Monday, December 30, 2019

اٺن درويشن جو آستانو - طارق قريشي


اٺن درويشن جو آستانو
طنز ۽ مزاح
طارق قريشي
شام جا ست
ميان بدرالدين، محويت وچان ڪتاب پڙهي رهيو هئو. سندس زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ، ٻئي ڪمري مان سڏ ڪري چيس؛ ”بدرو! هيڏانهن اچ، مون کي الماريءَ تان سُوٽ ڪيس ته لاهي ڏي.“
ميان بدرالدين؛ (ڪتاب مان نظرون هٽائڻ کان سواءِ) ”ها! ٿوري دير کان پوءِ اچان ٿو.“
”نه هينئر ئي اچ، مون کي سوٽ ڪيس هاڻي ٿو کپي.“
”تڪڙ اٿئي ته پاڻ ئي لاهي وٺ.“
”الماري گھڻو مٿي آهي، منهنجو قد ننڍو آهي، هٿ نه ٿو پڄي.“
”پوءِ کڻي زبان سان لاهي وٺ.“


(رات جا ڏهه)
ٻارنهن ورهين جو سراج الدين، پنهنجي ڪمري ۾ جاڳي رهيو هئو. اوچتو ماڻس مسمات قمرالنساءِ اچي سر تي ڪڙڪيس. جنهن ڏٺو ته هو موبائيل فون تي محويت وچان گيم کيڏي رهيوآهي. چوڻ لڳس؛
”خبر اٿئي، پئٽرول سستو ٿي ويو آهي.“
”ته پوءِ؟“
”ته پوءِ اهو ياد رک ته تنهنجي موبائيل تي فقط پنجهتر ملي لٽر پيٽرول خرچ ڪنديس، پوءِ نه چئجانءِ ته اميءَ منهنجي سيل فون ساڙي ڇڏي.“
(رات جا ساڍا يارنهن)
”تو پنهنجي بائيڪ تي ’ساس ڪي دعا‘ ڇو لکرايو آهي؟“
”بس دل چيو، لکرائي ڇڏيم“
”معنيٰ تون منهنجي ماءُ جي عزت ڪرين ٿو. ڀلا هڪڙي ڳالھ ٻُڌاءِ، تون منهنجي عزت وڌيڪ ڪندو آهين يا منهنجي ماءُ جي؟ ...“
”ڏاڍو ڏکيو سوال پڇيو اٿئي.“
”چلو آئون پنهنجو سوال، تو لاءِ وڌيڪ سولو ٿي ڪيان. فرض ڪر، اوچتو هڪڙو شِينهن اچي وڃي. هڪ طرف امان هجي ۽ ٻئي پاسي آئون، تون ڪنهن کي بچائيندين؟“
”آئون شِينهن کي بچائيندس.“
(هڪ ٺڪاءَ جو آواز)
ٻيو ڏينھن (صبح جا ساڍا ڏھ)
ميان بدرالدين جي دل بهار ۽ غمگُسار دوست ضراب حيدر، فڪرمنديءَ وچان اک جي هيٺان پيدا ٿيل نِيل ڏسي پڇيو؛
”هيءُ ڌڪ ڪيئن لڳو؟
”زبان سان لڳو.“
”تون ته چوندو آهين ته هٿ ڳرو اٿس، ڀاڄائيءَ قمرالنساءِ جي زبان به ڳري آهي ڇا؟“ نه هن جي زبان ڳري ناهي، رڳو گھڻي ڊگھي آهي. ها البته منهنجي هلڪڙي زبان، مون وانگر ھلڪڙي آھي... تون ڇڏ انهن ڳالهين کي، اهو ٻڌاءِ ته اهو ’ستن درويشن جو آستانو‘ ڪٿي آهي، جتي من جون مرادون پوريون ٿينديون آهن؟“
دلجوئي ڪندڙ چاره ساز دوست ضراب حيدر، ميان بدرالدين کي ’ستن درويشن جو آستاني‘ جو ڏسُ پتو سمجھايو ۽ دعائون به ڪيون. (اها ٻي ڳالھ آهي ته ضراب حيدر جي دعائن کان وڌيڪ، هن جي ڏنل دوائن، ميان بدرالدين کي سدائين فائدو ڏنو هئو).
(صبح جا ساڍا چار)
فجر جي نماز پڙهي ميان بدرالدين، ’ستن درويشن جي آستاني‘ ڏانهن روانو ٿي ويو. شهر کان پري، ويران راهون لتاڙي، ميدان جھاڳي، جبلن جي دامن ۾موجود، هڪڙي سر سبز ٽڪريءَ جي ڇانءَ ۾ ٺهيل هڪ جھُڳيءَ جي ٻاهران، ست الڳ الڳ توريون وڇايل هيون، جن تي وڏن وارن ۽ ڊگھين ڏاڙهين سان، لانگوٽي پاتل، مٽيءَ ۾ ڀڀوت ست درويش هڪ ٻئي کان ٿوريءَ ٿوريءَ وٿيءَ سان، اکيون ٻُوٽي گيان ڌيان ۾ مصروف هئا. انهن درويشن ۾ هڪڙو ته تمام وڏي عمر جو پئي لڳو، جنهن جو ڪنڌ لُڏيو پئي، باقي ٻيا اڌڙوٽ هئا. انهن ۾ فقط هڪڙو درويش ئي ننڍو نيٽو نوجوان پئي لڳو، جنهن جي لانگوٽي به گھڻي پراڻي ڪو نه هئي.
ميان بدرالدين، کنگھڪار ڪري، پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريو. سڀني کان وڏي ڄمار واري درويش اکيون کولي، ميان بدرالدين تي اڇاتري نظر وجھندي پڇيو؛
”ڇا لاءِ پنڌ پيو آهين؟“
”سائين زال جي ظلمن جو ستايل آهيان.“
سڀني کان وڏي ڄمار واري درويش، جنهن جو ڪنڌ لُڏيو پئي، ان ننڍي نيٽي نوجوان درويش، جنهن جي لانگوٽي به گھڻي پراڻي ڪو نه هئي، ڏي منهن ڪري چيو؛ ”ڇوڪرا! اٿ اندر رکيل اٺِين توري کڻي اچي وڇاءِ. اڄ کان پوءِ هيءُ ٿاڪ ستن جي بدران اَٺن درويشن جو آستانو هوندو.“

No comments:

Post a Comment