نو مور ڪمپرومائيز
طنز و مزاح
طارق قريشي
آپريشن ٽيبل تي
مسمات قمرالنساءِ کي بيھوش ڪرڻ کان اڳ، اينيسٿيٽسٽ (بيھوش ڪندڙ ڊاڪٽر) پڇيو: ”اوھان
جي ايج ڪيتري آھي؟“
مسمات قمرالنساءِ: ”ارڙنھن
سال.“
ڊاڪٽر: ”توھان کي پڪ
آھي نه، ته توھان جي ايتري ئي عمر آھي. ڇو ته مون کي بيھوشيءَ جي دوا جو مقدار،
توھان جي ايج جي حساب سان ڏيڻو آھي.“
