Saturday, December 7, 2019

ڪھاڻيءَ رقاصا جو ويران بالاخانو - ضراب حيدر


ڪھاڻيءَ رقاصا جو ويران بالاخانو
ضراب حيدر
لکين ڪروڙين ڪھاڻيون، روزانو هِن ڌرتيءَ جي گلوب جي گولائي تي گُهمنديون ڦِرنديون رهن ٿيون. تصويري/ چٽساليءَ جي اُڪريل اُهڃاڻن کان وٺي، گُم ٿيل تاريخن ۾ به ڪھاڻيءَ جو پنهنجو هڪڙو عروج ۽ ڪمال رهيو آهي. ڌرتيءَ جي وجود تي نظر ايندڙ ۽ ميسارجي ويل سموريون فُٽ پرنٽس، ڪا گواهي يا ثابتي ڏين يا نه ڏين، پر اُهي سمورا پيرا لکين ڪروڙين ڪھاڻين جو تسلسل آهن، جن زندگيءَ/ جيوت کي ارتقا کان عروج تي رسايو. ڀل اسان اُن کي نه ڏٺو هجي، ڀل اسان اُن بابت ڪجهه نه ٻُڌو هجي، پر ڪهاڻي هڪڙو تسلسل بڻجي ڪائناتي ڌماڪي (Big Bang) کان وٺي آدم ۽ آدم کان وٺي تهذيبن جا دؤر اورانگهيندي وقت جي رفتار سان ڪاهيندي آئي آهي.


ڪهاڻي جيڪا آسماني صحيفن کان وٺي زميني ورقن جي زنده صنف آهي. ڪهاڻي، جيوت جا سمورا رنگ سمائي، ”ڪُن فيڪون“ جي آواز کان سُرندي رڙهندي اچي، تِنهن کي جيوت جو ظاهري مرگ ڀَسم ڪري نٿو سگهي.
هيءَ جا ڪهاڻي هر جيوت ۽ هر ڪِرت ۾ وسي پئي، هر رنگ ۽ نسل ۾ کِلي ۽ نچي پئي اُن جو ڪلائيميڪس اڃا ڪٿي آيو آهي!؟ هوءَ جا ڪهاڻي پنهنجي سمورين حُسناڪين ۽ المين سان زندهه آهي، سا اينٽي ڪلائيميڪس جو يو-ٽرن (U-Turn) ڪاٽي، نئين کان نئين دڳ تي پنهنجي سفر سان ڌمالون هڻندي، ٽانڊُو ناچ نچندي، مُھين جي رقاصا جيان تخليق جا راز آشڪار ڪندي رهي آهي.
ڪھاڻي، جيڪا منھنجي محبوبا آهي، سا ته مون کان سدائين رُٺل رهي آهي. جڏهن کان عدم جي خواب مان جاڳيو آهيان، اک پٽي اٿم، هوش سنڀاليو اٿم، کيس پرچائيندو ئي رهيو آهيان. مون جِھڙن ٻين ڪيترن چاهيندڙن، عاشقن کان به هوءَ اڃا سوڌو ناهي پرتي. زندگيءَ جي ڪوٺي تي رقص ڪندڙ ڪھاڻي محبوبا، جنهن جي پيرن ۾ گهنگهرن جي گَهنگُهورتا سان گڏ هڪڙِي درد جِھڙو ڪٿڪ رَقصندي، کَنڪندي ليئا پائيندي دِلين ۽ آرسين جيان ٽُٽندو رهيو آهي، اُن کي اڃا سوڌو ڪنهن به نه ميڙيو آهي. سندس سمورا چاهيندڙ هڪڙي عجيب نشي ۾ اُن ڪٿڪ جون رمزون ۽ راز پروڙڻ ۾ جُڳن کان مَحوَ رهيا آهن پر اڃا تائين ڪھاڻيءَ جي رقص ۽ ڪٿڪ جي ڪٿا ڪنهن به نه پروڙي آهي.
ڪٿا جيڪا ڪهاڻيءَ جي ڪٿڪ ۾ کنڪندي، گُهنگهرن جي ڇن ڇنا ڇن ۾ سِمرندي ڪائنات جي رِڌم کي ڇُھندي رهي آهي، اُن کي قديم دؤر جي عاشقن ۽ چاهيندڙن، ڳاهه ڪري به ڳايو ته قصو کڻي به ٻڌايو. دستاويزي اتھاس جي نه کُٽندڙ ورقن ۾ ڪهاڻيءَ داستان جو دامن به ويڙهيو ته سورٺي ۽ بيت جي ساٺن سان به سَھيڙيو. پر پوءِ به هُن (ڪهاڻي) جو خدوخال، ڪوٺي جي اُن رقاصا/ محبوبا جهڙو رهيو جيڪا مختصر گهڙين ۾ پل جي رقص ۾ ڪيترين ئي ڪٿائن جو ڪٿڪ نچي، ڳالهه ڪوتاهه ڪري رکندي آهي. قِصو تمام ڪري داستان دم ڪري ڇڏيندي آهي. مطلب ته:
عشق تمام برهه تمام، وو! مين لُوٺي يار لوڪو،
سيڄ سُتي نون جهپ نه آوي، نيڻين ننڊ حرام.
”شاهه رحه“
سوچيان ٿو، آخر ڇو ڪھاڻي محبوبا جي چاهيندڙن کي ننڊ کڻي وئي!؟ جيڪڏهن کين ننڊ نه کنيو ته ڪھاڻي محبوبا کان غافل ضرور ٿي ويا. ڀلا ٻيو ڪجهه نه ته ايترو سو ضرور ٿيو جو اُهي کيس پيار پُراڻي يا راند ٻاراڻيءَ وانگي وساري ويٺا، يا وري هُنن ايئن ڀانيو ته هاڻي سندن محبوبا (ڪھاڻي) پوڙهي ٿي چُڪي آهي!؟
سوچيان ٿو، شمع به ڪڏهن پوڙهي ٿيندي آهي ڇا؟ پتنگ ۽ پروانا به ڪڏهن موٽيا آهن ڇا؟ هي ڪهڙو پريم ھو، هي ڪهڙو عشق هو، جيڪو اُڀرندي/ اُسرندي ئي ميرانجهڙو ٿي ويو!
ايئن به ڪونهي ته ڪھاڻي رڳو پنهنجي چاهيندڙن ۽ عاشقن جي محبوبا رهي. اُها ته اُنهن گوپين جي به رام ڪرشنا رهي، جيڪي ساڻس ننڍپڻ کان پريم ليلائون ڪنديون رهيون. ڪهاڻيءَ ڪٿا جي ڪٿڪ جون ڪيتريون ئي گوپيون، داسيون ۽ ميران ٻايون به رهيون، پر الائي ڇو؟ انهن جو جوڳ به نِرواڻ کان اڳ ۾، مندر جي گِهنڊن جي نظر ٿي ويو. اُهي گوپيون، داسيون ۽ ميران ٻايون، پِتل جي سونهري گِهنڊن جي موهه ۽ آوازن ۾، رام ڪٿا جي ڪٿڪ کي وساري، پنهنجي ئي شور ۽ گھمسان ۾ گم ٿي ويون.
سوچيان ٿو، هي صدين جو تسلسل، هي جُڳن جي رياضت ڪيڏانهن وئي؟ هي سانگ هي ڳاهه، هي قصا هي داستان، هي بيت سورٺا ۽ وايون ۽ سنڌ جي شِھزادي شاهه لطيف جون چِٽيل باريڪ مختصر تصويرون، ڇو ڌندليون ٿي ويون. جن جي رنگن ۽ رمزن ۾ ڪهاڻي اسان کان ايئن ڏور ٿي وئي، ايئن رُسي وئي، جيئن مومل کان راڻو رُٺو هو. اسان پنهنجي تهذيب ۽ ساهت جي محل ۾ جيڪي به ڪھاڻي ڪٿا جون ڏياٽِيون ٻارِيون هُيون، سي ايئن اُجهامي ويون، جيئن اوچتو راهه ۾ ڇانءَ اُجهامي ويندي آهي. اڄ نه اُهو محل نظر اچي ٿو، نه اُهو ڪوٺو (بالاخانو) ئي آباد آهي. زندگيءَ جي پنجين موسم کانپوءِ، ڪھاڻيءَ جو بالاخانو به اُجڙي ويو. جتي ڪهاڻي محبوبا جو رقص ۽ ڪٿڪ ڏسڻ لاءِ، وڏا وڏا قدردان ايندا هئا. ساڻس اکيون مِلائيندا هئا، دليون هارائيندا هئا، داد ڏيندا هئا، دانُ وٺندا هئا ۽ پوءِ اُها محبوبا رقاصا (ڪھاڻي) ڏسندي پسندي، لکندي پڙهندي پاڻ به ڪا ڪھاڻي بڻجي ويندا هئا. انهن قدردانن ۽ چاهيندڙن مان هڪڙو جمال ابڙو به هو، جنهن ڪھاڻيءَ مجبوبا سان خوب افيئر ڪيو. هُن سندس ڪوٺي تي ڪُل ٻارهن بيٺڪون ڪيون. ڪھاڻيءَ محبوبا به مٿس موهجي پئي. کيس جمال ابڙي طرفان ڏنل داد، ڏاڍو ڀانءِ پيو. هوءَ مِڙي سندس ويجهو به آئي، پر جمال الائي ته ڇا سوچي، ڪھاڻيءَ جي بالاخاني تان رَمتو ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن به سندس ڪوٺي تي نه چڙهيو، نه وريو. سالن تائين ڪھاڻي رقاصا جي پيرن جا گُهنگهرو ۽ ڪٿڪ جا خدوخال جمال جي داد لاءِ واجهائيندا رهيا. ڪيڏو نه بي رحم عاشق هو جمال به، ڪيڏو نه بي چيو چاهيندڙ هو جمال به!؟ جنهن پنهنجي مرضيءَ سان ڪھاڻيءَ جا ڪوٺا لتاڙيا پر ”رات گئي، بات گئي“ وانگي ڪڏهن يادگيري طور به پنهنجي محبوبا ڪھاڻيءَ کي نه ساريائين. جنهن ٻارهن ويهڪن ۾ پنهنجا وڏا راز ۽ رمزون کيس سمجهائي ڇڏيون هيون.
”مان مرد“ ۾ جمال جيتوڻيڪ وڏيون دعوائون ڪندي، ’مڙس ماڻهو ٿيڻ‘ جون نصيحتون ڪيون هُيون. پر پاڻ زندگيءَ جي زائفان صفت ادائن جي رنگ ۾ کوئجي ويو. ڪنهن اڻاسي جيان پنهنجو سڄڻ، پنهنجو پريم وساري ويٺو. زندگيءَ جي پڇاڙڪن لمحن ۾ جيتوڻيڪ هُن پنهنجي ’يادن جي بارات‘ مطلب ’آتم ڪٿا‘ ته لِکي ڇڏي، پر جوانيءَ جي عشق ۽ اُنس جو ڪانڌي به نه ٿيو، جنهن کي ذري گهٽ هو ماري نڪتو هو. هي اُهو ئي عشق، هيءَ اُها ئي رقاصا ڪھاڻي هئي نه جنهن پنهنجي رقص ۽ ڪٿڪ سان کيس ڪٿا سمجهائي هئي. جمال جڏهن رقص ۽ ساز جي اُن جهنڪار تي چپٽي وڄائيندي پنهنجي آڱرين کي چورِيو هو ته تاريخ کيس هڪڙو ناقابل فراموش ڪھاڻيڪار بڻائي ڇڏيو هو. ڪير ڪيئن به چوي، آئون جمال ابڙي کي بيوفا ضرور چوندس. زندگيءَ جي اَٺن ڏهاڪن ۾ جيڪڏهن هو سال جي هر خزان ۽ بهار ۾ ئي پنهنجي محبوبا کي ساري ها ته جيڪر سوين لاجواب ۽ شاهڪار ڪهاڻيون، سنڌ جي نقشي ۽ اِتهاس تي تارن جيان ٽِمڪنديون رهن ها ۽ سنڌ جي ساهتي تاريخ جي ورقن ۾ اِها ساک ڏينديون رهن ها، ته سنڌي ڪهاڻي نه پوڙهي ٿي آهي نه وري مُئي آهي، نه ڪا کيس گولي لڳي آهي، نه وري ڪنهن ٻئي حادثي کيس عليل، ڪمزور يا معذور ڪيو آهي.
ساڳيءَ طرح سراج به ڪھاڻيءَ کان هٿڙو ڇڏائي ويو.
آئون جمال ۽ سراج کي ڪھاڻيءَ جا ٻه اهڙا ڇيڙا سمجهان ٿو، جن ڪھاڻيءَ جي گلوب کي روشن ۽ متوازن رکيو آهي. هڪڙو جيڪڏهن ڪهاڻيءَ جو اُتر قطب آهي ته ٻيو وري ڏکڻ قطب آهي. باقي جا ٻيا سمورا ڪهاڻيڪار ڄڻ ته ڪھاڻيءَ جي گولي (گلوب) جون ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪون آهن، جن ڪهاڻيءَ جي گلوب ۽ ماحول ۾ موسمي تبديليون آڻڻ سان گڏوگڏ وقت جا ڪانٽا بيھاريا آهن.
سراج جنهن ڪھاڻيءَ کي درد سمجهندي به ايئن ئي چيو ۽ سڏيو ته هلي آءُ، مطلب ته ”اي درد هلي آءُ..“ هُن ڪھاڻيءَ جي ڪوٺي تي وڃي سندس جُوڙي ۾ گُل لڳايو. رقص ڪندڙ ڪھاڻيءَ سندس داسي ٿيڻ قبوليو. پر سراج به سندس آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. سراج، ڪلا جي اُفق تي ڪھاڻيءَ کي نون زاوين سان ٽانڪي بيھاريو، ديسي رقاصا ۽ ڏيھي محبوبا (سنڌي ڪھاڻي) کي اهڙو ته ٻاهريون (ولايتي) ويس پارايو جو وڃي ٿيا خير. مطلب ته سراج ڌارئي سينگار ڌارئي رنگ (ميڪ اپ) جي اهڙي ته پنهنجائپ سان سندس چِھري تي پيوندڪاري/ گُلڪاري ڪئي جو ايئن لڳو ڄڻ هي ڪھاڻي، هي رقاصا نه پر هي سمورو آسمان، هي سمورو آڪاس، هي سمورو ميدان پنهنجو آهي. ۽ اِهو تصور تڪ ختم ڪري مِٽائي ڇڏيو ته ”هڪ سج؛ ٻه پاڇا“ به ڪي ٿيندا آهن!؟ ۽ پوءِ جڏهن سراج پاڻ سورج ٿي ويو ته هُن ڪھاڻيءَ جي سموري پَٽ، سموري ڪوٺي، سموري ڌرتيءَ کي اونداهو ڪري رکيو. سورج هوندي به سراج هڪ ڪرڻو اُن ڪوٺي (ڌرتيءَ) تي وارِد نه ڪيو، جتي سندس محبوبا ڪھاڻي رقاصا سندس اوسيئڙو ڪندي رهي. سراج کي ڇَٺي ڇهه-ماهي به ڪهاڻيءَ جي بالاخاني تي وڃي، ڏيئو ٻارڻ گهرجي ها... پر الائي ڇو هُن به جمال ابڙي جيان ڪھاڻي محبوبا کان مُنھن مٽيو تـه وري کيس موٽي نه نِھاريائين. سراج اسان جي ساهت جو ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ سورج آهي پر هُن به ويچاري ڪھاڻيءَ سان بيوفائي ڪئي. ساڻس فِلرٽ ڪندي کيس ڇڏي رولي ويو.
نسيم تي ميار، اِن لاءِ به ناهي جو نسيم ڪھاڻيءَ جي پِڙ مان باد نسيم بڻجي وقت کان گهڻو اڳ ۾ روانو ٿي ويو. شايد اِن ڪري به جو جيڪڏهن نسيم، سحر ٿيڻ تائين، ڪھاڻيءَ جي آسٿان تي پَلٿي هڻي ويٺو رهي ها ته شايد ڪھاڻي محبوبا سندس ئي ٿي رهجي وڃي ها. يا وري رقص ۽ ڪٿڪ ڇڏي، ساڻس ڀڄي نڪري ها. پر نسيم اُن اينٽي ڪِلائيميڪس کان اڳ ئي، پاڻ هڪڙي ڪٿا هڪ ڪھاڻي بڻجي ويو.
امر (امرجليل) وري مارگلا جي وادين ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ ڪھاڻي محبوبا جون سموريون پرچيون ”بارنيس اسٽريٽ“ جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيون ۽ مارگلا جي موهه ۾ نئين ”دل جي دنيا“ بڻائي ۽ وسائي ويٺو. ڪھاڻي محبوبا جيتوڻيڪ سندس هٿ پڪڙي کيس گهڻو روڪيو، جَهليو ۽ اهو به کيس چيائين ته؛ ”اچ! تو کي آئون پنهنجو امرت پياري امرتا بخشيان.“ پر هُن سندس هڪ به نه ٻُڌي. جنهنڪري امرجليل به جهڙو بيوفا ثابت ٿيو. هاڻي به ڪهاڻي امرجليل جون راهون تڪي رهي آهي، کيس سڏي رهي آهي ۽ هو وري دانشوريءَ جي خول ۾ پاڻ سُڃاڻن جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
سوچيان ٿو، سوچيان اِن ڪري نٿو جو اِها منهنجي محض سوچ آهي. سوچيان اِن ڪري به ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ آئون ڪهاڻيءَ جي ڪوٺي تي چڙهي ويو هوس. عجيب ويرانيءَ وارو سمان هو. سمورين سيڙهين تي دز ۽ مٽي پکڙيل هئي، جيتوڻيڪ ڪھاڻي جي چاهيندڙن جي پيرن جا ميٽوڻا نشان ۽ اُڇلايل گُل، مُرجهايل/ سُڪل حالت ۾ پَٽَ تي پيل هئا. مون جڏهن ڪھاڻي محبوبا جي ڪوٺي جو دروازو کوليو ته اندر اوندهه ٻاٽ هئي. ڪھاڻيءَ محبوبا، جيڪا مُنھن مونن (گوڏن) ۾ لِڪائي پنهنجي اڪيلائيءَ تي روئي رهي هئي، مون ڏانهن ڪنڌ کڻي نِھاريو ته چوڏس چانڊاڻ ٿي وئي. کن پل ۾ ئي تمام گهڻي روشني ڦهلجي وئي. اهڙي روشني، جِھڙي ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ، سالن تائين سنڌي ادب جي آڪاس تي هئي.
ڪھاڻي اُن لمحي به اهڙي ئي هئي، جِھڙي صديون اڳ هئي. منجهس رتِيءَ جو به فرق نه آيو هو. ها پر هار سينگار ۽ ٺاهه ٺوهه نه هئڻ ڪري، ڪجهه مُرجهايل ۽ وڃايل ٿي لڳي. هُن مون کان پنهنجي چاهيندڙن ۽ ماضيءَ جي عاشقن جو سربستو احوال پُڇيو. هُن مون کان حفيظ قريشيءَ، رباني آگري، عثمان انصاري، عبدالحق عالماڻيءَ کان ويندي جمال ابڙي، سراج الحق، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم، عبدالقادر جوڻيجي، ابن حيات پنهور، نجم عباسي، غلام نبي مغل، علي بابا، ماڻڪ مُنير، مدد سنڌي، مشتاق ۽ شوڪت شوري، طارق عالم، ملڪ آگاڻي، رحمت ماڃوٺي، منظور ڪوهيار، مُراد قريشي، طارق قريشيءَ ۽ ٻين ڪيترن جو پَتو معلوم ڪيو. مون کيس ٻڌايو ته؛ ”هڪڙا ويچارا تنهنجا چاهيندڙ، هي فاني جَھان ڇڏي ويا. باقي جيڪي آهن سي چاق چڱا ڀلا آهن. مولا کين وڏيون ڄمارون ڏي.“
هُن پُڇيو؛ ”ڀلا ڪٿي گُم آهن؟ منهنجا اُهي پرين پيارا! مون کي صفا وساري ويهي رهيا، وري ڀيرو ئي نه ڀڳائون؟“
هو وڌي ٿوري ويجهو آئي ۽ چيائين؛ ”ڏس آئون ته اُها ئي ساڳي آهيان. ذور به ناهيان بدلي. پوءِ ڇو مون کان مُنهن موڙي ويا...؟“
مون کيس چيو؛ ”تون ته اڄ به سموري سُندرتا ۽ سونهن آهين. تنهنجي ڪٿڪ ۽ رقص ۾ اڄ به اُهو ئي ڪمال ۽ عروج آهي. تنهنجون ادائون به ساڳيون آهن...“
هُن وري چيو؛ ”ڀلا ٻُڌاءِ ته منهنجا چاهيندڙ، منهنجا عاشق ڇا پيا ڪَن؟“
مون کيس نه ٻُڌائڻ چاهيندي به ٻُڌايو ته؛ ”تنهنجي چاهيندڙن مان ڪِن ڊرامن ۽ ناٽڪن سان دوستي ڪري ڇڏي آهي ته ڪِن وري ڪرسين سان ياري رکي ڇڏي آهي. ڪي تحقيق تي موهجي پيا آهن ته ڪِن کي وري عهدا ۽ اين جي اوز ڳڙڪائي ويا آهن. ڪن کي وري ميڊيا چَٽي وئي آهي. باقي جيڪي اڃا تو تي فدا آهن، تن جو حال اِهو آهي جو وٽن تو کي داد ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. ايتري قدر جو تو کي مصنوعي گُل ئي ارپڻ لاءِ وٽن سفيد ڪاڳر به ناهن.“
هُن وري پُڇيو؛ ”ڀلا اُهي گوپيون، داسيون ۽ ميران ٻايون ڪٿي آهن؟ جيڪي منهنجون سهيليون هُيون.“
کن پل خاموش رهيس. پوءِ سوچيندي چيم؛ ”اُنهن جي ته مون کي به خبر ناهي. پر شايد اُهي پنهنجي سپنن جي دنيائُن سان پرڻجي، اُنهن ۾ کوئجي ويون.“
اُن وقت سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. هن ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ ۽ ”حُر مُکيءَ جا“ کان وٺي سموري وارتا مون کي ٻڌائي ۽ آخر ۾ چيائين؛ ”تون وڃ، منهنجي سمورن چاهيندڙن کي منهنجو سِڪ ڀريو سلام چئجان ۽ کين اِهو چئجان ته؛ هو مون سان بيوفائي ڪري ويا، پر مون اڄ سوڌو ساڻن بيوفائي ناهي ڪئي. هو اڄ به منهنجي حوالي سان زندهه آهن. منهنجي حوالي سان ڄاتا سُڃاتا وڃن ٿا ۽ کين اِهو به ضرور چئجانءِ جيتوڻيڪ آئون اڃا به آسروند آهيان ته ڪو نه ڪو منهنجو سچو چاهيندڙ مداح، ضرور ايندو جيڪو مون سان توڙ نڀائيندو. پر جي مان مَري پيس ته پوءِ ڪير کين سارڻ ۽ سڃاڻڻ وارو هوندو؟؟
جڏهن شمع ئي نه رهندي ته پروانا ڪير ساريندو!! پروانن جو ذڪر ڪير ڪندو؟

No comments:

Post a Comment