Showing posts with label تبديلي موقعا ميسر ڪري ٿي، مختصر ڪھاڻي، وقار موسيٖ، اظھر آزاد مغل،. Show all posts
Showing posts with label تبديلي موقعا ميسر ڪري ٿي، مختصر ڪھاڻي، وقار موسيٖ، اظھر آزاد مغل،. Show all posts

Saturday, December 7, 2019

تبديلي موقعا ميسر ڪري ٿي - وقار موسيٖ - اظھر آزاد مغل


تبديلي موقعا ميسر ڪري ٿي
مختصر ڪھاڻي
وقار موسيٖ/ اظھر آزاد مغل
فرحان روڊ جي ھڪ پاسي کان، وڻ جي ھيٺيان ستو پيو ھيو. تقريبن صبح ٿي ويو ھو. جڏھن سج جي روشني ھن جي اکين کي لڳي ته ھو ننڊ مان اٿيو. ھن جا ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل ھئا، ھن جو جسم ۽ وار دز ۽ مٽيءَ سان ڀريا پيا ھئا.
ھو ننڊ مان اٿيو ۽ بازار طرف وڃڻ لڳو. رستي تي ھن کي پنھنجي ڏھين درجي جا ھم ڪلاسي نظر آيا ۽ ھو انھن ڏانھن ويو.
”هاءِ! ساٿيو اوھان جا ڪھڙا حال آھن؟” فرحان پڇيو.