Monday, December 23, 2019

مچ ڪچھري - دريا خان شنباڻي


مچ ڪچھري
طنز و مزاح
دريا خان شنباڻي
گذريل رات سيءَ جي شدت ۾ ايترو ته واڌارو آيو جو مچ ڪچهري اصل دوست دشمن به گڏائي ڇڏيا. ان مچ ڪچهري ۾ اوطاق جا مالڪ ته آھستي آھستي کسڪي گهر وڃي بسترن ڀيڙا ٿيا پر هڪڙا ٽي همراهه ويٺا رهيا، جيڪي ظاهري طور تي ته هڪٻئي جا دوست رهيا آھن پر اندر ئي اندر هڪٻئي تي سڙندا آهن.


سيءُ به چئي اڄ نه پوان ڪڏھن پوان. توڙي جو باهه ٻري رهي هئي پر پوءِ سيءَ ٽنهي مڙسن جا ڏند کڙڪائي ڇڏيا. ان ٽه-مورتي جو نالو آھي ڪرملي، ڪامريڊ ڏاترنو ۽ شاعر شمشاد ڀولائي. جيئن ته ڪرملي ڪاروباري ماڻھو آھي ۽ کيس ٻار ٻچا به آھن. هو سيزنل ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو آھي. اوهان کي خبر آھي ته ڪرمليءَ جو گڏهه به گذاري ويو، سو ڪنهن دوست جهڙي دشمن جي صلاح تي گرم گرم آنا وڪڻڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو ته اهو به فلاپ ويو ۽ هاڻي ڪرملي صفا واندو گهمندو پيو وتي. سندس گهرواري کي ڪرملي جي شڪل به نه ٿي وڻي، تنهن ڪري هو مچ تي ويٺو رهيو ته جيئن دير سان گهر وڃي.
ڪامريڊ ڏاترنو ازل کان واندو مڙس آهي. نه گهر نه گهاٽ، نه زال نه مال. گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو آھي. اوهان کي ياد هوندو ته ان ڏينهن ڪامريڊ ڏاترني جهاز مان ٽپ ڏنو هو. خدا ڪيو جو هو اچي کجي ۾ اٽڪي پيو نه ته يا ته هڏن جي اسپتال ۾ هجي ها يا قبر ۾. بهرحال ڇا به هو، چوندا آھن “آسمان سي گرا، کجور ۾ اٽڪا”.
ٽيون مهمان هو شاعر شمشاد ڀولائي، جيڪو جهڙو شادي شده آھي، تهڙو ناهي. شاعر شمشاد ڀولائي لاءِ ڏينهن راتين ۽ راتيون ڏينهن جيان آھن. ڳوٺ وارا کيس “چٻرو” ڪري به سڏيندا آھن جو چٻرا رات جو جاڳندا آھن ۽ اهو ئي ڪرملي شمشاد ڀولائيءَ لاءِ چوندو آهي ته؛ “چٻرن ۽ شاعرن ۾ ڪو به فرق ناهي هوندو”.
بهرحال، ٽيئي همراھ مچ تي ويٺا هئا ته ڪرمليءَ، ڪامريڊ ڏاترني کان پڇيو؛ ”ڪامريڊ! اسلام آباد خير ۾ وڃڻ ٿيو هو؟“
ڪامريڊ ڊاڙ ھڻندي چيو؛ ”خان صاحب گهرايو هو.“
”خان صاحب؟!!“ ڪرملي متعجب ٿيو.
”هائو ادا! خان صاحب! اصل ۾ ملڪ نازڪ دور منجهان گذري رهيو آھي سو خان صاحب مون کي صلاح مشوري لاءِ گهرايو هو.“ هن ڪامريڊ شمشاد ڀولائي ڏانهن ڏسندي چيو.
اصل ۾ هو شمشاد ڀولائي جو اندر جلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پر ڀولائي صاحب جو اندر ته اڳ ئي ٻري رهيو جو سندس همعصر شاعر، هن کان گوءِ کڻي وڃي رهيا آھن.
”ته پوءِ ڪامريڊ اوهان خان صاحب کي ڪهڙي صلاح ڏني؟“ ڪرملي پڇيو.
”چيم ته سڀ کان پهرين ته ٽماٽا سستا ڪر. تنهن کان پوءِ شاعرن کي جيل ۾ وجهڻ جو ڪو قانون پاس ڪر.“
ان تي ڀولائي صاحب جا ڪن ئي کڙا ٿي ويا.
ڪامريڊ وڌيڪ چيو؛ ”ادا ڪرملي! تو ڏٺو هوندو ته مان جيئن ئي اسلام آباد مان واپس ٿيس ته جيڪي ٽماٽا اڍائي، ٽي سؤ رپين ۾ ڪلو ملي رهيا هئا، سي هاڻي سؤ رپيا ڪلو پيا وڪامن.“
”ڏاڍو سٺو! ڏاڍو سٺو ڪامريڊ ... ڀولائي صاحب تنهنجا ڪهڙا حال آھن؟“ ڪرملي شمشاد ڀولائيءَ سان مخاطب ٿيو.
”بس ادا ڪرملي! ناهي شينهن ٻيلي ۾ تڏھن ته گدڙ ٿا مستيون ڪن.“ شمشاد ڀولائي ڪامريڊ ڏاترني ڏانهن اشارو ڪندي چيو ۽ وڌيڪ چيائين ته؛ ”امر جليل هڪ افسانو لکيو هو ’گدڙ ان اسلام آباد‘.“
هو ڪجهه وڌيڪ چوڻ وارو هو ته ڪرملي پڇيس؛ ”ڀولائي صاحب! تون پنهنجا احوال ڏي، تنهنجي شاعري ڪيئن پئي وڃي؟“
ڪامريڊ ڏاترني وچان ڳالهائيندي چيو؛ ”هن جي هٿن مان مڇيءَ جيان ترڪيو پئي وڃي.“
شمشاد ڀولائي چيو؛ ”ادا ڪرملي! مون ڀلا اوهان ٻنهي جي وچ ۾ ڳالهايو جو ڪامريڊ مٿو پيو هڻي.“
”نه نه، ڀولائي صاحب ناراض نه ٿيو، ڪامريڊ ته مڙئي ڳالهه ڪئي. ها ته اهو ٻڌاءِ ته تنهنجي شاعري آخر ڪامياب ڇو نه پئي وڃي؟“
”ادا، اصل ۾ مون وٽ ابو ۽ ڏاڏي ناهن.“ شمشاد ڀولائي ڏکاري لهجي ۾ چيو.
”شاعري سان ڀلا ابي ۽ ڏاڏي جو ڪهڙو واسطو؟“ ڪرملي چيو.
”وڏو واسطو آھي ادا! اڄڪلهه ٽچ موبائيل جو زمانو آھي. سو هر شاعر پنهنجي والد سان سيلفي ته نه ٿو ڪڍي پر..“ شمشاد ڀولائي خاموش ٿي ويو.
“پر ڇا ڀولائي صاحب؟” ڪرملي پڇيو.
”بس ڇڏ ان ڳالهه کي ادا ڪرملي! تنهن ڏينهن هڪ شاعر جي ڏاڏي گذاري وئي ته فيس بڪ تي هڪ هزار کان مٿي لائيڪ، ڇهه سؤ کن ڪمينٽ آيس ۽ اهو شاعر ايترو ته مشھور ٿي ويو جو هر ڪو ساڻس ڏک جو اظھار ڪرڻ لڳو.“ ڀولائي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو؛ ”ڪاش! منهنجو ابو هجي ها ۽ اهو گذاري وڃي ها ته ٻه ٽي هزار لائيڪ ۽ هزار کن ڪمينٽ ملن ها ۽ پوءِ مان به وڏن شاعرن جي لسٽ ۾ اچي وڃان ها ۽ هر ڪو ئي مون سان همدردي به ڪري ها.”
ڪامريڊ ڏاترني چيو؛ ”ادا ڪرملي! جيڪڏھن ڀولائي صاحب ناراض نه ٿئي ته هڪ صلاح منهنجي ذھن ۾ آھي.“
ڪرملي، ڀولائيءَ ڏانهن ڏٺو ته ڄڻ هو به ڪامريڊ جي صلاح جو انتظار ڪري رهيو هو.
”ٻڌاءِ ڪامريڊ!“ ڪرملي چيو.
”منهنجي صلاح آھي ته شھرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڀولائي صاحب کي هڪ ابو يا ڏاڏي مسواڙ تي وٺڻ گهرجي ۽ پوءِ ڏس ته ڪيئن ٿو وڏو شاعر ٿي وڃي.“
ڪامريڊ ڏاترني جي صلاح تي، مچ ته وسامي ويو پر شمشاد ڀولائي جي چهري تي چمڪ اچي وئي.

No comments:

Post a Comment