Saturday, December 28, 2019

جھٽ نڪاح، پٽ طلاق


جھٽ نڪاح، پٽ طلاق
مختصر ڪهاڻي
راشد محمود سومرو مستانو
هڪ همراھ جي ڀيڻ، يونيورسٽيءَ کان نه موٽي. شام تائين گهر وارا پريشان. موبائل به بند. سمورين سهيلين کان به پڇا ڪئي وئي. خبر نه پئي. آخر ٻئي ڏينهن، ڇوڪري گهر واپس ٿي.
گهر وارن پريشانيءَ ۽ ڪاوڙ مان پڇيس؛ ”ڪاٿي هئين ڪالھ کان؟!“
ٻڌايائين؛ ”مان شادي ڪئي هئي.“


ڀاڻس پڇيس؛ ”شادي؟ نڪاح ڪنهن پڙهيو؟ گواه ڪير هئا؟ گهوٽ ڪاٿي آ......؟“
ڀيڻس ٽهڪ ڏيندي چيس؛ ”ڇا جو نڪاح؟ ڇا جا گواھ؟ تون ته سڄو ڏينهن فيسبوڪ تي لکندو هئين ته نڪاح، ٻن ماڻهن جو راضپو آ! اسان ٻئي ڪالھ راضي هئاسين. اڄ ان جي موبائل چيڪ ڪيم. ٻي ڇوڪريءَ جا ميسيج ڏٺامانس. بس طلاق وٺي، گھر هلي آيم.“

(راشد محمود سومرو مستانو جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment