Friday, December 6, 2019

الزام - سڪندر ھاڙھو


الزام
مختصر ڪھاڻي
سڪندر ھاڙھو
چاليهه ورھين جي فرزانا پريشانيءَ واري حالت ۾ شھر جي ڪورٽ پھتي. ڪورٽ ۾ موجود وڪيل کان پڇا ڪيائين؛ “جج صاحب آهي؟”
“نه! جج صاحب موڪل تي ويل آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ واپس ايندو.”
“وري به ڪڏهن ايندو؟”
“اھا پاڻ کي خبر ناھي ته ڪڏهن ايندو... پر اوھان پريشان لڳو پيا، سو ڇو؟ ٻڌايو ڪھڙو ڪم آ جج صاحب ۾؟”
فرزانا روئندي ۽ ھٻڪائيندي چيو؛ “مون تي منهنجو مڙس ڪوڙو الزام ھڻي رھيو آهي. مونکي انصاف کپي”.


ريڙھي ھلائيندڙ مڙس مان مس جان ڇڏايم. هو ٿوري ٿوري ڳالهه تي مار ڪٽ ڪندو ھيو ۽ ڏيندو وٺندو به گھٽ ھو. تنهن جي شڪايت پنهنجن کي ڏيندي هئم ته اهي مون کي ڪجهه ڏينهن لاءِ وٺي ويندا ھئا. پر وري به موٽي گهر اچان ته ساڳيو تشدد...
آخر منهنجي مائٽن تنگ اچي، ھن مان جان ڇڏائي.
اڃا سال مس گذريو ته اباڻن ٻيو مڙس ڏنو. جنهن جي دانهن آئون کڻي آئي آھيان. گذريل ڏينهن هو مون تي تشدد ڪرڻ بعد چوڻ لڳو ته جيڪو شاديءَ ۾ سون مليو اٿئي سو ڏي ته مان کپائي وڃي عياشي ڪيان. نه ڏيڻ جي صورت ۾ ھڪ خطرناڪ ڌمڪي ڏني اٿس..“
“ڪھڙي ڌمڪي ڏني اٿس؟”
“جي مونکي پنهنجو سون نه ڏيندينءَ ته تو کي مان فلاڻي سان ڪاري ڪري ماري ڇڏيندس...“

No comments:

Post a Comment