Sunday, December 22, 2019

شريف ماڻھو - ليکراج ميگھواڙ


شريف ماڻھو
مختصر ڪھاڻي
ليکراج ميگھواڙ
”ڪانڀو ڪهڙي فڪر ۾ فنا ٿي ويو آھين؟“ سندس دوست غني ٻاهران کان ايندي چيو. (غني ۽ ڪانڀو ڳوٺ جا عظيم پڙھيل لکيل ۽ پنهنجي دور جا بهترين انسان رهيا آھن)
ڪانڀو، ورائڻ لڳو ته؛ “آئون اهو سوچي رهيو آھيان ته هي ماڻهو اهڙا وحشي ڇو ٿي ويا آھن. هاڻ روز اخبارن جون سرخيون، چئنلن جي بريڪنگ نيوز ٻڌي اھو ڀؤ ٿي ويو آھي ته ڇا انسان ايترو به حيوان بڻجي سگهي ٿو“.


غني ٿوري دير لاءِ خاموش ڀت بڻجي ويو. ڪانڀو ٻيهر ڳالهائڻ لڳو؛ “هاڻي ته ماڻھو ۽ جانور ۾ فرق چٽو ٿي ويو آھي. جانور کي اسين بي سمجهه چئون ٿا پر ايئن ته ناهي. جانور ڪهڙو به هجي، پنهنجي ماءُ جو پيءُ جو احترام ضرور ڪندو آھي.“
”يار ڪانڀو واقعي تون صحيح ٿو چوين. اسان وٽ ھاڻي رشتن جو احترام مفادن جي ڪچي ڏور بڻجي ويو آھي”. غني خاموشي جو سينو چيريندي چوڻ لڳو؛ ”ڪانڀو تون ڏي خبر، اڄ ٻڌو آھي ته رئيس علڻ خان جي اوطاق تي سال اڳ چاچي پاران پنهنجي ڀائيٽي کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي؟“
”ھا غني! چاچي جو چوڻ هو ته ڇورو منهنجي زال سان غلط تعلقات رکندو هو.“
”جي جي ڪانڀو اھو ئي.“
ڪانڀو يڪدم مايوس ٿي ويو.
”غني تو کي خبر آھي نه هن رئيس اڄ کان ويهارو سال اڳ، پنهنجي ئي ماسات کي شادي کان انڪار تي گوليون هڻي قتل ڪيو هو. خدا جا رنگ ڏسو! اھو ماڻھو هاڻ ايترو معتبر ٿي ويو آھي جو پراون جا فيصلا ڪرڻ لڳو آھي!“
”ڪانڀو تنهنجون ڳالهيون سئو سيڪڙو سچ آھن. پر اھو به ڏس نه رئيس علڻ خان وٽ ھن وقت هزارين ايڪڙ زمين، پنج پنج گاڏيون، ڀلا گهوڙا ۽ هن جي اوطاق تي روز سوين ماڻھو کائن پيئن. ٻيو ته اسان جا هي وزير مشير به انهن ماڻھن جي پالنا تي هلندا آھن. مزي جهڙي ڳالهه ته هي رئيس ٽي ايم او به آھي. لکين رپيا ايندا آھن بجيٽ جا. پر اٻوجهه ۽ غريب ماڻھن کي هنن رڳو نلڪن تائين ئي محدود رکيو آھي. هي اهو سوچي اهي نلڪا ڏين ٿا ته ڪتي جي وات ۾ ٽڪر لازمي آھي.“
”غني آھستي ڳالهاءِ! پريان ڏس رئيس جو ڪمدار اڇي پڳ پائي هوٽل تي رش ڪيو ويٺو آھي.“
”ها ڪانڀو، بلڪل ائين آھي ته هي روز چار پنج ڇاڙتا وٺي هوٽل تي ايندو آھي، سڀ مفت چانهه پيئندا آهن. ڏس هوٽل واري سان حشر، ويچاري جي مجبوري اھا آھي جو زمين رئيس جي آھي.“
ڪانڀو اڻپورين اداس ۽ آزاد نگاهن سان هوٽل واري کي ڏسندو رهيو. نيٺ هن غني کي ٺونٺ ھڻندي آهستي آھستي چيو ته؛ “اِھو ڪمدار، ڪالهه مون ڏٺو هو ته ڪهاڙي کڻي رئيس جي هاري ٻلئي جي در تي ھل مچائي ويٺو هو. چوي پيو ته هوٽل جو ڪم هلي پيو، تون ونگار ۾ هل مون سان گڏ، ٻلئي ٻڌايو ته آئون ڪمند جي مزدوري تي ويندس، جتان مون کي ڪجهه ڏوڪڙ ملندا، ڪمدار کي ونگارون ڏيندي مون کي اڇا اچي ويا آھن پر ملي وقت سر ماني به نه.“
“ڪانڀو تو کي کي اھو وقت ياد هوندو، جڏھن پاڻ وٽ سٺا فصل ٿيندا هئا، هاري ناري خوش هوندا هئا، هاڻي اھڙو ڇا ٿي ويو آھي جو هر ماڻھو پريشان آھي. مرڳو هاري جي زندگي هن وقت تمام ڪٺن گذري پئي؟؟“
”غني! مون کي ياد آھي پاڻ وٽ پنجاھ پنجاھ ماڻھن جا ٽولا گڏ ٿي، هڪٻئي جي مدد لاءِ زمينن ۾ ڪم ڪندا هئا. تڏھن ديسي گيهه جون نديون وهنديون هيون! تڏھن قرب جون ڪچهريون وڌيڪ ۽ نفرتون نه هئڻ برابر هونديون هيون.“ ڳالهه ڪندي غني جون اکيون ڀرجي آيون.
غني شوڪارو ڀري ڪانڀو کي چوڻ لڳو؛ “اٿو هلون ٿا، پنهنجون ڳالهيون ماڻھن کي هضم ٿيڻ واريون ناهن. ڇاڪاڻ جو هن وقت ۾ جنهن وٽ فيصلا ڪرڻ لاءِ اوطاق، کارائڻ لاءِ گوشت، پيئڻ لاءِ منرل واٽر، اچ وڃ لاءِ گاڏيون هجن، پوءِ ڀلي هن جا ڪپڙا رت سان ڀريل هجن، عمل اذيتناڪ هجن، انساني دشمن هجي، ٺڳي، لالچ، هٻڇ جهڙيون برايون ۽ عيب هجن، اهڙي انسان کي هن دور ۾ “شريف ماڻھو” چوندا آهن“.

No comments:

Post a Comment