Tuesday, December 31, 2019

سچائيءَ جو انعام

سچائيءَ جو انعام
هڪ ناليوارو چور، هڪ ڏيھاڙي ڪنهن درويش وٽ ويو ۽ هٿ ٻَڌي چوڻ لڳس ته؛ ”سائين مان ڏاڍو گنهگار آهيان. اوهين مون کي دعا ڪريو ته خدا منهنجا ڏوھ بخشي.“
درويش چيس؛ ”اي مورک! جيسين تون پنهنجون برايون نه ڇڏيندين، تيسين ڇوٽڪاري جي اميد رکڻ اجائي اٿئي. اڄ کان ئي پنهنجي بڇڙن ڪمن کان توبھ ڪر ۽ سنئين وات تي اچ ته ڌڻي تو تي مهربان ٿيندو.“


چور جواب ڏنس؛ ”سائين، چوري ڇڏڻ، مون کان ڪين پڄندو. اها هيرَ، هاڻي پڪي ٿي چڪي آهي. باقي ٻيو ڪو ڪم چئو ته ڪريان.“
درويش چيس: ”ڀلا ايترو ڪر ته اڄ کان پوءِ ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائجان.“
چور اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڪوڙ کان توبهه ڪيائين.
ٻئي ڏينهن چور ارادو ڪيو ته اڄ اڌ رات جو شاهي محل مان چوري ڪجي. جڏهن ٻه پهر رات جا گذريا، تڏهن سهي سنڀري نڪتو. اتفاق سان بادشاھ چمڙاپوش ڪري شهر جو سماءَ لهڻ نڪتو هو. چور کي ڏسي چيائينس؛ ”ميان ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
چور، جنهن سدائين سچ ڳالهائڻ جو اقرار ڪيو هو، تنھن جهٽ پٽ جواب ڏنو؛ ”شاهي محل ۾ چوري ڪرڻ ٿو وڃان.“
بدليل ويس ۾ بادشاھ چيس: ”مان به چور آهيان. مون کي پاڻ سان وٺي هل.“
چور هاڪار ڪئي ۽ ٻيئي گڏجي هليا. جنهن وقت بادشاھ ۽ چور، شاهي محل جي دروازي وٽ پهتا، تنهن وقت بادشاھ چيس؛ ”ميان تون اندر وڃ، مان ٻاهر ٿو بيهي سارسنڀال لهان ته ڪو لشڪري ته ڪونه ٿو اچي.“
چور اها رٿ پسند ڪئي ۽ پاڻ هڪ دروازي جو ڪڙو ڀڃي اندر گهڙيو. هڪ ڪمري ۾ وڃي ڏسي ته ٽي هيرا رکيا آهن. دل ۾ خيال ڪيائين ته؛ ”هيرا آهن ٽي ۽ اسين ڀائيوار ٻه. ايمانداري انهيءَ ۾ آهي ته ٻنهي جا حصا هڪ جيترا هجن. ان ڪري اسين هڪ هڪ ورهائي ٻه هيرا ته کڻنداسون، باقي ٽيون ڪيئن ورهائينداسون. ان ڪري بهتر آهي ته ٽيون اتي ئي پيو رهي ۽ ٻه هيرا کڻان.“ دل ۾ اهو فيصلو ڪري، ٻه هيرا کيسي ۾ وجهي، ٻاهر آيو. هڪ هيرو پنهنجي ساٿيءَ کي ڏنائين ۽ ٻيو پاڻ رکيائين. بادشاھ کي ته محل جي سڄي ڄاڻ هئي. پڇيائينس؛ ”ميان، فقط ٻه هيرا هٿ آيئي؟“
چور جواب ڏنو: ”هيرا هئا ته ٽي، پر خيال ڪيم ته ٽيون ورهائبو وري ڪيئن؟ سو ميز تي ئي ڇڏي آيس.“
خير، بادشاھ چور کان موڪلائي موٽيو ۽ سڌو پنهنجي محل ڏانهن وريو. بادشاھ کي چور تي شڪ ٿي پيو هو. ان ڪري پھرين هن پنھنجي سر پاڻ اندر وڃي ڏٺو ته؛ برابر ٽيون هيرو ميز تي رکيل هو. بادشاھ چور جي ايمانداريءَ تي سَرھو ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ سندس ساراھ جا ڍُڪَ ڀرڻ لڳو.
پوءِ بادشاھ پنھجي وزير کي سڏائي، ڀڳل دروازو ڏيکاريندي، کيس چيو؛ ”منهنجا وفادار وزير! ڏس، اڄ ڪنهن چور دروازو ڀڳو آهي ۽ چور اندران ڪجھ نه ڪجھ چوري ڪري ويو آهي. تون اندر وڃي ڏس ته ڪو نقصان ته نه ٿيو آهي.“
وزير اندر ويو ۽ هڪ هيرو ميز تي پيل ڏسي، اندرئين کيسي ۾ وجهي، ٻاهر اچي منهن ڦلڙو ڪري بادشاهه کي چيائين؛ ”سائين! ميز وارا ٽي هيرا، چور کڻي ويو آ!“
اهو ٻڌي، بادشاھ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هيري وڃڻ جو ڏک ڪو نه ٿيس، پر ارمان اهو ٿيس ته منهنجي وزير کان چور به وڌيڪ ايماندار آهي. وڌيڪ ڪي ڪين ڪڇيائين. وزير کي موڪل ڏنائين. پر صبح ٿيندي ئي، وزير کي وزارت مان ڪڍي، راتوڪي چور کي وزير مقرر ڪيائين.
چور، پوءِ چوري ڪرڻ کان ڇٽو ۽ چورن جي پاڙ به پٽي ڪڍيائين.

(حوالو؛ ڪتاب ”اخلاقي سبق“ ڀاڱو پهريون، ڇپيل سال ۱۹۴۰ع، تان ورتل)

No comments:

Post a Comment