Wednesday, March 8, 2023

اندرا شبنم جي ڪھاڻين جي نفسيات ۽ عورت-زاد نظريي وارو جُهڪاءُ - خليق ٻگهيو

اندرا شبنم جي ڪھاڻين جي نفسيات ۽ عورت-زاد نظريي وارو جُهڪاءُ

(تنقيد)

خليق ٻگهيو

ڪھاڻي ڇا آھي؟ اُن بابت ڪا حتمي راءِ ته ڪڏھن نٿي ڏَئي سگهجي. ڪھاڻي اتهاس به آھي ته استقبال به آھي. ڪھاڻي سماج ۾ واقع ٿئي ٿي ۽ ڪھاڻي افسانوي رنگت ۾ رنڱجي تخليق پڻ ٿئي ٿي. ڪھاڻي سماج مان ڦُٽي ٿي ۽ ڪھاڻي خود سماج پڻ جنمي ٿي. ڪھاڻي شعوري آبياريءَ جو ماخذ به آھي ته ڪھاڻي حياتيءَ جي نئين ترتيب، نئين نظم، نئين ضابطي جو پڌرنامو به آھي. ڪھاڻي حالَ جي آرسي به هوندي آھي ته ساڳئي وقت، جبريت مان ڇوٽڪاري جا محرڪ بخشيندي پڻ هوندي آھي. اولهه جو مفڪر H. E. Bates ڪھاڻيءَ بابت چئي ٿو ته؛ ”ڪا اھڙي وصف يا پيمانو نه آھي، جيڪو ڪھاڻيءَ جي ساخت تاثر ۽ حُسن جو مڪمل معيار طئه ڪري سگهي. جهڙيءَ طرح آسمان سِرُن جو ٺهيل ڪونهي، اِھڙيءَ طرح ڪھاڻي به سانچن ۽ فريمن جو ٺھيل مجموعو نه آھي. “ منھنجي خيال موجب، ڪھاڻيون شفاف آئينا آھن، جن جي آر پار زندگيءَ جا ڪئين منظرَ پَسي سگهجن ٿا، جَن منظرن ۾ زندگي ڪِٿي ٿَڪل آھي ته ڪِٿي زندگي مُتحرڪ ۽ توانا آھي، ڪِٿي ڏُکن جو سج لهي ئي نٿو ته ڪِٿي سڀ ڪجهه هُوندي به ڪروڌ جا جهنگ آھن. ڪِٿي بُک، موت جو محرڪ آھي ته ڪِٿي ٺٺ-ٺاھ ۽ زندگي مذاق بڻيل آھي. پکي-پکڻ، ماڻهو مرون، جيت سڀ ساھوارا زندگيءُ جو ڳرُ آھن. آرٽسٽڪ نگاھَ، اُنهن جي جيوت ۾ نزاڪتون ڳولي لهي ٿي. فضائن جي ورلاپَن جو سماع صرف حساس-دليون ئي ڪري سگهن ٿيون، جيڪي دليون ڪھاڻيڪار هجن. دلين جي اُونهائين مان صرف هڪ مُصور روح، درد تي مرهم رکي سگهي ٿو، جيڪو تحرير-پنڌ جو پانڌي هجي. لاشعورَ جي نٽھڻ-اُس جي شدت هڪ سچي تخليقڪار جي حساسيت کان ڏُور نه هوندي آھي. ننڍپڻ ۽ جوڀن ۾ رُوح تي آيل رھنڊن، زخمن ۽ چاھتن جي جوڳ-سنجوڳ توڙي پيريءَ ۾ کاڌل ڌِڪن جي عذابن کي هڪ سچيت ڪھاڻيڪار جي اک ئي چڱي طرح پروڙي سگهي ٿي.

ڪھاڻي، ناول جو بنياد آھي. ڪمزور ڪھاڻي سرجيندڙ مضبوط ناول لِکي سگهي ٿو؟ ڪھاڻي انڪري وڌيڪ اھم آھي. ڪھاڻي، ناول جي مقابلي ۾ هن جديد دَور ۾ جلد نتيجو ڏيندڙ صنف آھي. ناول پڙھندي، ڪنھن به احساس جي شدت گهڻي وقت تائين برقرار نه رھندي آھي، پر ڪھاڻي پڙھندي هڪ تاثر جي تاثير ۽ سحر انگيزي ڪافي وقت تائين برقرار رھندي آھي. ناول گهڻ-پاسائتي هئڻ جي ڪري پاٺڪ لاءِ ڪڏھن ديرپا مونجهارو خلقي ٿو. گهڻ پاسائتي زندگي، جيڪا ناول ۾ پلجي ٿي، سا ڪافي اجائي پٽاڙ جو شڪار پڻ لڳندي آھي، پر ڪھاڻي زندگيءَ جي هڪ ئي پهلوءَ کي گهرائيءَ سان سمجهڻ جو موقعو ميسر ڪندڙ ٿي سگهي ٿي. سنڌيءَ ۾ اڄ تائين لکجندڙ تخليقي ادب ۾ ناول کان ڪھاڻي معيار ۾ وڌيڪ سگهاري بيٺي آھي ۽ ناولائي-ادب، نون نظرين جي تجربن جي باوجود اڃان سنڌي ادب ۾ ارتقائي منزلن تي بيٺو آھي. سنڌي جديد ترين ناولن تي اڃان وڌيڪ تنقيد سامهون اچڻ بعد ڪنھن نتيجي تي پھچي سگهجي ٿو.

ڪھاڻين جا ڪِي اِھڙا آئينا، هندُ-سنڌ جي ڪھاڻيڪاره اندرا شبنم پونا والا جي ڪھاڻي-ڪتاب ”عشق عبادت“ ۾ پڻ ڏِسي سگهجن ٿا، جن جي ڪِن آرسين ۾ زندگي شفافيت Transparent آھي ته ڪٿي ڪو عڪس ڌنڌلو پڻ آھي. بقول سنڌ جي ڪھاڻيڪاره سيما عباسيءَ جي ته ”اندرا شبنم جو شمار سندري اتم چنداڻي، پوپٽي هيراننداڻي، ڊاڪٽر سررا ديوي، ڪلان پرڪاش، ريٽا شاھاڻي، وينا شرنگي ۾ ڪري سگهجي ٿو.“

اندرا شبنم پوناوالا جو هيءُ ڪتاب ”عشق-عبادت“، ”مُرڪ پبليڪيشن“ شايع ڪيو آھي. هِن ڪتاب ۾ ٻارهن ڪھاڻيون ڏنل آھن. جڏهن ته مھاڳ مدد علي سنڌيءَجو لِکيل آھن. مدد علي سنڌيءَ جو هيءُ مھاڳ ڪو خاص نه هڪ عام لکيل مھاڳ آھي، جنھن ۾ اندرا جي ٽن چَئن ڪھاڻين جي ذڪر کان سواءِ ٻيو ڪجهه خاص مواد موجود نه آھي. ڪتاب جي اندر، هنن ڪھاڻين تي لکمي کلاڻي، گوبند مالهي، فرزانه شاھين، سيما عباسي ۽ عبدالواحد سومرو جا نڪته-نظر شامل ڪيا ويا آھن. اُنهيءَ کان سواءِ مرتضيٰ لغاريءَ جو پبلشر نوٽ پڻ شامل آھن. سيما عباسيءَ جي تحرير ۾ اندرا جي ڪھاڻين تي ٿوري تنقيد پڻ آھي. فرزانه شاھين سندس ڪھاڻين جي گهرائيءَ ۾ لهڻ برعڪس هڪ سندس ڪم تي سراسري تاثر لِکيو آھي، جيڪو انتقاد ۾ معاون ڪونهي، پر لکمي کلاڻي ۽ گوبند مالهيءَ جا نڪته نظر دلين کي ڇُھاءُ بخشين ٿا، پر الميو آھي ته ٻنهي جا موقف مختصر آھن. هندُ ۾ شايع ٿيندڙ سنڌي ڪھاڻين ۽ هندُ جي تنقيدي ادب تائين پنھنجي رسد ممڪن ڪانهي، پر هيءُ ڪتاب سنڌ ۾ شايع ٿيو ته پياري دوست، هن ڪتاب جي پبلشر مرتصيٰ لغاريءَ ٿورا ڪري ڪتاب پوسٽ ۾ ڏياري موڪليو آھي.

اندرا شبنم جي ڪھاڻين ۾ ڇا آھي ۽ ڇا نه آھي؟ جيڪو ڪجهه آھي، سو ڪھڙن زاوين يا رُخن کي پيش ڪيو ويو آھي؟ ڪِٿي سندس ڪھاڻين ۾ اڻ-ڇُهيل زندگي، اڻ ڇھيل رويا، اَڻ-ڇُھيل سوالَ آھن يا اُنهن ۾ ڪِي خالَ آھن؟ ڌرتيءَ جي بدلاءَ ڪارڻ، بحيثيت هندُ جي سنڌي تخليقڪاره هن جي سوچن جي انفراديت ڪٿي پنهان آھي؟ هندُ-سنڌ جي ڪھاڻين ۾ موضوعاتي فرقَ ڪھڙا آھن؟ مِٽيءَ جي خوشبوءَ جي هُوند، اڻ-هُوند ڪري ڪھاڻيءَ جي شعوري توڙي فني آبياريءَ ۾ ڪھِڙيون هڪجهڙايون ۽ تفاوت آھن؟ اِھڙن قِسمن جا سوال، منھنجي چوڌاري ڦري رھيا آھن، جڏھن آئون هن ڪتاب جو تنقيدي مطالعو ڪري رھيو آھيان. شايد هتي ڪِن ٿورن سوالن جي جوابَ شعوري يا لاشعوري طرح ڳولي وٺون!

اندر شبنم جون ڪھاڻيون پڙھندي، محسوس ٿئي ٿو ته سندس ڪي ڪھاڻيون حيرتن جي حدن کي ڇُهي وٺن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اِھڙين ڪھاڻين ۾ هڪ غير امڪاني صورتحال آھي. پڙھندڙ ڪردارن جي عملن کي هڪ ٻئي رُخ ۾ وٺندو پڙھندو وڃي ٿو، پر جڏھن اُھي ڪهاڻيون عروج کان ٿينديون ڪلائيمڪس ۽ نڪته نظر Point of view ڏانهن وڃن ٿيون ته ڪھاڻين جو قضيو / جنگ Conflict عجيب رُخن ڏانهن اچي بيھي ٿو ۽ اُنهن ڪھاڻين جون پُڄاڻيون غير امڪاني طور کِسڪي وڃن ٿيون. سندس ڪِن ڪھاڻين جا ماحولَ ۽ ڏيک-ويک روايتي نٿا ڀائنجن، ڇاڪاڻ ته Flashback ۾ سندس ڪھاڻين جا ڪردارَ ڳوڙھائي طور لاشعور جا در کڙڪائي وٺن ٿا ۽ نفسيات جي موضوعَ کي پڻ پنھنجي حصار ۾ آڻي بيھاري وٺن ٿا. جيئن سندس ڪھاڻي ” احساس ڪمتري“ هڪ اِھڙي ڪھاڻي آھي، جنھن ڪھاڻيءَ جي سموري عرق-سازي لاشعوريت مان نڪري نروار ٿئي ٿي ۽ عورتن جي نفسياتي مسئلن جي ڪِن نفسياتي سرحدن جو ڏس-پتو ملي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ مونيڪا هڪ اِھڙو ڪردار آھي، جيڪو ڪردار، ڪيترن ئي اھِڙين عورتن جو ڪردارن جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪي عمر جي چڪر ويوه ۾ ڦاسي پنھنجي ئي وجود جو دشمن بڻجي پون ٿيون ۽ اُنهيءَ چڪر ويوهه مان سموري عمر نڪرڻ جو سعيو ئي نٿيون ساري سگهن. ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي ته مونيڪا، بي ڏوهي ڇوڪرن کي پڻ ڏوهي سمجهي ٿي. کيس وهم آھن ته اُھي سندس ڪڍ لڳن ٿا. کيس ڏِسي هُوڪرون ڪَن ٿا. گانا ڳائن ٿا ۽ کيس تنگ ڪن ٿا. اُھي شڪايتون هوءَ بار بار پنھنجيءَ ساھيڙي سريتا کي ڏِئي ٿي. جڏھن ته حقيقت ۾ اِھڙو ڪجهه موجود ئي نه هوندو آھي. ڇوڪرا سندس پٺيان ئي نه هوندا آھن. مونيڪا پنجونجاھ سالن کان مٿي عمر جي هوندي به، عُمر وساريندي، اڇن وارن کي ڪارو يا برائون ڪرڻ، بيوٽي پارلر ۾ وڃڻ، مالشون ڪرائڻ، ناز ونخرن سان ڳالهائڻ پاڻ کي ڪشوري/ نوجوان Teenager محسوس ڪرائڻ وارو غير رواجي وهنوار ڪري ٿي. سندس وجود جي آس-پاس واريون شيون وِکريل آھن. کيس مردن کان اجايو نفسياتي خوف آھي ته اُھي کيس ڪَچو کائي ڇڏيندا. کيس خوبصورت عورتن کان پڻ چِڙ آھي ته اُھي ٻين عورتن جو حق مارين ٿيون. ڪھاڻيڪاره جو فَن اُھو آھي ته هُن ڪھاڻيءَ جي ڪردار جي پُڄاڻيءَ کي وڏي ڪرافٽ سان پاٺڪ جي تحليل-نفسيءَ psycho-analysis جي حوالي ڪيو آھي. مونيڪا، جيڪا ذھني دنيا ۾ ايبنارمل آھي، تنھن جي سرتيءَ سريتا کي سندس ئي نفسياتي مسيحا ڪندي، سندس شخصيت جي نھايت هنر منديءَ مختلف موقعا ۽ ماحولَ ميسر ڪري سندس شخصيت جي تحت الشعور جي اُکول ڪندي سندس تحت-الشعور sub-conscious مان ماضيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ احساس محروميءَ، اداسيءَ ۽ ڏکن کي دريافت ڪري وٺي ٿي، جنھن ڪوشش تحت مونيڪا کيس ٻُڌائي ٿي ته”هوءَ ننڍي هوندي کان صاف رنگ جي نه هئي. سندس ٻه ڀينرون صاف رنگ جون هيون. سندس ماءُ سندس لاءِ ڇڊي رنگ جا ڪپڙا وٺندي هئي ۽ سندس ڀينرن لاءِ، گهاٽي رنگ جا ريشمي ۽ اُوچا ڪپڙا. سندس ڀينرن جون جلدي شاديون ٿي ويون، پر سندس شادي دير سان ٿي، سو به سندس مڙس کيس ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ ته هُن سرير کي جاڳايو، سجايو ۽ سنواريو، پر اولاد پيدا ڪرڻ نه چاھيو. نيٺ سندس مڙس ٻي شادي ڪري ورتي، ڇوته سندس جسم به پراڻو ٿيندو ويو هو. “

ڪھاڻيءَ ۾ اُھو نه ڏيکاريو ويو آھي ته هوءَ اولاد پيدا ڪرڻ ڇونه چاھي ٿي؟ هوءَ يورپ جي ڪِن عورتن جيان فارورڊ آھي يا اھڙي فيمنسٽ عورت آھي، جيڪا عورتن کي اولاد پيدا ڪرڻ جي مشين سمجهڻ تي اعتراض رکي ٿي؟ اُھي اھڙا ڪھاڻيءَ جا خال آھن، جيڪي ليکڪا خالي ڇڏيا آھن، جنھنڪري ڪھاڻيءَ ۾ ڏوھي ڪردار جي خبر نٿي پوي ته ڪير ڏوهي رھيو مونيڪا يا سندس گهوٽ؟ پر هِن ڪھاڻيءَ ۾ مونيڪا جي لاشعوري شخصيت ۽ سندس جبلتن Intinctions جي رُونمائي ٿئي تي. سماج اندر اِھڙين عورتن جي نفسي-جبريت Psychic Determination کي ادب وسيلي پرکي سگهجي ٿو، نفسيات ۾ جَن وٽ پنھنجي ذات جو تحفظ Ego سان تعلق رکي ٿو. مونيڪا ڀَٽڪندڙ آتما جو ڪردار آھي، جيڪا ذھني-دٻاءَ جي ڪري ناخوش Unpleasure آھي. هُن جي انا Ego کيس فڪر منديءَ Anxiety ۾ وجهي ٿي. مونيڪا وجود جي ساڃهه ڳوليندي مئل منُ کڻي نفسياتي خوف ۾ رهي ٿي ۽ وقتي بدحواس ٿئي. ڪھاڻيءَ کي بي نتيجي ڇڏڻ جو مقصد، ڪھاڻيڪاره جي پاران اُڀاريل اھو سوال آھي ته ڇا حالتن جي شڪار مونيڪا هن چڪرويوه مان نڪري سگهندي؟ هِن ڪھاڻيءَ جو عنوان پڻ ”چڪرويوه“ رکڻ گهرجي ها. ڇاڪاڻ ته مونيڪا جهڙي عورت جو ڪردار، عمر جي فقط چڪرويوه ۾ بند ڪرڻ جي عيوض، سمورن نفسياتي الجهنن نفس id or libido جي دائري ۾ اچي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ مونيڪا معاشري ۾ لاشعوري شخصيت وسيلي وجودي بقا جي جنگ وڙهي رھي هئي ۽ شعوريت جي عقلي ٻَنڌڻن کي ڄاڻي-واڻي نظر انداز ڪري رھي هئي. فلسفي جي لحاظ کان سندس ڪردار ڪنھن قدر وجوديت جي فلسفي جهڙو آھي. مونيڪا جي حِسي ادراڪ Sensory perception، جيڪي سندس شخصيت ۾ نظر اچن ٿيون، سي نفسياتي علم جي روشنيءَ ۾ ڏِسجن ته سندس شخصيت مسلسل ڀڃ-ڊاھ ۾ رھي ٿي. انڪري مونيڪا جي ڪردار جي نفسياتي ۽ وجودي جنگ، جيڪا ناڪاري رخن ۾ پڻ ھئي، سا گهڻ-رُخي چڪرويوه جو شڪار هئي، موضوعاتي طور تي پڻ اُھااھا رڳو ايج ڪرائسس تائين محدود ڪونه هئي.

هن مجموعي ۾ ٻي اھم ڪھاڻي ” وھڪري جو موڙ “ آھي. هن ڪھاڻيءَ ۾ اندرا شبنم، نھايت ڪرافٽ سان زندگيءَ ۾ روحاني وھڪرن جي مُڙڻ واري حالت جي عڪاسي ڪئي آھي. ڪھاڻي پڙھندي حيرت ۾ اچي وڃجي ٿو ته حالتون انسان کي ڪٿان کان ڪٿي اچي بيھاري وٺن ٿيون!؟ هيءَ ڪھاڻي نھايت دلچسپ ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيءَ جو تجسس پَڇاڙيءَ ۾ پُڄاڻيءَ وقت صرف هڪ لفظ تي ٽُٽي، ڪھاڻيءَ جو ڪلائمڪس بڻجي وڃي ٿو. هڪ لفظ تي ڪلائيمڪس ٽُٽڻ هڪ انوکو تجربو ۽ فني ڪمال آھي، جيڪو ا ڳ مون ڪنھن ڪھاڻيءَ ۾ نه ڏٺو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ هڪ ليکڪا-ڪردار آھي، جنھن جي مڙس وٽ مال-ملڪيت جي ڪَمي ڪانهي، پر ليکڪا جي زندگيءَ جو نرم گوشو Soft corner نرتيه، سنگيت، چترڪلا ۽ ساھت/ادب آھي. ڇاڪاڻ ته سندس دل اڃايل آھي. بقول ڪھاڻيڪاره جي سندس مَن ڪُومايل هو. هڪ حادثي ۾ سندس مڙس به گذاري وڃي ٿو. سندس ڌيءُ رچنا کيس قلمي دوست جي ائڊريس آڻي ڏئي ٿي ۽ کيس چَئي ٿي ته:

”ممي هن شخص جون پسندگيون بلڪل تو جهڙيون آھن. ساھت ۾ شوق، چترڪلا، قدرت سان پيار، ڳوڙھين وشين جهڙوڪ منووگيان ۽ فلاسافيءَ تي ويچار ونڊڻ، پُراڻن فلمي، غير فلمي گيتن سان پيار ۽ گنگنائڻ. ممي بس خط لک ۽ پنھنجي ائڊريس به لک!“

ماءُ کيس روڪيندي چوي ٿي ته هن ۾ عمر لکيل ڪٿي آ؟ اِھڙا ويچار رکندڙ ٻار ته نه هوندو. پر رچنا نٿي مُڙي. سندس پاران خط لِکي ٿي ۽ پوءِ جلدي ٻنهي طرفن کان خطن جي برسات شروع ٿي وڃي ٿي. رچنا جي خط لکڻ بعد، سندس ماءُ جون راڪيش سان دل جون ڳالهيون شروع ٿي وڃن ٿيون. هاڻي ڀانئي ٿي ته ڄڻ بھار اچي وئي. خطن ۾ وِسريل گيت دُھرائي ٿي. خطن ۾ ادبي ۽ رومانوي ڪچهريون لکجڻ لڳن ٿيون. هوءَ سمجهي ٿي ته سندس ڌيءُ ڄڻ وري کيس ڄڻ جيئرو ڪري ورتو آھي. پر جڏھن راڪيش سندن گهر اچي ٿو. جنھن سان هوءَ پيار ڪرڻ لڳي هئي. ته هوءَ ڏِسي ٿي ته راڪيش چويهن پنجويهن سالن جو نوجوان آھي. سندس ڌيءُ رچنا پنھنجي ٻانهن ۾ راڪيش کي جَڪڙي وٺي ٿي ۽ راڪيش به رچنا جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائي نرڙ تي هڪ مٺي ڏئي ٿو. اُھو ڏِسي سندس اکين اڳيان اوندھ ڇائنجي وڃي ٿي. جنھن لاءِ سندس نَس نَس ۾ پيار پَلٽجي پيو هو، سو هي اُھو ساڳيو راڪيش آھي. حيران ٿي وڃي ٿي. ڏُکي عمر -ساعت Age - Crisis جي اسٽيج تي پھچيو وڃي ٿي، پر هتان رومانوي وھڪرو واپس وهڻ شروع ٿئي ٿو. هاڻي هوءَ جلدي نلڪي تان مُنھن ڌوئي ميڪ اپ لاھڻ شروع ڪري ٿي. سينڌ وٽ اڇن وارن کي لڳايل ڪاري پينسل اُگهي ٿي. مٿي تي پلئه ڪري ٿي. رچنا ڊوڙندي چويس ٿي؛ ”ممي ڏس تنھنجو راڪيش آيو آھي!“ پر موٽ ۾ پُختائيءَ سان هوءَ راڪيش ڏانهن نھاري چَوي ٿي ته:

”پُٽ راڪيش، سفر ڪيئن ڪٽيو؟“

ھڪ لفظ ”پُٽ“ هن ڪھاڻيءَ جي وھڪري جو نتيجو (ڪلائيمڪس/ پُڄاڻي) ٺاھي ٿو، جيڪو رومانوي وھڪرو خطن کان شروع ٿي، نلڪي تي مُنھن ڌوئڻ وقت واپس وهڻ شروع ٿيو هو. ھيءَ ڪھاڻي توڙي جو عمر جي جنگ Age crise تي انت آڻي ٿي، پر ماءُ جو ڪردار جو ضمير هتي Super Ego جي صورت ۾ پنھان آھي. ماءُ، جيڪا رچنا/ راڪيش جي عمر يا ٻنهي کي ٻانهن ۾ مٺي ڏيندي ڏَسي ٿي ته psycho - Analysis جي روشنيءَ موجب، تحت الشعور Subconsciousness جي ڪمري مان وري سجايل اميدون وري واپس موڪلڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سگمنڊ فرائيڊ موجب، شعور کان وڌيڪ تحت الشعور ۽ لاشعور جو دائرو وڏو هوندو آھي، جنھن ۾ ڪيتريون ئي شيون ماضي بڻجي دٻجي وڃن ٿيون. نفسيات جي علم ۾ ايڊلر جي خدمتن کي وساري نٿو سگهجي. ايڊلر موجب، انسان جبلتن جي هٿان رانديڪو آھي. ايڊلر ليکڪ يا فنڪار جي بنيادن ۾ پڻ احساس ڪمتري موجود هوندي آھي. مثال طور هِن ڪھاڻيءَ ماءُ جي ڪردار جي جبلتن تي هتي بحث ڪري سگهجي ٿو. ، جبلتن کي قدامت پسند Conservative پڻ سَڏيو ويندو آھي. جبلتون جسماني گهرجن موجب ٿين ٿيون. ڪجهه کسجي وڃڻ بعد، جبلتون وري حاصلات ڏانهن ڪوشش ڪنديون آھن. جبلتون پنھنجيون جايون منتقل Displacement ڪنديون آھن. هِن ڪھاڻيءَ ۾ ماءُ جي اندر ۾ جبلتون شعوريت کي ڏِسي منتقل ٿي پنھنجو مقصد تبديل ڪري وٺن ٿيون. جبلتون تخريبي به ٿين ٿيون ته تعميري به ٿين ٿيون. ماءُ جو ڪردار جبلتن جي گهيري ۾ رهي فيصلائتو بڻجي ٿو. واپسيءَ ڏانهن سندس رجحان جبلتي Eros موٽ آھي، جنھن کي Death instinct ڪوٺيو ويندو آھي. جبلتن جو ڪم ٽڪراءَ بعد وحدت قائم ڪرڻ ئي آھي. هيءَ ڪھاڻي فقط ”رومانوي ڌَڪُ پَٽڻ“ واري ڪھاڻي نه، پر ماءُ ۽ ڌيءُ جي مُقدس رشتن جي پاڪائي ۽ ڪرداري-اَيثار تي ٻَڌل هڪ بھترين ڪھاڻي آھي. ماءُ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾ اِھڙيون نزاڪت ڀرين ۽ فيصلاتي چئلينجن واريون مُوضوعاتي ڪھاڻيون سنڌي ۾ لکجي ويندڙ فڪشن ۾ بنهه نه هئڻ جي برابر هونديون. انتقادي طور منھنجي اڳيان ڪِي عقلي تنقيدي سوالَ ڪَر کڻي بيھن ٿا ته ڇا عورت ليکڪا ۽ مرد ليکڪ جي وچ ۾ خطن وسيلي ايتري رومانيت منطقي سطح تي ممڪن هئي؟ ڇا اُھو سمورو فرق حقيقيت ۽ افسانويت جو آھي؟ ڇا رچنا پڻ ذھني طور راڪيش سان پيار ڪرڻ لاءِ تيار هئي؟ پر اُھي پاسا ڪھاڻيءَ جا اَڻ-لکيل احساس آھن، جيڪي لفظن جو ويس ڍَڪي نه سگهيا آھن. ٻولي، ليکڪ / ليکڪا کي ڪنھن حد تائين اظھارڻ جي حد مقرر ڪري ڏيندي آھي. ٻولي، اظھاريت جو شفاف آئينو ڪونهي، پر تخليقيت ۾ جيڪو اظھارجي نٿو سگهي، سو ئي تخليقڪار لاءِ وڌيڪ غور جوڳو ۽ نقاد لاءِ وڌيڪ چئلينج بڻيل هوندو آھي. تخليقيت جا اُھي جهولَ هميشه قابل انتقاد جي اوسيئڙي ۾ رھن ٿا.

مرڪب-عنوان واري اندرا جي هن مجموعي واري ٽائيٽل ڪھاڻي ”عشق عبادت“ سنڌ ۾ لِکجي ويندڙ ڪھاڻين کان مُوضوع، ٽريٽمينٽ توڙي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان پڻ هڪ منفرد ڪھاڻي آھي. سموري ڪھاڻي پيءُ-پُٽَ جي ڪردارن جي وچ ۾ ڦري ٿي. ٻنهي جي پاڪ رشتن ۾ پيدا ٿيندڙ تجسس ۽ تشڪيڪ جا ٽُوپا کُولي ٿي. پُٽ، جيڪو جوان آھي، پيءُ تي شڪ ڪري ٿو ته سندس پيءُ ڏانهن ڪنھن عورت جا احمد آباد مان، جيڪي خط اچن ٿا، سي رومانوي خط آھن. بند ڪمري ۾ ويھي سندس پيءُ اُنهن خطن جا جواب لِکي ٿو. پُٽ سمجهي ٿو ته منھنجي ماءُ، جيڪا اَڻ-پڙھيل ۽ اٻُوجهه آھي، تنھن کي منھنجو پيءُ دوکو ڏئي پيار ڪنھن ٻي عورت سان ڪري ٿو. پُٽُ نيٺ اُھي خطَ لِڪي چوري پھريون ڀيرو پڙھي ٿو ته اُھي خطَ واقعي پريم پتر هئا، جن ۾ سِڪ جو اظھار ۽ جنم-جنم جو ساٿ هو. هيٺيان هڪ استريءَ جو نالو ۽ سندس فوٽو به، جادوءَ ڀريو معصوم ۽ پوتر مُھانڊو، سندس هٿن مان فوٽو ڇڏائي ٿو وڃي. ٻيو ڀيرو هڪ ٻئي ڏينهن تي ٻيا خط کُولي ٿو ته هڪ خط ۾ ان استريءَ سندس پيءُ ڏانهن لِکيو هو ته ” تنھنجو پُٽ انجنيرنگ جي آخري سال ۾ پھتو. پورھيو سجايو ٿيو. اھو منھنجو احسان ڪونهي، ڊونيشن لاءِ مون برابر پيسا ڏنا، پر محنت ته تنھنجي پُٽڙي جي هئي. “ پُٽ جون اکيون کُلي وڃن ٿيون ۽ پاڻ کي گنهگار سمجهڻ لڳي ٿو. جڏھن ان عورت جي ديهانت ٿئي ٿي ته، نفيءَ خاطر ۽ ضمير جي احساس طور هُو پنھنجي پيءُ سان گڏجي احمد آباد وڃي ٿو. اُن ديهانت ڪيل عورت / استريءَ جا پير ڇُهي ٿو. هن ڪھاڻيءَجو تعلق پڻ حِسي ادراڪ Sensory perception سان آھي. ڪھاڻيڪاره رشتن جي معصوميت، شڪ ۽ پاڪائيءَ کي جنھن تخليقي حُسن سان پيش ڪيو آھي، ته اُنھيءَ مان موجوده دَور جي گُهرجن ۽ رشتن جي تشڪيڪ ۽ تدارڪ جي عقليت پَسي سگهجي ٿو. هن ڪھاڻيءَ مان ملندڙ فضا پاٺڪ کي تخليقي حسيت Creative Sensitivity بخشي ٿي. نقادن موجب، تخليقي حسيت جي جديد اصطلاح جو مقصد آھي ته ڪردارن ۾ موجود انتشار کي منظم ڪري فن ۾ اِھڙيءَ طرح پوئجي، جو انسان جا مرندڙ حواس نئين سر زندھ ٿين. انهن کي تسڪين پهچي سگهي ۽ خوشيءَ جو احساس ڏياريو وڃي. هن ڪھاڻيءَ ۾ پُٽ جي ڪردار جو انتشار ڄمي مسرت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. منھنجي خيال ۾ هيءَ ڪھاڻي پوئتي هڪ سوال ڇڏي وڃي ٿي ته ڊونيشن تي پڙھندڙ پُٽ لاءِ ته احساسِ-ندامت جنم وٺي چُڪو، پر پيءُ جو ڪردار مڪمل سچو، صحيح Justify ٿئي ٿو!؟ سندس پيءُ به ته محبت وڪڻي پُٽ پڙھائي ٿو؟

اندر شبنم جي ڪھاڻي ”رشتا“ پڻ هڪ اھم ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ رشتن جي مُنجهيل تعلقن ۽ محبتن بابت غلط فهميءَ وارو مُنجهيل سُٽ سُلجهي ٿو. هِن ڪھاڻيءَ جي هڪ خاصيت اُھا آھي ته ڪھاڻي ادبي رشتن جي ماحول واري تناظر Perspective ۾ آھي. ٻي خاصيت ته اھا رڳو ادبي رشتن جي تقدس نه پر ادبي رشتن جي ردِ-عمل ۾ جنم وٺندڙ رُومانوي غلط فهميءَ جو تدارڪ ڪندڙ ڪھاڻي پڻ آھي. ڪھاڻيءَ ۾ سنڌيا هڪ خوبصورت عورت آھي، جيڪا قلمڪارن ساٿين جو پنھنجي مُرڪن سان جواب ڏِئي ٿي. مُشاعرن ۽ادبي ويھڪن ۾ هڪ ٻيو ليکڪ مٿس موهت ٿي پوي. ساڻس عشق ڪرڻ لڳي ٿو. سنڌيا به موٽ ۾ کيس ڪافي احترام ۽ محبت ڏيندي خط لِکي سندس تخليقيت کي ساراھي ٿي ۽ کيس پنھنجي گهر گهُرائي ٿي. جِتي ليکڪ، سنڌيا کي فارورڊ سمجهندي کائنس جسماني ميلاپ لاءِ اڳتي وڌي کيس ڀاڪُرن ۾ ڀَرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ساڻس زبردستي جسماني ميلاپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اُن وقت سنڌيا جا مڪالما، ڪھاڻيءَ جو ڳرُ ڀريو انجام جنم طئه ڪن ٿا. سنڌيا کيس چئي ٿي:

”خبردار! جو اڳيان وڌيا آھيو، مان توهان جي رچنائن لکڻين جي پرستار آھيان. منھنجي من ۾ توھان جي خلقيل ڪردارن لاءِ پيار، همدردي ۽ عزت آھي ۽ ساٿي اديب سان ڪجهه ويچار ونڊي پاڻ کي بھتر بڻائڻ جي اڇا آھي. من جو رشتو، دوستي، ساھڙپا صرف پنھنجي هم جنس سان ئي ٿي سگهي ٿو. ڇا استري پرش جي وچ ۾ من ۽ خيالن جا رشتا ممڪن نه آھن؟ ڇا استري صرف هڪ شرير آھي؟“

هن ڪھاڻيءَ بابت لکمي کلاڻي، لِکي ٿو ته

”اڄ جي جديد فڪر موجب ته آتمڪ پيار Platonic love هڪ مٿ Myth آھي. سرير کان ٻاھر من ۽ آتما جو الڳ وجود ڪونهي. البت پنھنجي انڀوء مان اسان سڀني ڄاتو آھي ته بنا من جي ميلاپ جي سريري ميلاپ محض ڪتڪتائي پيدا ڪندڙ هڪ مشيني ڪريا آھي“

منھنجي خيال ۾ لکمي کلاڻيءَ جي ڳالهه ادبيت کان وڌيڪ سائنسي ۽ جنسيت جو عڪس آھي. سنڌيا جي ليکڪ اڳيان، جنسيت جي جذبي جي نفي هتي معاشرتي ٻنڌڻن، غيرت ۽ زندگيءَ جي دستوري نظام جو پرتوُو آھي. ادبي رشتي جو تعلق روح/آتما سان سِڌو تعلق رکي ٿو. ادبي ماحولَ ۾ جُڙندڙ رشتن ۾ هڪ رُوحانيت هوندي آھي، جيڪا ضروري ڪانهي ته مخالف-جنس سان جسم طور به مشروط هجي. سنڌيا جهڙين عورت ليکڪائن وٽ اِھڙي ادبي روحانيت اھڙي امڪان کان ٻاھر نٿي رکي سگهجي ۽ جسم جون فطري/جنسي ضرورتون، معاشرتي قدرن ۽ سماجي نظام جي ضابطئه حيات ۽ پسنديدي تعلقن سان جُڙيل ٿين ٿيون. پر هر ليکڪ ائينءَ سوچي نٿو سگهي. هِن ڪھاڻيءَ جو سگمنڊ فرائيڊ جي Structural theory موجب نفسياتي ڇيد ڪجي ته ليکڪ وٽ جنسي لاشعوريت غالب ٿيندي نظر اچي ٿي. فرائيڊ جو نفسيات ۾ اھم ڪم تحليل نفسي ۽ جنسي لاشعور جي ساڃھ وارو ادراڪ دريافت ڪرڻ وارو عمل آھي. زونگ انساني جذباتي روين کي اجتماعي شعور جو نتيجو قرار ڏئي ٿو. زونگ جو نظريو، فرائيڊ جي تحليل نفسيءَ سان اختلاف رکندي، اُن جي توسيع به ڪري ٿو ۽ انهيءَ نفسياتي دريافت کي وڌائي به ٿو. انڪري زونگ چيو هو ته تخليق جو بنياد به اجتماعي لاشعور ڏئي ٿو، فنڪار جي جنسي خواھش رڳو لاشعوري جنسي جذبي جو رد عمل نه آھي، پر اُھا صدين ۽ لکين-سالن جو سڏ-پراڏو آھي فرائيڊ شخصيت جا دماغي عمل، جيڪي ٽن حصن ذات id، خودی ego۔ماوراء خودی super-ego ۾ فرد جي سلوڪ، روين کي جنم ڏين ٿا، تن جي سمجهه واري روشنيءَ موجب، ڪھاڻيءَ جي ليکڪ ڪردار وٽ ذات id غالب آھي. هي دماغ جو دراصل لاشعوري حصو آھي. سندس ڪردار جي مادي ۽ جنسي گُهرج حاوي آھي، id وٽ نفعي نقصان جي سُڌ ڪانه هوندي آھي. ليکڪ ڪردار وٽ رڳو جنسي خوشيءَ ۽ لُطف جي خواھش آھي. عورت ليکڪا Super Ego جي علامت آھي، ڇاڪاڻ ته ان وٽ معاشرتي عقليت آھي. جديد نفسيات / فرائيڊ جي ٿيوريءَ کان هٽي ڪري هِن ڪھاڻيءَ تي هِن قسم جي ” فني ۽ سماجي تنقيد “ ٿي سگهي ٿي. مثال طور هِن ڪھاڻيءَ ۾ فني نقص هي آھن ته ليکڪا کي شادي شده نه ڏيکاريو وڃي ها، غير شادي شده هجڻ ڪري ليکڪا جي ڪردار ۾ نوجوان ليکڪ جي دلچسپي ڏيکاري وڃي ها، ٻيو نقص هيءُ آھي ته مرد ليکڪ ڄاڻي ٿو ته عورت ليکڪا شادي شده آھي، پر پوءِ به سندس ئي گهر ۾ کيس جسماني طور تنگ ڪري ٿو، جيڪو عمل منطقي نه آھي. تنھن هوندي به ٻن نقصن جي باوجود هيءَ ڪھاڻي پڙھندڙ جي ضمير کي ارفع ڪري، نفسياتي طرح مرد ليکڪ جي خاميءَ کي ندامت ڏانهن رجوع ڪرڻ جي سِکيا ڏيندي، سندس ضمير ۽ وجدان کي Sublime بخشڻ جي خوبي رکي ٿي. اندرا جون سڀ ڪھاڻيون نفسياتي نه آھن. سندس ڪِن ڪھاڻين ۾ هلڪي وجوديت جو ڇُھاءُ آھي، پر اُھو اِھڙو ڪونهي، جو قابلِ ذڪر ھجي!

وجوديت جي فلسفي کان وڌيڪ سندس ڪھاڻين تي ٻيو غالب رجحان وارو اثر عورت زاد نظرئي/ تحريڪ/ رجحان The theory of feminism جو آھي. سندس ڪھاڻي ”مائي تنھنجا نصيب کُليا“ پڻ تاثر طاري ڪندڙ هڪ عورت زاد رجحان Feminist trend رکندڙ آدرشي ۽ اثرائتي ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ رجنيءَ جو شرابي مڙس کيس تڪليفون ڏيندي پاڻ پڻ طبعي موت جو شڪار ٿي وڃي ٿو. رجني بعد ۾ پاڻ هڪ دڪاندار وٽ نوڪري ڪري ٿي. کيس مھيني ۾ اٺ سئو روپيا ملن ٿا. وڌندڙ مھانگائي، جڳهه جي مسواڙ، ٻن ٻارن کي پڙھائڻ، بس جو ڀاڙو، کاڌو ۽ ڪپڙو وغيره انهن حالتن ۾ ڇا ٿي ڪري سگهي؟ معاشي سختين کيس چِڪنا چُور ڪري وڌو. نيٺ هوءَ مجبور ٿي ٻنهي ٻارن کي ڄاڻي واڻي ميلي ۾ ڦٽو ڪري پاڻ اڪيلي گهر ۾ رھڻ لڳي ٿي ۽ سُڪون سان وقت گذارڻ لڳي ٿي ۽ ماڻهن کي اھو چَئي ٿي ته ٻار گُم ٿي ويا. ائينءَ ممڪن ته نٿو لڳي ته ماءُ پنھنجي ٻارن کي ائينءَ ڦٽو ڪندي موٽي سُڪون سان گذاري سگهي؟ ڪھاڻيءَ ۾ جيتوڻيڪ ممتا پڻ بُک تان قربان ڪئي وئي آھي. پر اھو گهٽ ممڪن هوندو آھي. اھڙي حالت ۾ هوءَ سُڪون سان ته گُذاري نٿي سگهي؟ اڳتي ڪھاڻيءَ ۾ڏيکاريل آھي ته قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هو. هڪ رات پاڙي جي عورت موتيءَ ماءُ سندس گهر جو در کڙڪائي کيس چئي ٿي ته؛ ”مائي واڌيون هجنئي! تنھنجا ٻئي ٻار لڌا. پنھنجي پاڙي ۾ تڪارام اُتي ويو هو. کين سڃاتائين ۽ پاڻ سان وٺي آيو.“ اُھو ڏِسي رجني غش ٿي رهي هئي پر موتي ماءُ چيس ته ”مائي تنھنجا نصيب کُليا. . . . !

“گوبند مالهي لِکي ٿو ته:

”هيءَ ڪھاڻي پڙھي مون روئي ڏنو هو. زندگيءَ جو جيئرو جاڳندو چتر، ٻولي ڪنهن هنڌ ڪچي آھي. پر ڪھاڻيءَ جو سيلاب من کي ٻوڙيندو ٿو وڃي.“

اندرا جي ڪھاڻي ”فيصلو“ پڻ هڪ ديرپا اثر قائم ڪندڙ ھڪ اھم فيمنسٽ ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ هڪ عورت سڀ ڪجهه مائٽن جي فيصلن کي مڃيندي رھي ٿي. شاديءَ بعد سندس مڙس وشال ۾ ڪمي آھي، جنھنڪري کيس اولاد نٿو ٿئي. پر کيس خواھش آھي ته رشتن جي جوڙ قائم رکڻ لاءِ اولاد ضرور هجي. نيٺ وشال هڪ نھايت ڏکيو فيصلو ڪري ٿو. پنھنجي گهر واري هڪ رات لاءِ پنھنجي دوست آنند جي حوالي ڪري ٿو ته کيس جنسي عملن جي نتيجي ۾ اولاد ٿئي. ٻار ته ٿي وڃي ٿو. سمورو خاندان خوش ٿي وڃي ٿو. پر ٻار جي سالگرهه تي پنھنجي دوست پاران ٻارُ کي پيارُ ڪندي ڏسي ٿو ته کيس سخت صدمو ٿئي ٿو ۽ گذاري وڃي ٿو. وشال جي گهر واريءَ جو پٽ به وڏو ٿي ضدي. جلد باز، جذباتي ۽ غصي وارو نڪتو. زال جي چوڻ تي کيس ڇڏي ويو. هڪ ڏينهن نند جو آمريڪا مان خط اچي ٿو، جنھن ۾ هُو لکي ٿو ته پاڻ انهيءَ عمل شادي نه ڪيائين. پوئين عمر اٿم. ڇا تون باقي پل هتي اچي رهندينءَ؟ انهيءَ وقت هُن کي سرتي سمجهائي ٿي ته پنھنجي زندگيءَ جو پھريون فيصلو تون پاڻ ڪندينءَ، تنھنجي انتر آتما، تنھنجو سونهون بڻجي توکي رستو ڏيکاريندي ۽ موٽ ۾ سندس چھري تي موناليزا واري ڳجهارت ڀري، معنيٰ ڀري مُرڪ تري اچي ٿي. هن ڪھاڻيءَ ۾ عورت کي سماج ۾ فيصلن ڦرڻ خلاف احتجاج ملي ٿو. اھو سماج ڪٿان سڌري سگهندو، جتي عورت کي بنيادي حق حاصل نه هجن؟ ڪھاڻيءَ جو عنوان، صرف ”فيصلو“ نه پر پھريون فيصلو رکڻ گهرجي ها. ڪھاڻيءَ ۾ وشال جو زال کي اولاد خاطر پنھنجي دوست آنند جي حوالي ڪرڻ وارو عمل، سماجي غيرت، معاشرتي منطقيت جي اُبتڙ لڳي ٿو. ڪھاڻي اينٽي ڪلائيمڪس رکي ٿي. ڪھاڻيءَ پٺيان ڪھاڻي شروع ٿيندي رھي ٿي. جنھن مان لڳي ٿو ته هن موضوع تي هڪ پراثر ناول پڻ لکي سگهجي پيو!

هڪ ٻي فيمنسٽ ڪھاڻي ”ٻه مائر“ آھي. جنھن ۾ عورتن جي جيل جي حقيقي صورتحال ڪرافٽمئنشپ سان ڏيکاري وئي آھي. هن ڪھاڻيءَ ۾ عورتن سان ٿيندڙ معاشرتي ڏاڍ فوڪس ۾ آيل آھي. ھيءَ ڪھاڻي پنھنجي بناوت ۾ منڍ توڙي پڇاڙ ۾ سڀني کان منفرد متن رکي ٿي؟ اھي منفرد ڪيئن آھن؟ پڙھندڙ پاڻ ڏسي سگهي ٿو. هنن ٻنهي جيل ۾ بند مائرن جون ڪھاڻيون هڪ جيلر عورت کولڻ ۾ نيٺ ڪاميابي ماڻي وٺي ٿي. هڪ قاتل عورت پنھنجي مڙس کي انهيءَ ڪري قتل ڪري ٿي جو هُو پنھنجي ئي ڌيءُ سان زوريءَ زنا ڪري ٿو. ٻي قاتل عورت ڌيءُ آھي، جيڪا سڳي ماءُ کي انهيءَ ڪري قتل ڪري ٿي، جو هوءَ سندس ماءُ سندس عصمت فروش هوندي آھي. آخر ۾ ڪھاڻيڪاره سوال اڀاريا آھن ته ٻنهي قاتل عورتن بدحواس ٿي، نھايت حساس هجڻ ڪري قتل ڪيا، سماج جو ضمير ان بابت ڪھڙو فيصلو صادر ڪري سگهي ٿو؟

انهيءَ کان سواءِ سندس ڪي ڪھاڻيون اثرائتيون نه آھن. مثال طور سندس ڪھاڻي ”قدرت جو نيم“ توڙي جو روسوءَ جي فطرت پرستيءَ واري رجحان کي سپورٽ ڪندڙ ڪھاڻي آھي، پر هن ڪھاڻيءَ ۾ ”ڪھاڻي“ ڪانهي. ماڻهو فطرت کان ڌار ٿي سگهي ٿو؟ ڌار ٿئي پر اڌ ڌار ٿئي؟ اڌ گڏ هجي؟ اھو وچون رستو ڪھاڻيءَ ۾ پنھنجايو ويو آھي، جيڪو غير اھم ۽ غير اثرائتو لڳي ٿو. اڌ فطرت جي حاصلات ۽ اڌ فطرت جو کسجڻ جيڪو جانڪيءَ ماءُ کي ڪھاڻيءَ ۾ ملي ٿو، تنھن جو اثر به جانڪيءَ جي ڪردار تي ڪجهه پوڻ گهرجي، سو پوي ڪونه ٿو ڇو؟ ۽ کيس ساڳئي طرح ننڊ اچي ٿي وڃي، جيئنءَ مڪمل فطرت جي ويجهڙائي وقت نصيب ٿيندي هئي؟ هيءَ ڪھاڻي پلاٽ-ليس هئڻ جي ڪري متاثر ڪرڻ جي سگهه وڃائي ٿي ۽ دلچسپيءَ کان خالي آھي. سندس ڪھاڻيون ”گهر“ ۽ ٻي ڪھاڻي ”چائنٺ“ پوئين ڪھاڻين جو ورجاءُ لڳن ٿيون. ڪھاڻي ”سنڌيت جي سڃاڻپ“ نعري بازيءَ مان دامن بچائي نه سگهي آھي.

ساڳئي طرح اندرا جي ٻي ڪھاڻي ”شرارت ڀري مرڪ“ به هڪ فيمنسٽ ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ هڪ ايماندار عورت پونم واسواڻيءَ جي ڪلارڪيءَ جي نوڪريءَ ۾ ترقي کي هڪ ٻي شرارتي عورت مسز مايا منسکاڻي روڪرائي ٿي ۽ آفيسر سندس تذليل ڪري ٿو. خبر نه آھي ڇو کيس چماٽ هڻي ٿو؟ عورت، شرارت طور ٻي عورت جي حق تلفيءَ ڪري ٿي. مھاڳ ۾ مدد علي سنڌيءَ هن ڪھاڻيءَ بابت لِکيو آھي ته؛ ”پونم پنھنجي باس جي ناجائز خواھش پوري ڪرڻ بدران کيس چماٽ وھائي ڪڍي ھئي. اھا سموري ڳالهه ان ’ميل شائونزم‘ کي ظاھر ڪري ٿي، جتي عورتون نوڪري ڪندي مرد جي ناجائز ڳالهين ۽ خواھشن سان مقابلو ڪنديون رھن ٿيون.“ منھنجي نظر ۾ هن ڪھاڻيءَ ۾ مرد جي جائز ناجائز خواھش ظاھر ٿيل ئي ڪانهي ۽ مدد علي سنڌيءَ جي انهيءَ موقف سان متفق نٿو ٿي سگهجي ته ڪھاڻيءَ ۾ مرد شائونزم ڏيکاريل آھي. دراصل هن ڪھاڻيءَ ۾ فيمنزم سان گڏ اھا نفسيات اھم آھي ته ماڻهو ٻين کي اذيت ڏئي خوش ٿا ٿين. ڪھاڻيءَ ۾ اذيت پرستيءَ جي لاشعوري امڪان وارو تناظر ڪھاڻيڪاره کي کولڻ گهرجي ها، پر اھو خالَ رھيل آھي. انهيءَ ڪري هيءَ ڪھاڻي پنھنجي متن ۾ خاص قوت نه رکي سگهي آھي. ايتري خاص نفسياتي موضوع سان روايتي ٽريٽمينٽ جو سبب سمجهه ۾ نٿو اچي.

اندرا جي ڪھاڻي ”گهر“ ۾ وندتا عورت جو مرڪزي ڪردار آھي، جيڪا مائٽن کي پورھيو ڪري ڪمائي ڏئي ٿي. مائٽن جي گهر کي پنھنجو گهر سمجهي ٿي. ڪورٽ ميئرج بعد ساھرا کيس گهر ۾ ويهڻ نٿا ڏين. اتان مڙس سان نوڪري فليٽ ۾ رھي ٿي. مڙس جي وفات بعد، سندس جوان پٽ شادي ڪري وڏو گهر وٺي ٿو. کيس فليٽ وارو گهر ڇڏڻ لاءِ چئي ٿي. پر هوءَ انڪار ڪري وري به فليٽ ۾ رھي سوچي ٿي ته؛ ”شرير به ته هڪ گهر آھي، جو هڪ وقت ڇڏي اصلي گهر وڃڻو آھي! آتما جو پرماتما سان ملڻ، اصلي گهر، جنھن جي هن کي ننڍي هوندي کان تلاش هئي. . .“ هيءَ يارھن ٻارهن صفحن تائين اجائي ڊيگهه پڪڙي ٿي، جڏھن ته اھا ٻن ٽن صفحن ۾ پڻ لکجي پئي سگهي. ٻيو ته هيءُ موضوع ”عورت جو اصل گهر“ جي چوڌاري ڦري ٿو، سو موضوع ڪو غير روايتي نٿو لڳي. اھڙن مفهومن سان اڳ به ڪھاڻيون لکجنديون پئي آيون آھن. ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي موت ۽ مايوسيءَ تي ٿئي ٿي. ڪھاڻي زندگيءَ ۾ اتساھڪ ڪردار ادا ڪري، جيئن جيئڻ جون نيون امنگون جنم وٺي سگهن.

مجموعي طور اندرا جون اڪثر ڪھاڻيون نفسياتي هوندي به فيمينزم جي تحريڪ جي مختلف شاخن ۽ گُهرجن جي چوڌاري ڦرن ٿيون، جن ۾ اڪثر عورت ۽ سندس گهرو معاملا مسئلا آھن، جيڪي مختلف ڪھاڻين ۾ هڪجهڙا پڻ آھن. عورت جي شاديءَ بعد ساھرن جا مسئلا، الڳ گهر جي خواھش، ماضي جڏھن هوءَ شاديءَ کان اڳ مائٽن ۾ راڄ ڪندي هئي. پُٽن جو شاديءَ بعد مائٽن کان ڌار ٿيڻ اھڙيءَ طرح سندس ڪردارن ۽ ڪھاڻين ۾ ورجاءُ/ يڪسانيت نظر اچي ٿي. سندس ڪِي ڪھاڻيون اجائي طوالت جو شڪار آھن. ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻي گهٽ ۽ لفظي طوالت، جيڪا اجايا صفحا والاري هڪ ڪھاڻيڪار لاءِ ڪمزور فن جي نشاندهي ڪندي آھي. اندرا شبنم کي فني طرح انهيءَ طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ته ڪھاڻيءَ ۾ جيترو ڪھاڻيپڻو ۽ مواد هجي، اوتري ڪھاڻيءَ جي ڊيگهه هجڻ گهرجي. اندرا شبنم جي ڪھاڻين ۾ ٻوليءَ جون ڪچايون پڻ آھن. غور سان پڙھبو ته ڪھاڻين ۾ ڪِٿي ڪي جملا ويا ڪرڻ جي اصول موجب مڪمل نه آھن. ڪي جملا اڌ ۾ ڇڏيل آھن. ڪِٿي صورتخطيءَ/ پروف جون غلطيون آھن، جيڪي درست نه ڪيا ويا آھن. هندي لفظن جي معنيٰ ڪتاب جي حاشيي ۾ ڏيڻ جي ضرورت هئي، تنھن جي ڪَمي پڻ محسوس نه ڪئي وئي آھي. سندس ڪھاڻين ۾ هندي لفظن جو جھجھو استعمال آھي. مثال طور سندس هڪ ڪھاڻيءَ جي متن مان اقتباس ڏجي ٿو، جنھن مان ڪجهه هندي لفظن ۽ لهجن جي پروڙ ٿي سگهي ٿي:

”هُن پاڻ کي ساکشي ڀاوَ ۾ ويچار ڪندي ڏٺو. پنھنجن ڪيترن ئي سوالن جا جواب، پنھنجي انترآتما مان هن کي ملندا ويا. هن جو تپيل من گيان ۽ پيار ئي پيار پائي شانت ٿي ويو. پل ۾ ھُن پاڻ کي لامحدود محسوس ڪيو. سندس چھرو تيج، آتمڪ نُور، شانتيءَ ۽ سنتوش سان ٻھڪڻ لڳو.“

(خليق ٻگهيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ مارچ ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment