Thursday, December 26, 2019

نو مور ڪمپرومائيز - طارق قريشي


نو مور ڪمپرومائيز
طنز و مزاح
طارق قريشي
آپريشن ٽيبل تي مسمات قمرالنساءِ کي بيھوش ڪرڻ کان اڳ، اينيسٿيٽسٽ (بيھوش ڪندڙ ڊاڪٽر) پڇيو: ”اوھان جي ايج ڪيتري آھي؟“
مسمات قمرالنساءِ: ”ارڙنھن سال.“
ڊاڪٽر: ”توھان کي پڪ آھي نه، ته توھان جي ايتري ئي عمر آھي. ڇو ته مون کي بيھوشيءَ جي دوا جو مقدار، توھان جي ايج جي حساب سان ڏيڻو آھي.“


مسمات قمرالنساءِ: ”اڇا ... ته پوءِ سمجهو ته منھنجي عمر ٽيهه سال آھي.“
ڊاڪٽر: ”سوچي وٺو، عمر جي حساب سان دوا جو مقدار ڏيڻو آھي، گهٽ وڌ ٿي ويو ته مريض کي نقصان ٿي سگهي ٿو. مريض يا ته ڪوما ۾ ھليو ويندو يا وري آپريشن دوران ئي ھوش ۾ اچي ويندو آھي ۽ سرجريءَ جو سور برداشت ڪري نه سگهندو آھي.“
مسمات قمرالنساءِ: ”ھان ... ته پوءِ ڀلا اٺٽيهه سال ...“
ڊاڪٽر: ”ڏسو توھان جيڪڏھن عمر گهٽ ٻڌائي ۽ اسان دوا جو مقدار صحيح نه رکيو ته ان جو اثر گڙدن تي پئجي سگهي ٿو. توھان جا گڙدا، فيل ٿي سگهن ٿا.“
مسمات قمرا النساءِ: (ٿڌو ساھ کڻي) ”اڻونجاھ سال ... ھاڻي ڀلي کڻي آپريشن ٿيئٽر مان منھنجو لاش ڪڍو ... ان کان وڌيڪ مان پنھنجي عمر گهٽ ڪا نه ڪنديس.“

No comments:

Post a Comment