Monday, December 23, 2019

ڪھاڻيءَ جو نئون جَھان - ضراب حيدر


ڪھاڻيءَ جو نئون جَھان
(ڪجهه نوَن ڪھاڻيڪارن بابت - حصو پھريون)
ضراب حيدر
ڪھاڻي شايد لابارو ڪندڙ ڇوڪريءَ جيان آهي.
جنھن لاءِ وليم ورڊس ورٿ، solitary reaper نظم چيو هو. ’جِهرڪيون ماريندڙ‘ سڏجندڙ هِن شاعر کي فطرت سان بي انتها پيار هو. اُن ڪري هُن پنهنجي سموري زندگي گهر جي ٻاهران واري هڪ باغ ۾ گُذاري ڇڏي. ائين ئي ڪھاڻيءَ جا عاشق ۽ چاهيندڙ به پنھنجون عمريون ڪھاڻيءَ جي صحرا ۾ سفر ڪندي، صرف ڪري ڇڏيندا آهن. يا وري ڪو نخلستان ڏسي اتي ئي، ڪنھن چشمي جي ڪناري ۾ نيلام ٿي ويندا آهن.


وليم ورڊس ورٿ ڪھاڻيون ته ڪو نه لکيون، پر سندس نظمن جي منظر نگاري، ڪھاڻيءَ جي پيرن ۾ پازيب پارائيندي ھئي. ان جي برعڪس، سرڪار ڀِٽ ڌڻيءَ جي بيتن ڪيئي ڪھاڻين جي پيشانيءَ کي جهُومر پارائي ڇڏيا. سندن آيتن جي ھر بيت ۾ ڪھاڻيون ليئا پائيندي نظر اينديون آهن.
ڪھاڻي، لابارو ڪندڙ اُن ڇوڪريءَ جيان آهي، جيڪا تنھائي/ اڪيلائي لُڻيندڙ آهي. جيڪا پنھنجي البيلي ۽ بي نياز محويت ۾، بنھ سُريلو گيت ڳائيندي رهي ٿي، جيڪو پُرجوش هجڻ سان گڏوگڏ درد سان ٽُٻٽار آهي. ھا، ڪھاڻي اُھا لابارو ڪندڙ ڇوڪريءَ جيان ئي ته آهي جنهن جو گريبان چاڪ آهي، ۽ زاھدن جي پاڪائيءَ رکندي به ميڊونا جي ناچ گاني جيان بيباڪ آهي. سندس مڌر پڪار، ڪنھن سورڳ جي ڪڻڇيءَ جي ڪوڪار کان وڌيڪ پُر اثر آهي ۽ جبلن جي خاموشيءَ کي ٽوڙي رکي ٿي.
ها! اهڙي ئي ڪھاڻي، منھنجي سنڌ جي به آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي هِن ننڍڙي ذري تي به ڄڻ ڪائنات بڻيل آهي. منھنجي ڪهاڻيءَ جو ڳاٽ فخر سان اوچو آهي. منهنجي سنڌ جي ڪھاڻي، نئين جلوي ۽ ترنگ سان چيلهه تي دِلو رکي ڪنهن ڪامڻيءَ وانگي ٽلِندي اچي. ڪنهن معصوم اُبهم وانگي بانبڙا پائيندي اچي، جوڀن جي ڀريل گهاگهر واري ڪنھن نرمل ناريءَ وانگي ناز نخرا ٿي ڪندي رهي ته وري ڪٿي جُهور ڪُراڙين پوڙھين جيان هيڻي ۽ عليل به آهي.
ڪنهن چيو ته؛ ڪھاڻي مري يا رُڪجي وئي آهي؟ پر اھڙي فتويٰ نما بيان تي، جڏهن زندگي ڪٿي جامد ٿي وئي يا سنڌ جي مِٽي به مرھيات ٿي وئي ته پوءِ اِهي ڳالهيون ڪبيون. پر زندگي به چُري پئي ۽ سنڌ به جيئي پئي... سو ڪھاڻي به ڊوڙي نه ته رڙهي ضرور پئي. سنڌ ۾ جيڪا ڪھاڻي لکجي پئي، سا مان مسلسل پڙهان پيو. انيڪ نالا آهن، جيڪي ڪھاڻيءَ سان جُڙيل آهن. سنڌ ۾ هِن وقت جيڪا ڪھاڻي لکجي پئي، اُن مان جهلڪ اچي پئي ته ها ٻيلي، اُها هاڻي جيڪا اڃا ننڍڙي آهي، اٻوجهه آهي، ڪمزور آهي، سا ضرور جوان ٿيندي ۽ اسان جي کُٽي ويل، جُهڪي ويل، ڪُٻين، پوڙهين ڪهاڻين کي ڪُلهن تي ضرور کڻندي. مان ڪنهن ٻئي لاءِ نٿو چوان، پنهنجي لاءِ ٿو چوان ته منهنجي ڪهاڻي وقت سان گڏ پيرسن به ٿيندي ۽ ھڪڙو زمانو ايندو جو نئين ڪهاڻي وقت جي اسڪرين تي نئين جلوي ۽ چمڪي سان چمڪندي.
ڪھاڻي جيتوڻيڪ اَڪ جي ماکي ڪونهي ته لاهي وٺجي پر کجيءَ جو تُور به ناهي جو ڇاڻي نه سگهجي. اڻ ڄاڻ ته اڪ جي ماکي به لاهي نه سگهندو. سو ڳالهه وري به آهي اُن ڏانءَ جي، جيڪو کجيءَ جو تور به لاهي سگهي.
ارتقا، جيڪا زندگيءَ جو حِصو آهي، سا ئي ارتقا ڪهاڻيءَ جو به حصو آهي، جو ڪھاڻي زندگيءَ کان ڪنهن به ريت ٻاهر ڪونهي. ڪنهن کي به امر يا وڏو ڪوٺڻ يا بس اُتي دنگ ڪري ڇڏڻ کان اڳ اِهو ضرور سوچڻو آهي ته پويان هڪڙو قافلو آهي، جيڪو ڪاهيندو اچي ۽ ضرور اُهو قافلو، ارتقا جي مرحلن مان گذري ترقيءَ ڏانهن وڌندو، سو مان ته گهٽ ۾ گهٽ نااميد ناهيان.
مان حيرت ۾ آهيان ته اسان جي سنڌي ادب ۾ گاديون توڙي درگاهون ٺاهيون ويون آهن، جن تي مجاور مقرر آهن، جيڪي پويان ايندڙ قافلي کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونهن، نه وري اڳتي جي ڪا ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
تازو ناصر قاضي، ڪھاڻي تي طبع آزمائي شروع ڪئي آهي. مان سندس ٻولي ۽ لکڻ جو ڏانءُ ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو آهيان. هينئر سوڌو هُن ٽي ڪھاڻيون لِکيون آهن، جيڪي مون کي پڙهايون اٿائين. معمولي تصحيح ۽ ايڊٽ کانپوءِ اُهي ڪھاڻيون توهان سان شيئر ڪبيون. ناصر جي ڪھاڻين ۾ سچ ته رَتيديري جي سارين جي سيلرن تي پکڙيل تُوتڙن جي رنگت ڇانيل آهي. جنهن مان ٺيٺ اُترادي لھجي جي خوشبوءِ اچي ٿي. ناصر پنهنجي ڪھاڻين ۾ جيڪي به ٿيم کنيا آهن، سي بنهه انوکا آهن. ڪھاڻيون پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ڪا آرٽ مووي هلي رهي آهي، جنهن جي پس پردہ موسيقيءَ ۾ اَٽي جي چڪيءَ جي ’ٽُڪ ٽُڪ‘ جِھڙي آواز جو رِڌم آهي. مان اِهو چوڻ چاهيان ٿو ته ناصر قاضي جيڪڏهن ساڳي محنت سان ڪھاڻيون لِکندو رهيو ته، هُو ايندڙ دور جو نمائندا ڪھاڻيڪار آهي.
عين سحر جي ڪھاڻين ”ماءُ“ ۽ ”ثابتيءَ“ پڙهڻ کان پوءِ، اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سندس مِٽيءَ ۾ ڪھاڻين جو مُھين دڙو موجود آهي. ھن کي پاڻ کي ئي جان مارشل بڻجي، داستاني تھذيب، سڀ آثار دريافت ڪرڻا به آھن ۽ دنيا جي آڏو نروار به ڪرڻا آھن. سوشل ميڊيا ۽ فيس بُڪ جي جَھان جيترو سُٺو ۽ سولو، پليٽ فارم مُھيا ڪيو آهي اُتي تڪڙي واهه واهه جي ڀاڻ لِکڻين جي لذت کي ٿورو ڪِي گهڻو خراب ڪيو آهي. يا وري ائين چئجي ته اظهار ۽ انداز جو رُخ ٻئي طرف موڙيو آهي. عين سحر جون ڪھاڻيون پنهنجي رک رکاءَ سان پيش ٿين ٿيون، جِن ۾ زندگيءَ جا فظري رنگ جهلڪن ٿا. پر ذڪر هيٺ آيل سندس ٻَئي ڪھاڻيون سنڌي ادب جون شاهڪار ڪھاڻيون آهن. اھو رڳو منھنجي دل جي ڳالهه يا ڪو محض اختراع ناھي. طارق قريشيءَ جھڙي جادُو بيان افسانه نگار به جڏھن اُھي ڪھاڻيون پڙھيون ھيون ته ھن راءِ ڏيندي چيو ھئو ته؛ عين سحر جون ڪھاڻيون ’ماءُ‘ ۽ ’ثابتي‘ فخر سان دنيا کي پڙھائي سگهجن ٿيون! طارق قريشيءَ جي عين سحر جي ڪھاڻين بابت اھڙي راءِ مون کي اتساھي ٿي ته مان سنڌي ادب جي پڙهندڙن کي عين سحر جون اِهي ڪھاڻيون پڙهڻ جي دعوت ڏيان.
تازو خيرپور ۾ ٿيل ’نسيم کرل ڪهاڻي ڪانفرنس‘ ۾ نصرت چانڊيو جي ڪهاڻي ”داءُ“ صفا ڇرڪائي ڇڏيو. ان ڪھاڻي ٻُڌڻ کان پوءِ سچ ته اِھو خيال، ايقان ۾ تبديل ٿي ويو ته بلاشڪ عظيم ڪھاڻي لکجي پئي. پر عناد ۽ تعصب ۾ ورتل ادبي جاگيردار ۽ انھن جا مصاحب ۽ توبچي عظيم ڪھاڻيءَ کي ون يُونٽي ادب کان پوءِ مڃڻ ته ڇا پر پڙھڻ لاءِ به تيار ناھن. نصرت چانڊيو جي ڪھاڻي ٻڌِي ته حيرت ٿي، ڇا ته مرڪزي خيال ھئو، بنهه لاجواب! ڪمال جي (Knitting) اُڻت هئي. ۽ ڪردارن (جوا کيڏندڙن) جي ٻولي به لاجواب، ڄڻ ته ڪھاڻي پڙھندڙ يا ٻُڌندڙ، ڪنھن جوا جي ٽڪريءَ تي ويٺل جوارين کي سامھون ڏسي رھيو آھي. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته نصرت چانڊيو ٿورو ئي عرصو ٿيو آهي، ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون آهن ۽ ڪي چار پنج ڪھاڻيون لکيون آهن. نصرت چانڊيو جي ڪھاڻي ’داءُ‘ ڪھاڻي ڪانفرنس ۾ ٻيو ايوارڊ پڻ کنيو آهي. سندس ڪھاڻي ’داءُ‘ ٻڌڻ کان سندس هڪ ٻي ڪھاڻي ’زبرو ڌڪُ‘ پڙهڻ جو موقعو مليو. ٻئي ڪھاڻيون پنهنجي اُڻت ۾ جيڏيون شاندار آهن، اوترو ئي ڪھاڻيءَ جي گس تي سِڌي وک کڻي هلندڙ آهن. سندس ڪھاڻيءَ جي وِک کڻڻ جو انداز ٻُڌائي پيو ته نصرت جنهن منزل جو تعين ڪيو آهي سا اوَس اچڻي آهي. هوءَ جنهن ڌيرج سان بِنا ڪنهن تڪڙ ۽ موٽ جي، جيئن محبت ۽ عشق سان ڪھاڻي لِکي پئي، ايندڙ وقت ۾ ڪو شڪ ناهي ته هوءَ، ڪھاڻيءَ جو زبرو نانءُ هوندي.
ڪھاڻي جيتوڻيڪ قصو ئي آهي، پر هڪڙي بنهه معمولي لڪير آهي، جيڪا کيس قصي کان الڳ ڪري بيھاري ٿي. اُها لڪير، ليکڪ جي اندر جي حِس آهي. ڏات جيڪڏهن قدرت جو تحفو آهي ته اُها حِس پنهنجي پروڙ جي پنڌ مان نِڪري نروار ٿئي ٿي. منھنجو پنھنجو ذاتي خيال آهي ته عورت مرد جي نسبت سُٺي ڪھاڻي لِکي سگهي ٿي. اِهو ان لاءِ نه ٿو چوان ته ڪو عورت قصا-گو هوندي آهي يا گهڻو ڳالھائيندڙ هوندي آهي. پر اِن لاءِ چوان ٿو ته، هوءَ هڪڙو ته فطري طور تخليقڪار آهي. ٻيو وري وٽس سليقو ۽ پرورش ڪرڻ جو قدرتي ڏانءُ آهي. ڪجهه به هُجي، ڪھاڻيءَ جي بهرحال پرورش ڪرڻي پوي ٿي، جيڪا عورت کان وڌيڪ ڪو ئي به ڄاڻي نه ٿو سگهي. مون کي نصرت چانڊيو جي ڪھاڻين مان محسوس ٿئي ٿو ته هُن وٽ هڪ ته ڪھاڻيءَ کي محسوس ڪرڻ جي حِس آهي ٻيو وري هوءَ ڪھاڻي جي پرورش ڪري ٿي يعني ڪھاڻيءَ کي اندر ئي اندر ۾ پچائي ٿي، جيڪا ڳالهه گهٽ ڪھاڻيڪارن وٽ هوندي آهي.
ساڳئي ڪانفرنس ۾ ممتاز لوهار جي ڪهاڻي ”ڌوتل وڳو، ميرو بدن“ ٻُڌم ته دنگ رهجي ويس. ڪھاڻي پڙهڻ جو جيڏو خوبصورت انداز ممتاز وٽ هئو، اوترو ئي خوبصورت ڏانءُ سندس لکت جو هو. مون ڪھاڻي غور سان ٻُڌي. ڪھاڻيءَ جي شروعات واري بيوسي پنھنجي جاءِ تي، پر اوچتو اُها بي وسي ڪيئن ڪُھاڙو بڻجي وئي؛ سا حيرت ۾ وجهندڙ هئي. الائي ڇو محسوس ٿيم ته ڪھاڻي پنھنجو ڇيهه، روايتي انداز ۾ ڪندي ۽ ڪھاڻي جي دامن ۾ هڪ ٻي ڪاريءَ جي ڪھاڻيءَ جو واڌارو ٿيندو. پر ائين نه هئو. ڪھاڻي اُن دِل جي دُنيا کان چڱي طرح واقف هُئي، جيڪا جھان جيڏي وسعت رکندي آهي. ممتاز سچ به ڪمال ڪيو، ڪھاڻيءَ کي جنهن انداز سان وڃي مون جِھڙي ڪھاڻي جي عاشق جي حواسن تي ڦِٽو ڪيائين، سا ادا صفا روح ۾ لھي وئي. هُن پنھنجي ڪھاڻي ۾ جنهن سوچڻ جي انداز (ائپروچ) جو ڏس ڏنو آهي، تنهن جي هن وقت سنڌي معاشري ۾ تمام گهڻي ضرورت آهي. مون اڳ ۾ رسول بخش درس جي هڪڙي اهڙي ڪھاڻي پڙهي آهي پر اُن ڪھاڻيءَ جو رستو، هِن ڪھاڻيءَ کان گهڻو الڳ آهي. ٻنهي ڪھاڻين جا ٿيم، اُتر ۽ ڏکڻ قطب هُجڻ باوجود، سيٽلائيٽ جي مرڪز تي هڪ نظر اچن ٿا. ساڳئي ڪانفرنس ۾ يار محمد چانڊئي ’من اندر جو ماتام‘ ڪھاڻي پڙهي. خانداني يا برادريءَ جي دشمنيءَ جي موضوع تي ۾ سندس ڪھاڻي سُٺو تاثر ڇڏيو. ڪجهه وقت اڳ ۾ مون سندس ڪهاڻي، ”اربع خطا“ پڙهي هئي! معمولي قسم جي فائين ٽيون ڪرڻ کان پوءِ اُها ڪهاڻي، سنڌي ادب جي شاهڪار ڪهاڻي چئي سگهجي ٿي. اُتر جي، شڪارپور، لاڙڪاڻي کان ويندي ڳڙهي خيري ۽ شهداد ڪوٽ جي ماحول ۽ هوائن ۾ پنهنجي خوشبوءِ آهي. هَلڪي ڪلراٺيل ڀونءِ سان جيڪا سُڳداسي چانورن جي مَهڪ اُٿندي آهي، سا هِن ديس جي سڃاڻپ آهي. اُن ۾ ڪٿي نه ڪٿي، ناحق ڪنهن خون جي بوءِ به ضرور شامل آهي. ڊکڻ هُجي يا ڳڙهي ياسين، ڳڙهي صاحب خان هُجي يا ترائي، جواب پور هُجي يا وري مصري واڻ، ڪيئي ڪهاڻيون کيرٿر ڪئنال ۾ لڙهندي گُذري ويون. اُهي ڪهاڻيون، ڪنهن لکيون الائي نه، پر يار محمد چانڊئي اُنهن ڪھاڻين کي سَڳ سميت هٿيڪو ڪيو آهي. مون کي پڪ آهي ته هو اُهي به ڪھاڻيون ضرور لکندو، جيڪي کيرٿر ڪئنال ۾ لُڙهي ته ضرور ويون آهن، پر وقت جي وير ۾ دفن نه ٿيون آهن اڃا.
ڪھاڻي ڪانفرنس ۾ جيڪي به ڪهاڻيون پڙهيون ويون، اُنهن ۾ پنهنجا پنهنجا رنگ ۽ عڪس هئا. ڪي ڪھاڻيون ته ائين سادگيءَ وچان خاموش خاموش گُذري ويون، جيئن هوا جو جهوٽو گذري ويندو آهي ۽ کن ساهيءَ لاءِ گُهٽ ۽ ٻوسٽ جو تاءُ ٽوڙي رکندو آهي. پارس حميد، وفا صالح راڄپر، فرهاد جيلاني، ميان گل محمد، غلام مصطفيٰ سولنگي جون ڪهاڻيون، ائين ئي هوا جي جهوٽي جيان رهيون. مختيار چني، فوزيه سيال ۽ ڪجهه ٻين جون ڪهاڻيون، پنهنجي مٿان گهڻو باردانو کڻي هلندي محسوس ٿيو. جنهن ڪري ڪھاڻي جا پير مون کي الائي ڇو گهڻا ڳرا پئي محسوس ٿيا. ڪھاڻي حقيقت ۾ ڪونج وانگي ولر سان اُڏامندي آهي ۽ ڪوڪارون ڪندي ويندي آهي، جنهن سان اندر کي جُهٻو اچي ويندو آهي. مصور حسين جي ڪهاڻي، حيرت ۽ حُسناڪيءَ جي وچ ۾ ڪنهن پينڊوليم وانگي لڙڪندي رهي ۽ پنهنجي خوبصورتيءَ سان انت کي رسي. نِشا ڪنول جي ڪھاڻي، نزاڪتن سان گڏ، اڌورائپ جو احساس ڇڏي وئي، جيڪو اکين ۾ رُڪجي ويل ڳوڙهن جيان هئو. اِها ڳالهه مون سميت هال ۾ ويٺل ڪيترن ماڻهن محسوس ڪئي هوندي.
ڪانفرنس ۾ دريا خان شنباڻيءَ پنهنجي ڪھاڻين جو ڪتاب ’ڪچا رشتا‘ ڏنو. درياهه خان جون بنا ميڪ اپ جي سادڙيون سُهڻيون ڪھاڻيون وڻيون، پر کيس ورجاءُ کان پاسو ڪندي ڪھاڻي جي ميدان ۾ ٻين ڏسائن ۾ به نڪرڻو پوندو، جتي ڪئي ڪھاڻيون دل وٽان ته نه هونديون پر دِل سان ميڙڻيون پونديون.
تازو فيس بُڪ تي، سيما چانڊيو جي ڪھاڻي اعتقاد پڙهيم. ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙي معمولي ٿيم کي جنهن خوبصورتيءَ سان پيش ڪيو آهي، سو ئي ڪهاڻيءَ جو آئيندو آهي. بس ڳالهه آهي ته پيشڪش جي؛ انداز ڪهڙو ۽ ڪيئن هُجڻ گهرجي.
سيما عباسيءَ جون پنج ڪهاڻيون، هڪ جاءِ تي گڏ پڙهڻ لاءِ مليم. فيس بُڪ تي سندس پوسٽون ڏسي، مون کي محسوس ٿيندو هو ته هوءَ فيمينسٽ واري پاسي شايد ٿورو پلٽيل هُجي. پر سندس ڪھاڻين ۾ هڪڙو روشن ٽٻڪو نظر آيم. مان پڪ سان چوان ٿو ته سيما عباسي بجاءِ ٻين پاسن ڏانهن پنھنجا پَر پکيڙڻ جي جيڪڏهن ڪھاڻيءَ کي پنهنجي پَرن ۾ لِڪائيندي ۽ سنڀاليندي ته، سندس ڪھاڻيون پرِين جيان ادب جي ڪوهه قاف تي ڪيترا ديوَ ماري رکنديون. ويجهڙ ۾ ياسمين چانڊيو جون ڪھاڻيون ’نياڻي‘ ۽ ’ڀانڊارو‘ پڙهيم، جيڪي اڃا شايد شايع نه ٿيون آهن. ڪھاڻيون پنهنجي رنگ ۾ ڏاڍيون رچيل محسوس ٿيون. جن ۾ ننڍڙا ننڍڙا احساس، ڪنهن معصوم ٻار جي مُرڪن ۽ لڙڪن جيان جَڙيل هئا. ياسمين کي به ڪهاڻيءَ جي پنڌ ۾ کڻي جُتيون گسائڻيون نه پون. پر پوءِ به جُتيءَ جون کُڙيون گهٽائڻيون ضرور پونديون، جيڪي خاموشيءَ سان ڪهاڻيءَ جو سفر طئه ڪن.
اظهار بالاديءَ جون ڪجهه ڪهاڻيون، واٽس ايپ تي پڙهيم. سندس ڪھاڻين تي سامونڊي گِهم جا انوکا رنگ چڙهيل آهن، جن ۾ محبوبيت ۽ رومانس جو رنگ، گهڻو رتل نظر اچي ٿو. هو واهوندن جيان گهلندي، جيڪي ڪھاڻيون لکي رهيو آهي، تن کي لُڪ واري ديس جو سير ضرور ڪرائڻو پوندو. باوجود اُن جي هِن ساٿيءَ وٽ، ڪھاڻيءَ جو جيڪو جنون آهي، سو کيس ضرور دڳ لڳائيندو.
سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو جَھان آهي، جنهن ۾ انيڪ نالا آهن، جيڪي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. ڪهاڻي ڪانفرنس ۾، ڪهاڻيون پڙهندڙ ڪيترا ڪهاڻيڪار رهجي ويا آهن، جن جون ڪهاڻيون پڙهيون نه اٿم اڃا. اُن کان سواءِ ڪافي نوجوانن جا نوان ڪهاڻي-ڪتاب مليا آهن. کوڙ نالا آهن، جن تي لکڻو آهي؛ مرتضيٰ اوٺو، درياهه خان شنباڻي، امداد رند، جعفر شاهاڻي، صنم ڪاظمي، ظفر پياروي، محمد دين راڄڙي، مخدومه آسيه قريشي، آصف ڪالرو، سرمد عباسي، امداد ڪانهيو، احساس ابڙو. ان کان سواءِ ٻيا ڪجهه منهنجا همعصر به آهن، جن ۾ پروفيسر ثمينه ابڙو، شگفته شاهه، بانو محبوب جوکيو، منور سراج، شبانه سنڌي، ساجده جبين، سنڌيا شاهه، جَھان آرا سومرو، پروفيسر سيما ابڙو، فھميده شرف بلوچ، راجن منڱريو، پير عبيد راشدي ۽ ٻيا.
مٿي ذڪر ڪيل سمورن ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون، مان اکين سان نه، پر دل سان پڙھندو آھيان ۽ پڙھندو رھندس. مان نون ۽ سينئرز ۽ انھن ليکڪن، جن اڃا ھاڻي ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون آھن يا شروع ڪرڻ وارا آھن، کي گڏ ڪرڻ چاھيان ٿو. ھا منھنجو خواب آھي ته ھڪڙو ڪٿا-اسٿان قائم ڪري، ڪھاڻيون ٻڌجن ۽ ٻُڌائجن. اُھي ڪھاڻيون وري ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿينديون به رھن. طارق اشرف وانگر، وري ڪي نوان ڪھاڻيڪار دريافت ڪجن، نه ته خود ساخته ڏاھا ۽ تبصرا-نگار، توھان کي اھو ئي راڳ ٻڌائيندا رھندا ته؛ سنڌ ۾ نوان (سُٺا) ڪھاڻيڪار ڪٿي آھن.... ؟
ٽيل پِيس (Tail Piece)
جيڪي تبصرا-نگار، تحقيق ڪندڙ، جائزه لکندڙ يا دانشور وغيره آھن، انھن کان توھان اھو سوال پڇو ته؛ موجوده دور ۾ واقعي عظيم سنڌي ڪھاڻي ڪونھي؟
جيڪڏھن ھو چون ٿا ته؛ ’عظيم سنڌي ڪھاڻي، سنڌ ۾ ڪو نه ٿي لکجي‘.پوءِ پڪ سمجهو ته، ھنن گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڏھاڪن کان، سنڌ جي ڪھاڻيءَ کي پڙھيو ڪونھي. يا انھن ڪھاڻيڪارن جي ڏات، کين ڏنڀ ٿي ڏئي.

No comments:

Post a Comment