تسلسل قائم ٿئي ٿو، جيڪو پڙھندڙ جي ويجهڙائيءَ Nearness برقرار رکي ٿو. وفا صالح جي ڪھاڻين ۾ پلاٽ سگهارا آھن، توڙي جو اُنهن ۾ وچ ڪِٿي ڪمزور، اَڻ لکو ۽ ”گهٽ پل زنده رھندڙ“ هوندو آھي. سندس ڪھاڻين جي واقعن مان، ڪھاڻيون، ڪھاڻي-پڻو ماڻين ٿيون، جيئن سندس ڪھاڻي ”ٻہ جريب“ آھي. هن ڪھاڻيءَ ۾ ڀاءُ مانجهي، ٻن جريب زمين ملڻ عيوض پنھنجي اَٻوجهہ ۽ معصوم ڀيڻ شميءَ سان ماستر خانوءَ پاران ٿيندڙ جنسي زيادتي معاف ڪري، خوامخواه خوار ڪرڻ “ جو الزام ماسي جنت تي لڳائي وٺي ٿو. ڪھاڻيءَ جي نقطہ نظر The point of view موجب، ٻہ جريب زمين شميءَ جي ڪردار کي ڪاريءَ مان اڇو ڪري وجهي ٿي. سماج لاءِ هن پوائنٽ تي ڪھاڻي وڏي گهرائي آڇي ٿي.

ڪھاڻيءَ ۾ نقطہ نظر The point of view مان اندازو ڪري سگهبو آھي تہ آرٽسٽ / فنپاري جي فنڪار شخصيت، زندگي، سماج ۽ ڪائنات بابت ڇا نقطہ نظر آھي؟ وفا جو نقطہ نظر سماج بابت ڇا آھي؟ اُھو سڀ ڪجهہ سندس ڪھاڻيون ٻُڌائن ٿيون؟ سماج بابت سندس ادبي نقطہ نظر ڪيترو مناسب Relevant آهي؟ سندس ڪھاڻي ”ڪارو ڌاڳو“ هن سماج جي لاءِ هڪ عڪاس نقطہ نظر آھي. ڪھاڻيءَ ۾ وڏيرو علڻ پاڻ تہ ٻين جي نياڻين سان عياشي ڪري ٿو، پر سندس ڌيءُ سان ڪاري ڌاڳي جي بھاني سان جنسي عياشي ڪندڙ ڀورل شاھ کي موت جي ننڊ سمهاري ٿو. سنڌي سماج ۾ ائين ٿئي ٿو؟ هاڻي اُن فڪشن جي سماجي حقيقت واري سچائي پاٺڪ جي پنھنجي شعوري منشا جي منتظر آھي. سنڌي سماج جي تباھيءَ جا ٻہ اهم سبب وڏيرڪي سماج جي تشڪيل، قدامت ۽ پير پرستي رھي آھي. چوٿون اھم فيڪٽر هن وقت عالمي وبا ڪرپشن جو آھي. وفا صالح جي ڪھاڻين جي فڪري تشڪيل ۾ ڏِسجي ته سندس ڪھاڻين جا چھرا، لفظن جي آرسين ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ ڏانهن وڃن ٿا. هُو سماج جي ڪڙي سچ کي ڪھاڻيءَ ۾ جذب ڪرڻ جو احسن آرٽ ڄاڻندڙ ڪھاڻيڪار آھي. سندس ڪھاڻي ”رکوالي“ ترجمو ڪري عالمي ادب ۾ پيش ڪري سگهجي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ڇڙن نوجوانن جو مزاح ڀريو منظر آھي. هڪ ئي منظر ۾ ڪھاڻي شروع ٿئي ٿي. ساڳئي منظر ۾ اھا پنھنجي پلاٽ جي ڏوريءَ ۾ عروج/ وچ Conflict ماڻي ٿي ۽ ساڳئي منظر ۾ زبردست نتيجه خيز پُڄاڻي Climax تائين رسد ڪري ٿي. بنا زمان مڪان جي بدلاءَ جي باوجود، اھڙي مضبوط ڪھاڻيءَ جو سرجڻ وارو عمل جھڙي تھڙي ڪھاڻيڪار جي وس کان ڳرو آھي. مُوضوعاتي توڙي فڪري سطح تي هيءَ ڪھاڻي سماج ۾ پوليس جي منفي ڪردار کي نھايت آرٽسٽڪ انداز سان کولي، پتِ وائکي ڪري ٿي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي تہ پوليس ڳاڙهي بازار وسيلي معاشري جي ڪيئن ”رکوالي“ ڪندي آھي؟ ڪھاڻيءَ ۾ ڇڙن جا چرچا ڀوڳ هڪٻئي سان کِل مسخري پڻ مزيدار آھي ۽ ڪھاڻيڪار جي ٽيڪنڪ جو ڪمال اُھو آھي تہ کل ڀوڳ ۾ معاشري جي هڪ سنجيده مسئلي کي فني قابليت سان پيش ڪيو ويو آھي. ڪھاڻي ”ترن جو تيل“ وفا جي هڪ نارمل ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ هُن ٽي ايم او ۽ سندس ڪارندن جي ڪرپشن وائکي ڪري ٿو. پر هيءَ ڪھاڻي فني طور هڪ ڪمزور ڪھاڻي آھي،جڏھن تہ ڪھاڻيڪار جي هن سماج بابت نقطہ نظر ضرور سامھون اچي وڃي ٿو.

وفا صالح وٽ جي ڪھاڻيءَ جي فن ۾ خوبيون توڙي ڪَميون پيشون ٻيون بہ آھن، جيئن سندس ڪھاڻين جا ڪي ڪردارَ ڪاليج لائيف ۾ ئي عشق ۾ ڦاسي پون ٿا، جنھن مان سماج ۽ تعليم ڏانھن مثبت پيغام ڪونہ ٿو وڃي. سندس ڪھاڻي ”اکيون ۽ عشق“ هڪ اھڙي بنا منطقيت تي جوڙيل ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ مصنوعيت وڌيڪ لڳي ٿي. عابد ۽ عائشہ ٻنهي ڪردارن کي هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪاليج لائيف کان عشق ڪندي ڏيکاريو ويو آھي. عابد جو انجام ”تنھائيءَ سان شاديءَ وارو تصور“ پڻ سماج ڏانھن مايوسي منتقل ڪرڻ جو محرڪ جنمي ٿو ۽ سندس هڪ ٻي ڪھاڻي ”اوجاڳو، درد ۽ راتيون“ ۾ توڙي جو شروع ۾ ائين ٿو لڳي تہ هيءَ ڪھاڻي، هڪ شاعر جي ڪردار کي مضحڪہ خيز تماشو بڻائڻ مترادف ڪھاڻي آھي. پر مُوضوعاتي طور تي هيءَ هڪ منفرد ڪھاڻي آھي. هِن قِسم جي ڪھاڻي سنڌي افسانوي ادب ۾ پڻ پھريون دفعو پڙھڻ نصيب ٿي آھي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ وفا صالح تخليقڪار جي ڪُل ملڪيت سندس ”تخليقي ڪم“ کي ثابت ڪري ٿو، شاعر کي ڦُر ٿيڻ واري منظر نامي کي هُن نھايت نزاڪت ۽ ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو آھي. هن ڪھاڻيءَ جو عنوان ”نچوڙيل نُور“ رکجي ها تہ وڌيڪ بھتر هو. ڪھاڻي غزل جھڙي عروضي صنف وانگر، فن جي گهڻي نزاڪت گُهرندي آھي. غزل روز ڪئين تخليق ٿين ٿا، پر ڪو هڪ اڌ غزل فن ۽ فڪر جي ساھميءَ تي پُورو لھندو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ناول جي اُبتڙ، پيمانا محدود هوندا آھن. وفا صالح جون باقي ڪافي ڪھاڻيون احتياط سان سرجيل آھن. ڪھاڻي سرجڻ وقت تخليقڪار کي اِھڙو احتياط ڪرڻ گُهرجي. ڪھاڻيءَ ۾ پيچيده پلاٽن کان وفا صالح ڇوٽڪارو وٺي بيھي ٿو ۽ ڪھاڻيءَ جي فن سيٽ ڪرڻ ۾ گهڻي دلچسپي رکي ٿو. پيچيده پلاٽن ۾ توڙي جو غير متوقع نتيجا ٿين ٿا، پر اُلجهن پيدا ٿيڻ جو امڪان ۽ خوف لاحق هوندو آھي. وفا صالح جون ڪھاڻيون شاعراڻي انداز کان سواءِ عام وهنواري سماجي-لسانيات sociolinguistics واري نوعيت جو اسلوب رکن ٿيون، جنھنڪري هر مڪتب فڪر ماڻهو هِنن ڪھاڻين کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. سندس ڪِي ڪردار زندگيءَ جا پھلو وساري ويھن ٿا. ڪِٿي زندگيءَ جي اعليٰ تصورن کان گُسي وڃن ٿا. پوءِ بہ سندس ڪھاڻيون سماج جي عام ڪردارن جي عام ڳالهين واري پکيڙ ۽ درجو Dimension ۽ ڪا مام رکن ٿيون.

 

(روزانه هلال پاڪستان اخبار ۽ روزاني آجيان شڪارپور سنڌ ۾ ۲۸ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment