Tuesday, December 24, 2019

واٺو - حيدر دريا


واٺو
مختصر ڪھاڻي
حيدر دريا
ٻهراڙيءَ اندر، ڳوٺاڻن جي هڪ کوھيءَ ۾، مهيني ٻئي هڪ ڪتو ڪري مري ويندو هو. ڳوٺاڻا، کوهيءَ مان مئل ڪتو ڪڍي، کوهيءَ جو پاڻي سڪائي ڇڏيندا هئا. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ، اها کوهي وري پاڻيءَ سان ڀرجي ويندي هئي. اهو پاڻي، پيا کائڻ پيئڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا.


هڪ ڀيري انهن، کوهيءَ مان مئل ڪتو ڪڍي، کوهيءَ جو پاڻي پئي سڪايو. اتان، تر جي چونڊيل نمائندي جو هڪ واٺو، اچي لنگھيو. کين، پاڻي ڪڍندي ڏسي، چوڻ لڳو؛
”اڙي اوهان ته ڪي بنهه چريا آهيو. ڪيترا ڀيرا هن کوهي ۾ ڪتا ٻلا ڪريا آهن. هروڀرو پيا کوهي سڪايو. هن ۾ ته وري به ٻيو ڪتو ڪرندو. ايئن اوهان روز روز پيا کوهي سڪائيندا ڇا؟ وڌيڪ صلاح ڏيندي چوڻ لڳن؛ ”اوهان مون سان گڏجي پنهنجي وڏيري وٽ هلو ته اوهان کي هڪ پڪو کوهه منظور ڪرائي ڏيان. اهو کوهه ڪو زمانو پيو پاڻي ڏيندو.“
ڳوٺ جي سريال، واٺي کي چيو؛ ”ڪهڙو فرق پوندو، ڪتا ته ان پڪي کوهه ۾ به پيا ڪرندا.“
واٺي ان جي اکين ۾ اکيون وجھندي چيو؛ ”پوءِ تنهنجي ڇا مرضي آهي؟ هميشه ايئن ڪچي کوهي مان مئل ڪتن وارو پاڻي پيا پيئندئو!؟“
”نه نه!“ ڳوٺاڻي سريال، سنجيدگيءَ سان کيس چيو؛ ”تو کي اسان جو لاچار آهي ته پوءِ هيئن ڪر، اسان تو سان گڏجي نٿا هلون. باقي تون پاڻ وڏيري کي چئي هڪ اهڙو موتمار ۽ اونهو کوهه کڻائي ڏي، جنهن ۾ اسان ڳوٺاڻا سڀ، جيڪي کيس ووٽ ڏيندا آهيون، ۽ تر جا چونڊيل سڀ ميمبر، ان ۾ هميشه لاءِ ٻڏي مري وڃون. بس اهو ئي معاملي جو آخري حل آهي.“
ان جواب تي، وڏيري جو واٺو، وات چٻو ڪري، ماٺ ٿي ويو!

No comments:

Post a Comment