Friday, December 6, 2019

گھر وڪري لاءِ دستياب آھي - آفتاب حسين راڄپر


گھر وڪري لاءِ دستياب آھي
مختصر ڪھاڻي
آفتاب حسين راڄپر
بحيثيت هڪ پراپرٽي ڊيلر جي، اخبار ۾ ”گهر وڪري لاءِ دستياب آهي“ جو اشتهار پڙهيم ته اهو گهر خريدڻ لاءِ هڪ ضرورتمند پارٽيءَ کي ساڻ ڪري وزٽ ڪرڻ لاءِ نڪري پيم. گهر جي دروازي تي پهتاسين ته هڪ پيرسن بزرگ، اسان جي آجيان ڪئي ۽ اندر وٺي آيو. ڊرائنگ روم ۾ ويهڻ لاءِ چئي اندر ھليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ هڪ ٻڍڙي خاتون، چانهه جي ٽرالي ٽيبل سجائي کڻي آئي، جنهن تي چانهه، بسڪيٽ، نمڪو، گجرن جو حلوو ۽ ڪجهه مٺائي رکيل هئي. ھاڻي ٻئي زال مڙس اسان جي اڳيان ويهي رهيا ۽ اسان کي چانهه وٺڻ لاءِ چيائون. مون چين؛ ”اسان جي پهرين ملاقات آهي! اسان گهر جي حوالي سان ڳالهائڻ آيا آهيون. توهان ايتري تڪليف ڇو ڪئي آهي؟“


ان تي پيرسن جواب ڏنو؛ ”توهان چانهه پيو! گهر جي حوالي سان ڳالهه ٻولھ ٿيندي رهندي.“ اسان چانهه وغيره ختم ڪئي. ان کان پوءِ جھٽ دير لاءِ ڪچهري پڻ ڪئي. ڳالھين ڳالھين ۾، پيرسن کان گهر جي قيمت پڇيم. جنھن تي چيائين؛ ”هيءُ گهر پنجاھ لک رپين ۾ ڏينداسين.“
آئون حيران ٿي ويس. مون کي ٿوري چڙ به لڳي ته پوڙهي اسان جو وقت ضايع ڪيو. تنھن ھوندي به ڪاوڙ کي کائيندي چيومانس؛ توهان جو گهر ته ٽيھ لک به مس لهي. توهان ان جا ايڏا پئسا ٻڌا آهن. حيرت جي ڳالھ آهي! توهان اسان کي چانهه پياري، اسان تي احسان ڪيو آهي. باقي سودو ته نٿو ٿي سگهي.“
ان تي پيرسن وراڻيو؛ ”ڪا ئي ڳالهه ڪانهي. هر انسان پنهنجو نصيب کائيندو آهي.“
بهرحال اسين، ٻه ٽي ڪلاڪ ضايع کان پوءِ، اتان خالي هٿين واپس ٿياسين.
ٽن مهينن بعد، ساڳيو اشتهار، اخبار ۾ پڙهيم. حيرت لڳي ته پوڙهي جو گهر اڃا تائين نه وڪاڻو آهي. فون تي رابطو ڪري هڪ ٻي پارٽيءَ کي ساڻ ڪري، وڃي سندن دروازو کڙڪايو. ساڳيءَ ريت هو اسان کي اندر وٺي آيو. ڊرائنگ روم ۾ ويهڻ لاءِ چيائين. ڪجهه دير ۾ ساڳي ٻڍڙي خاتون، چانهه جي ٽرالي ٽيبل سجائي کڻي آئي. جنهن تي چانهه، بسڪيٽ، نمڪو، گجرن جو حلوو ۽ ڪجهه مٺائي رکيل هئي. ٻئي زال مڙس اسان جي اڳيان ويهي رهيا ۽ اسان کي چانهه وٺڻ لاءِ چيائون. مون به چئي ڏنو؛ ”توهان ايتري تڪليف ڇو ڪندا آهيو؟ اسان گهر بابت ڳالهائي وٺون ھا.“
ان تي ساڳيو جواب مليو؛ ”توهان چانهه وٺو! ڳالهيون ٿينديون رهنديون.“
ڪجهه دير جي ڪچهريءَ ۽ چانهه پيئڻ کان پوءِ، مون گهر جي قيمت جي ڳالهه ڪئي. پيرسن ساڳيا پنجاھ لک ٻڌايا. جنهن تي مون کي تمام گهڻي ڪاوڙ به لڳي ۽ حيرت به ٿي. مون سمجهيو پوڙهي جو دماغي توازن صحيح ناهي.
قصو ڪوتاھ، ان ڀيري به هٿين خالي موٽڻو پيو.
ان ڳالهه کي ڪافي عرصو گذري ويو. هڪ پراپرٽي ڊيلر دوست جو فون آيو؛ ”هڪ گهر ڏاڍو سستو ملي رهيو آهي. هل ته گڏجي ڏسي اچون.“
جڏهن پار پتا ٻڌايائين ته مان سمجهي ويس ته ساڳئي پوڙهي جي گهر بابت ٿو چئي.
مونکي ڏاڍي کل آئي ۽ کيس سمجهائيندي ٻڌايم؛ ”پوڙهي جو دماغي توازن خراب اٿئي. هن کي گهر کپائڻو ئي ناهي.“
پوءِ مون کيس پويان واقعا ٻڌايا.
ان تي دوست چوڻ لڳو؛ ”پوڙهو ايئن ڇو ٿو ڪري. ان جو ضرور ڪو نه ڪو راز ھوندو. هڪ ڀيرو گڏجي هل. ڏسون ته آخر ڇا چڪر آهي.“
اسين ٻئي گڏجي، سندن دروازي تي پهتاسين. دروازو کڙڪائڻ کان پوءِ ساڳيو منظر ٿيو، جيڪو آئون اڳ به ڪيئي ڀيرا ڏسي چڪو هيس. البته هن ڀيري، پوڙهي مون کي ايترو ته زور سان ڀاڪر پاتو، ڄڻ اسين ويجها دوست ٿي ويا هجون. ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين ته پوڙهي عورت، ساڳي ٽرالي ڌڪي اچي اڳيان جهلي. هن ڀيري، ضد ڪري چيومانس؛ ”اسان تيستائين ڪجهه نه کائينداسين، جيستائين توهان اسان کي نه ٻڌايندئو ته هر ڀيري اشتهار ڏيو ٿا ۽ گهر نه ٿا کپايو. وري جيڪو خريدار اچي ٿو، ان جي خاطر تواضع ڪري واپس موٽائي ٿا ڇڏيو. آخرڪار ڇا ڳالهه آهي؟“
ان تي پيرسن، پنهنجي زال ڏانهن ڏسندي، روئڻهارڪو ٿي چوڻ لڳو؛ ”حقيقت ۾ اسان کي گهر کپائڻو ئي ناهي. اسان ٻئي صرف اهو ٿا چاهيون ته اسان وٽ ڪو نه ڪو ايندو رهي. اسان سان ڪچهري ڪري ۽ ڳالهائي. اسان ٻئي لاچار آهيون، جو اڪيلا آهيون...“
پوڙهيءَ روئندي اڃا وڌيڪ ٻڌايو؛ ”اسان جا ٽي پٽ آهن! کين لکائي پڙهائي نوڪرين وارو ڪيوسين. ھاڻي اهي وڃي ٻاهرئين ملڪ ۾ رهي پيا آهن. هڪ ڀيرو به مڙي نه پڇيو اٿن ته ڪيئن آهيو؟ اسان کي گهر جون ڀتيون کائڻ اچن ٿيون. ان ڪري اسان ٻنهي سوچيو ته ڇو نه ماڻهن جي خدمت ڪري، انهن سان وقت گذارڻ جو بهانو ڪريون.“
اها ڳالهه ٻڌي منهنجي دل ٻڏي وئي ۽ اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ سوچيم ته اڪيلائي ۽ پوڙهائپ، زندگيءَ جا ڪيترا نه ڏکيا مرحلا آهن.
پوڙهي مرد، اڃا ڳالھ کي اڇو ڪندي ٻڌايو؛ ”پٽ! دنيا جو ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه آهي. پر پوڙهپ ۾، اولاد جھڙو سهارو ناهي“.

No comments:

Post a Comment