Showing posts with label نو بار، No Bar، دلت ڪھاڻي، جَي پرڪاش ڪَردَم، ننگر چنا،. Show all posts
Showing posts with label نو بار، No Bar، دلت ڪھاڻي، جَي پرڪاش ڪَردَم، ننگر چنا،. Show all posts

Wednesday, March 29, 2023

نو بار (No Bar) - جَي پرڪاش ڪَردَم - ننگر چنا

نو بار (No Bar)

دلت ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: جَي پرڪاش ڪَردَم

سنڌيڪار: ننگر چنا



وانٽيڊ سُوٽ ايبل گروم فار اي، ۲۵ ايئرس، ۱۵۸ سينٽي ميٽر، وِهيٽِش سِلم، شارپ فيچرڊ، بيوٽي فل گرل، ايڪسپرٽ اِن هائوس هولڊ، هائلي ايجوڪيٽيڊ پروگريسِو فيملي، ڪاسٽ نو بار. ٽائمس آف انڊيا جي ميٽريمونلس ڪالمن تي اک وجهندي هُنَ جون نظرون انهيءَ اشتھار تي اچي بيھي رهيون. هُنَ ٻہ ٽي ڀيرا انهيءَ اشتھار کي پڙهيو ۽ پين سان اُنَ مٿان هڪ نشان هڻڻ کان پوءِ هُو ڪجهہ دير تائين پين کي پنھنجين آڱرين ۾ نچائيندو رهيو ۽ پوءِ پين کي ميز تي رکي صوفي ۾ لڳ ڀڳ دَٻجندي اشتھار جي باري ۾ سوچڻ لڳو.