Showing posts with label اٺن درويشن جو آستانو، مختصر ڪھاڻي، طنز ۽ مزاح، طارق قريشي،. Show all posts
Showing posts with label اٺن درويشن جو آستانو، مختصر ڪھاڻي، طنز ۽ مزاح، طارق قريشي،. Show all posts

Monday, December 30, 2019

اٺن درويشن جو آستانو - طارق قريشي


اٺن درويشن جو آستانو
طنز ۽ مزاح
طارق قريشي
شام جا ست
ميان بدرالدين، محويت وچان ڪتاب پڙهي رهيو هئو. سندس زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ، ٻئي ڪمري مان سڏ ڪري چيس؛ ”بدرو! هيڏانهن اچ، مون کي الماريءَ تان سُوٽ ڪيس ته لاهي ڏي.“
ميان بدرالدين؛ (ڪتاب مان نظرون هٽائڻ کان سواءِ) ”ها! ٿوري دير کان پوءِ اچان ٿو.“
”نه هينئر ئي اچ، مون کي سوٽ ڪيس هاڻي ٿو کپي.“
”تڪڙ اٿئي ته پاڻ ئي لاهي وٺ.“
”الماري گھڻو مٿي آهي، منهنجو قد ننڍو آهي، هٿ نه ٿو پڄي.“
”پوءِ کڻي زبان سان لاهي وٺ.“