Saturday, December 28, 2019

اجايو خرچ


اجايو خرچ
مختصر ڪھاڻي
وھاب سھتو
ڪتابي ميلي جو حال احوال وٺندي، ھڪ ھجائتي دوست، ھڪ اديب-دوست کان پڇيو؛ ”حال حوال ڏي ميلي جو؟“
”ميلو ڏاڍو متل ھيو. اديب به ڏاڍا پھتل ھيا. سڀني سان ٻک، ھڻي ھڻي فوٽو ڪڍاياسين.“
”ڪتابن جو حوال ڏي! ڪيئن ۽ ڪھڙا ھيا.“
”ڪتابن جي دڪان جا به ڏاڍا ڦيرا ڏنا. فوٽو شوٽو به ڏاڍا ڪڍايا.“


”ڪتابَ، خريد به ڪيوَ؟؟“
”ڇا لاءِ؟!“ وڌيڪ دليل ڏيندي چيائين؛ ”ڪھڙو لائبرري ٺاھڻي آھي؟! ليکڪ، پبلشر سڀ يار ھِنِ. ڪتاب، گھر ويٺي پڄائي ويندا.“
”پوءِ ميلي ۾ ڪتابن جي دڪانن تي ڇا لاءِ ويئو؟“
”اسان کي ھيا، فيسبڪ تي رکڻ لاءِ فوٽو ڪڍائڻا، سو ڪڍاياسين.“ مختصر جواب سان ڳالھ پوري ڪندي، چيائينس؛ ”ٻيو مڙيئي خير!“
”ڪتابن جي دڪانن تي رڳو تصويرون ڪڍرائڻ بدران، ڪجهه ڪتاب به خريد ڪرين ھا.“ جھٽ پلڪ، کل واريءَ ٽٻيءَ مان نڪرندي چيائينس؛ ”ٻيو نه ته، جنھن ڪتاب جي مفت ملڻ جو آسرو نه ھيي، گهٽ ۾ گهٽ، سو ته پئسن تي وٺين ھا.“
”ھنھ!“ نڪ کي موڙو ڏيندي وراڻيائينس؛ ”اجايو خرچ!“

(خيال: مٺل جسڪاڻي جي فلئش فڪشن تان)

No comments:

Post a Comment