Saturday, December 7, 2019

تبديلي موقعا ميسر ڪري ٿي - وقار موسيٖ - اظھر آزاد مغل


تبديلي موقعا ميسر ڪري ٿي
مختصر ڪھاڻي
وقار موسيٖ/ اظھر آزاد مغل
فرحان روڊ جي ھڪ پاسي کان، وڻ جي ھيٺيان ستو پيو ھيو. تقريبن صبح ٿي ويو ھو. جڏھن سج جي روشني ھن جي اکين کي لڳي ته ھو ننڊ مان اٿيو. ھن جا ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل ھئا، ھن جو جسم ۽ وار دز ۽ مٽيءَ سان ڀريا پيا ھئا.
ھو ننڊ مان اٿيو ۽ بازار طرف وڃڻ لڳو. رستي تي ھن کي پنھنجي ڏھين درجي جا ھم ڪلاسي نظر آيا ۽ ھو انھن ڏانھن ويو.
”هاءِ! ساٿيو اوھان جا ڪھڙا حال آھن؟” فرحان پڇيو.


“تون ڪير آھين؟“ انھن موٽ ۾ کانئس سوال ڪيو.
“ڇا توھان مون کي نٿا سڃاڻو؟ ڇا مان توھان کي ياد نه آھيان؟ اسان سڀئي اسڪول ۾ گڏ پڙھندا ھئاسين.” فرحان چيو.
“ڇا تون فرحان آھين؟” اظھر پڇيو.
“ھائو، مان فرحان آھيان.” ھن پنھنجي مک تي ڦڪي مرڪ آڻيندي چيو.
پر اھي فقط کلندا رھيا ۽ ھليا ويا.
فرحان وڃڻ لڳو ۽ ان دڪان تي اچي رڪيو، جتي ٻاراڻي عمر ۾ ويندو ھو. پر دڪاندار فرحان کي چڱي طرح سڃاڻڻ باوجود سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جيئن ئي ھر ڪنھن فرحان کي گھوري ڏٺو، ھن گھر ڏانھن وڃڻ شروع ڪيو.
آخرڪار جڏھن ھو گھر پھتو ۽ دروازو کڙڪايائين، ھن جي ماءُ در کوليو. ان کانپوءِ ھن جو والد آيو ۽ فرحان کي غور سان ڏٺو.
اسان تو کي پڙھائي ۽ سکيا طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ چوندا ھئاسين، پر تون سدائين چوندو ھئين ته؛ اڃا وقت پيو آھي ۽ ھاڻي تون زندگيءَ ۾ تمام گھڻو ڪجھه وڃائي چڪو آھين.“ فرحان جي ماءُ چيس.
“امان، مھرباني ڪري مون کي اندر اچڻ ڏي.” فرحان چيو.
پر انھن ھن تي گھر جا در بند ڪري ڇڏيا. جيتوڻيڪ، ھن جي ماءُ رڙيون ڪري رھي ھئي، ڇاڪاڻ جو ھن جي دل ڀڄي پئي ھئي.
فرحان اھميت ۽ قدر گھٽجڻ ڪري ھيٺ ڪري پيو ۽ اتي ڪجھه وقت لاءِ رڙيون ڪندو رهيو. ھن کي احساس ٿيو ته سندس پنھنجي خاندان ھن کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري ورتي ھئي. ھن ايئن محسوس ڪيو ڄڻ اتي ھن جي زندگيءَ جو ڏيئو اجھامي ويو ھو ۽ ڪو ئي به نه ھو جيڪو ھن کي مڙي ڏسي. ھن سڏڪا ڀريا ۽ دانھون ڪيون؛ “نه ... نه! مھرباني ڪري مون کي نه ڇڏ، امان!”
فرحان پوءِ جڏھن پنھنجيون اکيون کوليون ته پنھنجو پاڻ کي پنھنجي ڪمري ۾ پنھنجي بستري تي ڏٺائين. “اف! پوءِ به اھو خواب ھيو.”
پنھنجي منھن تان پگھر اگھندي، فرحان سوچيو.
جڏھن ھو ڪمري کان ٻاھر آيو. ھن جي ماءُ چانھه تيار ڪري رھي ھئي. پر جڏھن ھن فرحان کي پگھر ۾ ٻڏل ڏٺو، ھوءَ تڪڙي ھن ڏانھن وڌي آئي. “فرحان، تون ٺيڪ ته آھين؟” ماءُ کانئس سوال ڪيو.
“آئون بلڪل ٺيڪ آھيان امان.” فرحان ٿورڙو پريشان نظر ايندي چيو. ان کان پوءِ فرحان تيار ٿيو ۽ اسڪول روانو ٿي ويو.
جيئن ئي گھنٽي وڳي، شاگرد ميدان مان ڪلاس ڏانھن وڃڻ لڳا، جتي اھي اسيمبلي ۾ گڏ ٿيا ھئا ته اظھر، جنھن کي فرحان خواب ۾ ڏٺو ھو پڇيس؛ “فرحان، تون اڄ ايڏو اداس نظر ڇو اچي رھيو آھين؟“
“مون کي ڪجھه ٻڌاءِ، جيڪڏھن مون کي زندگيءَ ۾ ڪاميابي نه ٿي ملي، ته ڇا توھان سڀئي مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندئو؟” فرحان سوال ڪيو.
“اڄ تون اھڙو عجيب سوال ڇو ڪري رھيو آھين؟” اظھر کلندي پڇيس. “چڱو، زندگيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ضروري آھي ۽ ڪنھن به طرح سان ان کي نه وڃايو”.
“تنھنجو ڇا مطلب آھي؟” فرحان سوال ڪيس.
“مان تو کي اھو ٻڌائڻ چاھيو ته تون پنھنجي پڙھائيءَ تي ڪو توجھه نه ڏئي رھيو آھين ۽ شيون سڀاڻي تي ڇڏي رھيو آھين. پر ڪنھن کي ڪا خبر نه آھي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟” اظھر کولي سمجھايس؛ “حقيقي زندگيءَ ۾ رڳو ماضي ۽ حال جو ذڪر آھي، مستقبل ڏسڻ ۾ اچڻو آهي.”
ھر سڀاڻي جي شروعات، اڄ کان ٿئي ٿي. جيڪڏھن تون پنھنجو وقت وڃائيندو رھندين، تون شايد پنھنجي والدين جي اميدن کي پورو ڪري نه سگھندين. فرحان، عمل جو وقت ھاڻي آھي”.
جڏھن فرحان کي پنھنجي دوست اظھر جون اھي ڳالھيون ته ڏکوئيندڙ ۽ اذيتناڪ لڳيون، پر ھن پڻ اظھر جو شڪريو ادا ڪيو. سندس ڳالهين ھن کي حقيقت کان آگاھه ڪيو ۽ جيڪي ھن جي زندگيءَ ۾ ھميشه لاءِ تبديليءَ جو باعث بڻيون. اها تبديلي فرحان جي لاءِ سونھري موقعو ھئي.
“فرحان جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا ۽ ھن اظھر سان مخاطب ٿيندي چيو؛ “تنھنجي وڏي مھرباني”.
ان ڏينھن اسڪول جي موڪل ٿيڻ کانپوءِ، فرحان کي زندگيءَ سميت جن به ٻين شين کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت ھئي، تنھن حوالي سان نوان عزم کڻي گھر ويو. ھن ۾ ھيءَ تبديلي، بعد ۾ ھن کي ڪامياب ۽ تعليم يافته شخص ٿيڻ جا موقعا فراھم ڪيا. جنھن تي ھن جي خاندان ۽ دوستن جو ڳاٽ فخر کان اوچو ٿيو.

No comments:

Post a Comment