وفا صالح راڄپر جي ڪھاڻين
جي هيئت، سماج ۽ نقطہ نظر
خليق ٻگهيو
ڪھاڻي ادب جي هڪ اھڙي صنف آھي، جيڪا نہ صرف ذھني شعور جي آبياري ڪري ٿي، پر اندر جي گمنام مسرتن کي پڻ دريافت ڪري ٿي. شاعري اتھاس جو آئينو بہ آھي تہ اِستقبال جي نويد بہ. ڪھاڻي ڏُکن جي ميراثَ بہ آھي ته ڇوٽڪاري جو آثارُ بہ هوندي آھي. آکاڻي/ ڪھاڻيءَ جي شروعات اِيتري ئي قديم آھي، جيتري قدامت انسان هن ڌرتيءَ تي رکي ٿو. مصر، يونان ۽ هندستان ڪھاڻين جي وجودن جا قديم ديسَ رھيا آھن. اتھاس جي روشنيءَ سان سڌ پوي ٿي مصر ۾ ڪھاڻيون جي وجود ۾ اچڻ وارو زمانو ٽي هزار کان چار هزار قبل مسيح آھي. ڪِن محققن موجب، هنن ڪھاڻين جو وجود گهٽ ۾ گهٽ اٽڪل ٻہ هزار سال قبل مسيح چئي سگهجي ٿو. اُھي هزارين قبل مسيح ڪھاڻيون مُوضوعاتي طور تي فطرت کان مٿانھين قوتن، فطرت بابت ۽ جادوءَ ۽ منتر متعلق آھن. هيءُ اُھو زمانو آھي، جڏهن ڪھاڻيون وڻن جي ٿُڙن، پَنن تي لِکيون ويون. هنن ڪھاڻين کي The tales of magicians پڻ سڏيو وڃي ٿو. ٻہ سَئو قبل مسيح ۾ فيبرس جون جمع ڪيل ڪھاڻيون Aesop’s Fables ملن ٿيون. رگ ويد جي ڪھاڻين جو زمانو هڪ هزار قبل مسيح بيان ڪيو وڃي ٿو. مھاڀارت، رامائن ۽ رزميہ ڪھاڻين، فارسيءَ ۾ شاھنامہ فردوس وغيره کي پڻ قدامت حاصل رهي آھي. جڏھن داستان، قِصو ۽ آکاڻيءَ جو ارتقائي تخليقي سفر مختصر ترين هئڻ تي پھچي ٿو، تڏهن جديد کان جديد ترين ڪھاڻيءَ جي تشڪيل جو نمونو بڻجي وڃي ٿو. داستان، آکاڻيءَ جي نه صرف فني بناوت ۾ مختصر-پَڻو پيدا ٿئي ٿو ،پر فڪري سطح تي پڻ تخليقي ادب جي اُھا صنفي شڪل ماڻهوءَ کي وقت جي زيان کان بچائي وٺي ٿي. منھنجي خيال ۾ هر عھد ۾ جيڪا تخليقي ادب جي صنف وڌيڪ پُراثر هجڻ سان گڏوگڏ ديرپا اثر قائم ڪندڙ ادبي صنف رهي آھي، سا ڪھاڻي آھي. بشرط ڪھاڻي ”ڪھاڻي“ هُجي. ڪھاڻيءَ جي ”ڪھاڻي“ هُجڻ مان مراد، ڪھاڻيءَ مان ”تاثر جي وحدت “ مقصود آھي، جيڪا ڪھاڻيءَ جي هُنر منديءَ ۾ سُئي جي ٽُوپي جيان هوندي آھي. فني سطح تي تاثر جي وحدت جي هڪ ڌاڳي ٽُٽڻ سان، ڪھاڻيءَ جو تسلسل ٽُٽي پوندو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ تاثر جي وحدت واري ڳالهہ ايڊگر ايلين پو Edgar Allan Poe ڪئي هئي، جنھن موجب، هڪ سُٺي مختصر ڪھاڻيءَ ۾ تاثر جي وحدت ۽ ھم آھنگي ضروري آھي. مختصر ڪھاڻيءَ جي بنياد قائم ڪرڻ ۾ ايڊيگر ايلين پو ٽئين نمبر تي هو. اُنھيءَ کان اڳ اوڻويھين صديءَ جي شروعات ۾ واشنگٽن اروِنگ Washington Irving اسڪيچ بُڪ لِکي ڪھاڻيءَ جو بنياد رکي چُڪو هو. اوڻيھين صديءَ جي اڌ ڌاري سنڌي ٻوليءَ ۾ نثري آکاڻيءَ جي شروعات منشي اڌارام ٿانور داس راءِ ڏياچ ۽ سورٺ سان ڪري ٿو. ڪھاڻيءَ جي شروعات محققَ، غلام حسين قريشيءَ جي لکيل ڪھاڻيءَ ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهہ“ کان ڪن ٿا. اُنهيءَ کان پوءِ سيد ميران محمد شاھ (اول) جي ڪھاڻي ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري“ جو ذڪر ملي ٿو. اردو ادب ۾ مختصر ڪھاڻي واري تاريخ متضاد رھي آھي. ڪي پريم چند تہ ڪي سجاد حيدر يلدرم کي پھريون ڪھاڻيڪار قرار ڏين ٿا. ڪي مورخ راشد الخيري، سلطان حيدر جوش ۽ نياز فتح پوري کي شروعاتي ڪھاڻيڪار سڏين ٿا.
