Thursday, December 26, 2019

پتاشن جو مينھن - محمد رمضان


پتاشن جو مينھن
مختصر ڪھاڻي
محمد رمضان
ھڪ ھمراھ جي زال، پيڪين گھمڻ وئي ته پاڻ يڪدم وڃي، پنھنجي گرل فرينڊ کي گھر وٺي آيو. اوپري آيل عورت کي ڏسي، جوڻس جي پاليل طوطي چيس؛ ”اچي گھر-ڌياڻي ته دانھن ٿو ڏيانس!“


ھمراھ، طوطي جي پڃري تي ڪپڙو وجھي، تيز پکو ھلائي ڇڏيو. پڃرو، پکي جي ھوا تي جھوٽا کئڻ لڳو. ڪڏھن ھيڏي ته ڪڏھن ھوڏي. ويتر وري ٽين ڊٻو کڻي، اھو به وڄائڻ شروع ڪيائين. ان دوران ڳوٿري پتاشن جي گھرائي، اڱڻ ۾ ڇٽي ڇڏيائين.
ھفتي کن کان پوءِ، ھمراھ جي جوءِ، پيڪن کان گھمي گھتي گھر موٽي. طوطي جي دانھن ڏيڻ کان اڳ، زال کي چيائين؛ ”ٻڌو اٿئي! ھاڻي اسان جو طوطو، ڪوڙ ڳالھائڻ به سکي ويو اٿئي.“
مائي، جڏھن طوطي وٽ پھتي ته طوطي مڙسس جي گرل فرينڊ وارو احوال ٻڌايس.
ان تي ھمراھ رھڙ ڏيندي چيس؛ ”ڪوڙ نه ڳالھاءِ! ھل ڀلا اھو ٻڌاءِ؛ ڪڏھن منھنجي گرل فرينڊ آئي ھئي.“
طوطي، جوڻس ڏانھن مخاطب ٿيندي، ھڪدم چيس؛ ”جنھن ڏينھن آنڌي ۽ طوفان آيو ھو. آسمان تان پتاشن جو مينھن وُٺو ھو.“

No comments:

Post a Comment