Tuesday, December 24, 2019

گِرهڻ - فرح ديبا چنگيزي


گِرهڻ
ڪهاڻي
فرح ديبا چنگيزي
هُن کي پهريون ڀيرو يونيورسٽي ۾ ڏٺو هيائين. پهرين جهلڪ ۾ کيس هُن جون اکيون ميگهه ملهار محسوس ٿيون هيون، هوءَ پهرين جهلڪ ۾ ئي کوئجي وئي هئي.
هوءَ جيڪا شروع کان نهايت سُلڇڻي ۽ سٻاجهي هئي، تنهن پنهنجي اسڪولي وهيءَ کان ويندي يونيورسٽيءَ تائين، پنهنجو پاڻ رڳو ڪتابن ۾ محوَ رکيو هو. هُن ڪڏهن به ڀُلجي ڪنهن اک ۾ نه نهاريو هو، نه وري ڪنهن جي نيڻن ۾ پنهنجو پاڻ پسڻ جي ڪوشش ڪئي هيائين. اِهو ڪارڻ هو جو سندس اکيون وڏيون، سهڻيون، عقابي هوندي به سندس نهٺا نيڻ ڄڻ رِڻ بڻيل هوندا هئا. جن ۾ ڪنهن جو به نِهارڻ بي سُود هوندو هو.


هوءَ پهرئين ڏينهن جيئن يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿي هئي ته سندس ڊپارٽمينٽ جي لنگهه وٽ کيس ڏٺو هيائين. هو ڊپارٽمينٽ جي مُک دروازي کي ٽيڪ ڏئي بيٺو هو ۽ پنهنجي وڏن ڪارن شيشن واري عينڪ، رومال سان صاف ڪري رهيو هو. سيما لحظي ۾ ئي هُن جي اکين ۾ پنهنجو پاڻ پسي ورتو هو. هڪ ويرم، هڪ جهلڪ ۾ سيما جي سالن جا بند ڀڄي پيا هئا. هوءَ انهن اکين جي گهرائيءَ ۾ وڌيڪ لهڻ کان اڳ ۾ ئي دهلجي وئي هئي. دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو هئس. پر کن پل ۾ ئي هُن، پنهنجو پاڻ کي سمجھائي ورتو هو ته؛
”نه ايئن ڪونهي، نه وري ايئن ٿيندو!“
ڳالهه ته دل ۾ الائي ڪهڙي هئس پر سيما، ذهن ۽ چپن ۾ هلڪو ڀُڻڪيو هو. رات جو جڏهن هوءَ پنهجي هاسٽل واري ڪمري جي بيڊ تي اچي ليٽي هئي ته اُهي ميگهه ملهار اکيون، اڳيان ڦري آيون هئس. سيما ڪيترا ئي پاسا ورايا هئا، صبح وارا چيل ساڳيا جملا، دل ئي دل ۾ ورجايا هيائين؛
”نه ايئن ڪونهي، نه وري ايئن ٿيندو!“ پر ڪا به ڳالهه سندس وس ۾ ڪو نه هئي. لُڇندي ڦٿڪندي رات گذاري هيائين ۽ صبح جو اوڄاڳيل اکين سان ڪلاس ۾ اچي ويٺي هئي. هوءَ، جيڪا پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ ۽ پنهنجي دل کي سمجهائڻ لاءِ چپن ۾ ڀُڻڪندي رهندي هئي ته؛
”نه ايئن ڪونهي، نه وري ايئن ٿيندو!“ جي اُبتڙ، سندس اندر ۾ گهڻو ڪجهه هو. سندس اندر ۾ گهڻو ڪجهه ٿي چُڪو هو. هوءَ پنهنجي سموري هستي ۽ حيثيت، هڪ لحظي جي نِهار ۾ وڃائي ويٺي هئي.
ڪالهه جيان اڄُ به، سندس ڪلاس ۾ اُهو ساڳيو ميگهه ملهار اکين وارو ڇوڪرو موجود ڪو نه هو. ڪلاس پُورو ڪري ٻاهر نڪتي هئي ته ساڳيو ڇوڪرو، لان ۾ هڪ بينچ تي ويٺو هو. سندس جهوليءَ ۾ ڪجهه ڪتاب هئا، جيڪي هُن جي ٿڦڪين سان وڄي رهيا هئا. هُن ٿڦڪين جو آواز جيتوڻيڪ نه ٻڌو هو، پر پري کان ٿڦڪين جي اُنهن احساسن کي ڄاڻي ورتو هو. ويتر سندس من ۾ الائي ته ڪهڙا ساز ڇِڙي پيا هئا.
هوءَ روزانو، پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ ايندي هئي. اُهو شخص روزانو کيس ڊپارٽمينٽ جي احاطي ۾ يا ڊپارٽمينٽ جي آس پاس نظر ايندو هو. سندس اکين تي سدائين وڏن ڪارن شيشن وارو چشمو چڙهيل هوندو هو. سندس هٿ سدائين حرڪت ۾ هوندا هئا. هٿن جي اُها حرڪت، ڪڏهن ڪا تصوير چِٽيندي محسوس ٿيندي هئي ته ڪڏهن وري ڪا بانسري وڄائيندي محسوس ٿيندي هئي. هُن هڪ لحظي ۾، جن ميگهه ملهار اکين اندر، پنهنجو پاڻ پَسيو هو، سي اکيون وڏن ڪارن شيشن پُٺيان ڇا پيون سوچينديون هُيون سا سُڌ سيما کي ڪڏهن به پئجي نه سگهي هئي. سيما، اُن شخص کي ڪڏهن به ڪلاس ۾ ايندي ويندي نه ڏٺو هو. هوءَ چاهيندي به اِهو معلوم ڪري نه سگهي هئي ته؛
”آخر هو ڪير آهي؟ سندس ڊپارٽمينٽ جي آس پاس ڇا ڪندو آهي.“
اُن کان وڌيڪ هوءَ اِن ڳڻتيءَ ۾ رهندي هئي ته اُهي ميگهه ملهار اکيون، سدائين ڪارن شيشن ۾ ڇو لِڪل آهن!؟
هوءَ هڪ لحظي ۾ اُنهن ميگهه ملهار اکين ۾ جيڪو پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺي هئي، سا ساندهه چار سال يونيورسٽيءَ ۾ گُمنام رهي. سيما يونيورسٽيءَ جي پڙهائي دوران، پنهنجو پاڻ ڏاڍو ڳولهڻ چاهيو پر هوءَ سدائين کوئبي ئي رهي. اِهو ئي ڪارڻ هو جو سموريون ڪلاس فيلو، توڙي يونيورسٽي ميٽ ڇوڪريون، کيس محدود ڇوڪري سمجهنديون هُيون.
سيما سدائين اِن وجهه ۾ رهندي هئي ته ڪاش! ڪڏهن، ڪٿي هڪ ڀيرو اُهي اکيون، ڪارن شيشن کان آجيون مِلن ۽ هوءَ اُنهن اکين ۾ وڃايل پنهنجو پاڻ ڳولهي سگهي. کوئجي ويل پنهنجو پاڻ موٽائي سگهي. پر اهڙو موقعو کيس ڪڏهن به ميسر نه ٿيو. چئن سالن تائين، هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ مُسلسل وڃائجندي ئي رهي. هوءَ اُن پهرين جهلڪ جي لحظي ۾ جيئن جَرڪي هئي، اهڙو سمان سندس زندگيءَ ۾ ڪڏهن وري ڪين آيو هو. يونيورسٽيءَ جي چئن بهارن ۾، سندس مَنَ ۾ ڪي به مُکڙيون نه ڦُٽي سگهيون هُيون. جيتوڻيڪ ڪيترن چاهيندڙن کيس موتيا ۽ گلاب ارپيا هئا. هوءَ جيڪا رابيل رُت ۾ اڪيلي رهجي وئي هئي، تنهن ميگهه ملهار اکين کان سواءِ ڪجهه به ڪين چاهيو هو. هوءَ ته چئن سالن ۾ اُن شخص جي جسماني بيهڪ ۽ اوڍيل پوشاڪ کان به بي نياز رهي هئي. سيما، سدائين ڪارن شيشن پُٺيان، اُهي اکيون ڳولهيندي رهي هئي، جيڪي شيشن جي تاريڪي ۾ گُم رهنديون هُيون. هوءَ اُن شخص جي هٿن جي حرڪت ۾ ڪجهه ڄاڻڻ ۽ جانچڻ چاهيندي هئي، جيڪي اِشارن سان تصويرون ٺاهيندا ۽ بانسري وڄائيندا رهندا هئا.
يونيورسٽيءَ جي پنجين سردي، بهار ۽ گرمي گذري وئي. پنجين خزان پنهنجي خار سان آئي. هاڻي هر ڪنهن جي موڪلاڻي هئي. هوءَ به اي سي ٽو مان، پنهنجون مارڪس شيٽون ۽ سرٽيفِڪيٽ وٺي، ڊپارٽمينٽ آئي، صرف پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ کان موڪلائڻ. هوءَ جڏهن ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ميڊم رافعه جي آفيس ۾ داخل ٿي ته اُهو ساڳيو شخص به ميڊم جي آفيس ۾ موجود هو. هو ڪرسيءَ تي ويٺو هو. سندس اکين تي ساڳيو ڪارو چشمو چڙهيل هو ۽ هو پنهنجي مُنهن مُرڪي رهيو هو.
ميڊم رافعه کيس کِلي کيڪاريو. سيما موڪلائيندي هڪ نگاهه اُن شخص ڏانهن نِهاريو، جنهن تي ميڊم رافعه اُن شخص جو تعارف ڪرائيندي چيو؛
”هي منهنجو ننڍو ڀاءُ عديل آهي.“ سيما حيرت وچان هُن ڏانهن نِهاريو، ميڊم رافعه اُداسيءَ وچان چيو؛ ”هي ڄائي ڄم کان ائبنارمل ۽ نابين آهي. مٿس گِرهڻ جو اثر ٿيو هو. روز هتي مون سان ايندو آهي. جيستائين مان هتي هوندي آهيان، هي به اِتي ئي آس پاس هوندو آهي ۽ واپسيءَ تي مون سان گڏ، گهر هلندو آهي.“
سيما کان ڇِرڪ نڪري ويو. هوءَ ڄڻ پٿرائجي وئي. سڪتي واري حالت ۾ اُن شخص ڏانهن نِهاريندي رهي، جنهن جي ڪاري چشمي جي وڏن ڪارن شيشن ۾، سندس عڪس ڪنهن گرهڻ جيان ڌنڌلو ۽ ورتل هو. اُهو شخص، مُسلسل مُرڪي رهيو هو. سندس مُرڪ ۾ هڪ اَڇوتو احساس هو، جيڪو ويتر سيما کي رولي، اڪيلو ڪري رهيو هو. هوءَ پٿرائجي ويل نظرن سان کيس نِهاريندي رهي. لڙڪ، جيڪي اکين مان ڇَلڪڻ تي هئس، سي هڪ ڳيت سان پي وئي ۽ تڪڙي تڪڙي ميڊم جي آفيس مان نِڪري آئي. هُن ٻاهر نِڪري، رانڀاٽ ڪري روئڻ چاهيو پر ضبط جو ڪنڊو، سندس نِڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. يونيورسٽيءَ جي سموري سنسار ۾ پن ڇڻ رُت، رنگ ڪري ڇڏيا هئا، جنهن مان هڪ رنگ سندس جوڀن ۾ به جَڙي ويو. جنهنڪري سندس اکين توڙي وَهيءَ تي، خزان وائکي ٿي وئي.


********************************************

گرہن
کہانی
فرح دیبا چنگیزی  / ترجمہ. سدرة المنتہی
اسے پہلے بار یونیورسٹی میں دیکها تها پہلی بار میں ہی اس کی آنکهیں میگهہ ملہار لگیں تهیں آنکهیں میگهہ ملہار...پہلی جهلک میں ہی کهوجانے والی کیفیت طاری تهی وہی جو شروع سے سادہ اور سلجهی ہوئی سی.. وہی جو تحمل اور فکر سے مزین، وہی جو شعور کی پہلی دستک پر کان دهرنے والی۔
وہی کهوگئی جس نے اب تک خود کو کتابوں کے اندر ہی گم پایا تها کبهی بهولے سے بهی کسی نظر کے عتاب میں نہ آسکی تهی اور اب مسکراتی ہوئیں آنکهی چہرے پر بشاشت، رونق سی زندگی کی، ہل چل لئے۔ جس نظر نے کبهی چاہ کا جام نہ پیا تها وہ کهوگئی۔
پہلی ہی بار میں جب وہ سلجهی ہوئی سی یونیورسٹی پہنچی تهی اور گیٹ کے اندرونی احاطے کے ساتهہ اس مسکراتے چہرے کو کهویا ہوا دیکها پایا اور خود کو کهو بیٹهی۔ جب وہ گیٹ کی پشت سے ٹیک لگاکر بیٹها اپنی بڑے شیشوں والی عینک کو صاف کررہا تها۔
سیما نے اک لمحے میں جن آنکهوں کے دریچوں میں اپنا عکس دیکها تها اور اس کی آنکهوں کے اندر پلتے ہوئے سپنوں کے تمام بند ٹوٹ کر بکهر گئے۔ دل کی دهڑکنوں کی رفتار تیز ترین ردهم میں آگئی تهی۔ تبهی راہداریاں عبور کرتے ہوئے اس نے خود بے دریغ ہونے سے سمجهایا تها، یہی کہ کچهہ خوابوں کے بوجهہ بہت بهاری ہوتے ہیں۔ انہیں آنکهوں کے دریچوں کے اندر پناہ دینے کے بعد دنیا چاہے رنگین نظر آئے مگر سود و زیاں کا حساب کتاب زندگیاں تیاگ دینے کی کشمکش رکهتا ہے۔ تمام شب ہاسٹل کے روم میں، بستر پر لیٹے لیٹے چهت کو چت گهورے ہوئے۔ خود سے کئی لڑائیاں لڑلیں، مگر کہاں۔ جب دل بس سے باہر ہوکہ بس اک ہی صدا الاپے تو آنکهوں کے دریچے بهی سو بار بهیگتے ہوئے اک ہی خواب کی حسرت میں اڑان بهرتے ہیں خواہش کی۔ اور صبح رات جگے سے تهکی آنکهیں، کلاس کے کهلی کهڑکیوں میں کهوئی رہیں، تب بهی اس نے خود کی اور بارہا دل کی نفی کی تهی۔ مگر بے سود وہ اپنی تمام ہستی جیسے کہیں کهوبیٹهی تهی۔
دوسرے روز بهی اسے دیکهنے کی تمنائی رہی، مگر وہ کلاس سے باہر بیرونی دروازے کے اندرونی احاطے میں موجود نہ تها۔ اور جب کلاس سے باہر احاطے میں نکلی تو سنگل بینچ پر وہی شخص..وہی پرسکون چہرہ اور مدهم مسکراہٹ۔ وہ یک ٹک دیکهے گئی۔ وہ بهی جیسے اسی میں تو کهویا تها.آخر یہ مسکراہٹ کسی راز کا تو پتہ دیتی ہی تهی اس کی گود میں کتابیں دهری تهیں جن پر ہلکے سے اس کے ہاتهوں کی پڑتی دستک کوئی ہلکا سا ساز عجب طرح کا چهیڑتی تها اور اس کے بعد جب بهی سیما نے اسے دیکها تها یونہی کتابوں پر دستک دیتے یا پهر بنسری بجاتے ہونٹ، جیسے وہ کائنات کے رنگوں سے کوئی رنگ چرانے کی کوشش کرتا اور خواہش رکهتا ہو۔
کالے شیشوں کے پیچهے چهپی آنکهیں..چہرے پر مدهم مسکراہٹ..اور اس قدر زندگی کا اطمینان اسے بس وہ نگاہیں ہر طرف سے خود پر ہی محسوس ہوتی تهیں..جانے کیوں، وہ میگهہ ملہار سی آنکهیں جب اس نے عینک اتارکر صاف کی تو وہ گیلی آنکهیں، اسے لگا اسی کو تو دیکهنے آتا ہے.. خدا جانے خوش فہمی ہی تهی کہ آس..جو نراس بننے لگی تهی وہ مدهم چپ میں تهی..مگر منتظر.. اسے نے کبهی کلاس کے اندر آتے ہوئے نہ دیکها تها اسے..
بس یونہی..کبهی دروازے پر..کبهی راہداری..تو کبهی سنگی بینچ پر بیٹها..کهویا ہوا،کون تها وہ؟ اس کی پہنچ سے دور، اور اسی کے ڈپارٹمنٹ کے پاس کیا لینے آتا تها. خود سے کئی سوال، اور ہر جواب.. اس کا خود ساختہ.. پهر وہی تهکن.. وہی بوجهہ، جسے جهیلتے ہوئے چار سال کس طرح بیتے یہ وہ خود بهی مکمل طور پر جاننے سے جیسے قاصر تهی۔
بس محدود تر ہوتی گئی، سکهی سہیلیوں سے بهی دور. اپنے دل کے جہاں اور سوچ کے تصور میں آباد، وہی خاموش لب..اور بهیگی آنکهیں لیئے بیٹها وہ پرسکون شخص۔ آخر وہ یے عینک اپنی میگهہ ملہار جیسی آنکهوں سے اتار کیوں نہیں دیتا، آنکهوں کو اس قید کا عادی کیوں بنایا ہے، اس کی مدهم مسکراہٹ جو کئی راز آشکار کرتی تهی۔ وہ لب سلے ہی کیوں تهے. وہ اس سے کچهہ کہتا کیوں نہیں تها!؟ اے کاش کہ کبهی وہ اس سے گفتگو کرے.. یا پهر ان گم ہوتی نظروں میں اپنا کهویا آپ دریافت کرنے میں کامیاب ہو ہی جائے۔
چار سال کے عرصے تک وہ بس اپنا آپ گنواتی رہی.. خود کو کهوتی رہی.. اور وہ اچانک ہی کبهی کهوجایا کرتا تها.. حالانکہ کئی نگاہیں اس طرف اٹهیں..اسے گلاب موتئے دان کئے..مگر وہ کسی کهلتے ہوئے گلاب پر کیوں نظر چڑهاتی..کہ نگاہ اور سانسوں کی مہک کسی اور مہک سے آشنا ہوچکی تهیں
سانسوں کی مہک کسی اور مہک سے آشنا ہوچکی تهیں وہ جو رابیل رت میں تنہا رہی تهی..ان آنکهوں کی تمنائی بنی رہی..اور وہ ہاتهوں کی دستک..وہ بجتی موسیقی.. وہ مدهم سر.. وہ دهیمی مسکراہٹ اور بس اک حیات۔
یونیورسٹی کی چار بہاریں گزرچکیں.. پانچویں بہار اختتام کو تهی.. جب اسے ہمیشہ کے لئے یہاں سے الوداع لینی تهی.. اور دل جو آخری بار اسے دیکهنا چاہ رہا تها.. اس کے ہونٹوں سے کچهہ سننے کا تمنائی.کچهہ کہنے کا مدعی.. اور تبهی وہ اپنے بقئیہ جات سمیٹتی ہوئی .مارک شیٹس..سرٹیفکیٹ لئیے ڈپارٹمینٹ کی ہیڈ میڈم رافعہ کے آفس جب وہ پہنچی تو اسی شخص کو وہی کرسی پر براجمان پایا تو جیسے دهڑکنیں تهم سی گئیں وہی عینک کے اندر چهپی نگاہیں.. وہی مدهم مسکراہٹ اور وہی اطمینان بهرا انداز.. اس کا جی چاہا ایک بار تو جاتے سمے اس سے شکوہ کرے..اور جهنجهوڑدے . گرہن زدہ سا..خاموش شخص جس نے کسی کی زندگی میں وہ خاموشیاں رہنے نہ دیں.
مگر اک اچهوتا احساس لئیے.. سب ویسا .جیسا پہلی بار دکها تها.. میڈم رافعہ نے اسے مخاطب کرکے تعارف کرایا تها.. پہلی آشنائی اور اس قدر ہولناک..
” یہ میرا چهوٹا بهائی عدیل ہے.. میرے ساتهہ ہی رہتا ہے“ سیما نے حیرانی سے اسے دیکها جو اب تک منجمند سا تها میڈم رافعہ کا لہجہ یکدم اداسی میں گهر گیا تها
”عدیل بچپن سے ایبنارمل ہے. دیکهہ نہیں سکتا..اس پر سورج گرہن کا اثر ہوا تها“ سیما جیسے سناٹے میں آگئی تهی.
” جب تک یہاں ہوتی ہوں میرے ساتهہ ہوتا ہے..ساتهہ ہی گهر لوٹتے ہیں.. والدین کے بعد بس اک میں ہی اس کے لئیے سب کچهہ ہوں..بہن بهی اور ماں بهی..“ نم آلود لہجے میں صدیوں کی تهکن تهی وہ اب تک ایستادہ تها.. منجمند تها یک ٹک ایک ہی طرز کا تاثر.. وہی مسکراہٹ جو قائم تهی سیما کا دل کیا کائنات میں بهونچال مچادے. بمشکل قدم تیز کرتی آفس سے باہر آئی. گلے میں کوئی آنسو اٹکا تها کہ جیسے کانٹا چبها.. دل پر کوئی بهاری پتهر.. یونیورسٹی کے احاطے کو خزاں رسید پتوں نے رنگ چڑهایا تها اور اس کے دل پر.. اک خاموش دستک جس نے طوفان کا روپ دهارلئیاہو.. جس سے اک رنگ خزاں رسیدہ اس کے وجود سے لپٹ گیا تها جیسے.. اور اس کی تمام حیات پر جیسے خزاں کے سارے اجڑے رنگ بکهرتے گئے.


*******************************************************

ڪھاڻي جو نئين جَھان جي سلسلي ۾
ضراب حيدر
هوءَ جنھن مون لاءِ لِکيو هو ته،
”هو پنھنجي لکڻين جيان بنهه انوکو آهي، رشتن ناتن ۽ دوستين کي گِھرائي سان محسوس ڪندڙ شخص ضراب حيدر، سدائين وڃايل ئي رهيو آهي. خبر ناهي ڪھڙين ڪھاڻين جي ڳولها ۾ وڃايل!؟ وڃايل شخص ضراب حيدر، پنھنجي ڪھاڻين جي پُڄاڻين تي ئي لَڀي سگهندو آهي. تڏهن ئي اندازو ٿيندو آهي ته هو ڪيڏو وڏو آرٽسٽ آهي. زندگيءَ جا لڳ ڀڳ ۲۷ سال مون ساڻس رولاڪيون ڪيون آهن. سندس نظرون سدائين ڪنھن ڳولا ۾ هونديون آهن. هُو گُهمندي ڦِرندي الائي ته ڪيئن ڪھاڻيون لَڀي وٺندو آهي، جِن کي پنھنجي تراش سان پيش ڪندو آهي. تراش دوران جيڪي ڀورَ ڀِتر ڪِرندا آهن سي مان ميڙي وٺندي آهيان. مون سندس ساٿ ۾ سندس ڀرسان ويهي ڪھاڻيون لِکڻ سِکيون آهن. اِن ڪري ئي ساڻس گڏ زندگي هڪ خوبصورت ڪھاڻي لڳندي آهي.“
فرح ديبا سنڌي ادب جي پڙهاڪ آهي. شادي کان اڳ به مونکان ڪھاڻي جا ڪتاب وٺي پڙهندي هئي. هاڻي به جيڪو ڪتاب گهر آڻيندو آهيان، مون کان اڳ پڙهي وٺندي آهي. هوءَ ماضيءَ ۾ به نظم لِکندي هئي ۽ هاڻي به نظم لِکندي آهي. مُھين جو دڙو، مڪلي، سونڊا ۽ شھر ڪراچي سندس شاندار نظم آهن. هُن منھنجي ساٿ ۾ ڪجهه ڪھاڻيون به لِکيون آهن، جن کي ٿورو ڪي گهڻو مون سنواريو ضرور آهي، مطلب ايڊٽ ڪيو اٿم. سندس ڪھاڻيون زندگيءَ جي ويجهو آهن، عورت جي ويجهو آهن، جِن ۾ احساس نزاڪتون، حُسناڪيون ۽ درد آهن، درد جيڪي غير محسوس طريقي سان زندگيءَ ۾ هليا ايندا آهن، جِن تي ڪڏهن به روئي پِٽي ناهي سگهبو. فرح بس هڪ رُخ ۾ ئي عورت جي پاسدار آهي، جيڪو آزادي ۽ ڇُڙواڳيءَ کان هٽي اُن شان، مرتبي ۽ حيثيت سان جُڙيل آهي، جيڪو فطرت طرفان عطا ٿيل آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ڪٿي به ڪو ڀاشن ڪونهي، نه وري ڪا نصيحت آهي. بس غير محسوس طريقي سان هڪ ڪٿا چيل آهي، جيڪا گهڻو ڪجهه ٻُڌائي ٿي ۽ کن پل لاءِ اُداس ڪري ڇڏي ٿي. سندس هيءَ ڪھاڻي سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپي هئي، جڏهن گلشن لغاري ’جيڏيون‘ صفحو سنڀاليندي هئي. فرح جي هيءَ ڪھاڻي سِدرت المُنتھى جيلاني ترجمو به ڪئي آهي. فرح جي لکيل ڪھاڻي ”گِرھڻ“ ۽ اردو ترجمو شيئر ڪريان ٿو. ٻي ڀيري وري ڪنھن ڪھاڻي لکندڙ نئين نالي ۽ ڪھاڻي سان فيس بُڪ تي ونڊ ڪبي.

No comments:

Post a Comment