Tuesday, December 3, 2019

ڪھاڻي ڪتاب ترورو تي تبصرو - عبدالڪريم چنا


ڪھاڻي ڪتاب ’ترورو‘ تي تبصرو
تبصره نگار: عبدالڪريم چنا
ڪتاب جو نالو: تِرِوِرو (مختصر ڪهاڻيون)
ڪهاڻيڪاره: ثمينه ميمڻ
سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن کي پڙهڻ ۽ انهن جي سوچن ۽ فڪر جي ڌارائن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي سلسلي جو هڪ ٻيو ڪتاب پڙهي ورتم..
ٽوٽل سترهن مختصر ڪهاڻين جو مجموعو.. ڪتاب جو نالو ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻي ترورو (ترورا) تان ڏنل آهي.. پر مان هن ڪتاب کي “عورتون مردن کان سواءِ” جو نالو ڏيان ها.. سمورين سترهن ڪهاڻين ۾ عورتن جي دردن، پيڙائن، تڪليفن، ڀوڳنائن جا داستان.. عورتن سان هن زماني ۾ ڇا ڇا وهي واپري ٿو؟ اهي ڪيترو ڪجھ برداشت ڪن ٿيون؟ انهن جا احساس ڇا آهن؟ ڪيترو ڪجھ ڀوڳي وري به هن سماج جي ٺهيل اصولن ۽ سرشتي موجب انهن کي سهاري لاءِ وري به مردن ڏانهن ئي ڇو ٿو واجهائڻو پوي؟ ڇا عورت فقط سيڪس ۽ ٻچن ڄڻڻ جي مشين آهي؟ هن جديد دور ۾ به عورت کي گهر مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڃا به گهر جي مرد جي ضرورت ڇو ٿي رهي؟ مرد پسند جي شادي کان پوءِ به ٻين عورتن ڏانهن ڇو ٿو واجهائيندو رهي؟ غيرت ۾ فقط ڀيڻ/ ڀاڄائي/ ماساتِ (فقط عورت) وغيره ڇو ٿي قتل ٿئي؟ پيار ۾ ڌوڪو کائيندڙ عورت، ڪيڏانهن وڃي ۽ ڇا ڪري؟ وغيره سميت کوڙ مسئلن ۽ سوالن تي آڱر کڻندڙ موضوعات..


عورت جي اندر جي جذبن، ان جي سوچ جي لاڙن، ساڻن پيش ايندڙ مسئلن کي ڪيئن منهن ڏجي، گهر ۾ موجود رشتن سنڀالڻ بالخصوص مڙس کي سنڀالڻ جي اهم ترين ذميواري کي ڪيئن پورو ڪجي؟ (جڏهن ته مڙس کي زال جي پرواھ ئي نه هجي).. ان سميت عورت سان لاڳاپيل کوڙ نفسياتي ۽ سماجي مسئلن سان لاڳاپيل ڪهاڻيون..
ڪتاب جا ڪل صفحا ۱۶۰ آهن. جڏهن ته ۴۸ صفحا پبلشر پاران، ٻه اکر، مهاڳ، ڪهاڻيڪار پاران، ۽ ڪهاڻيڪاره جي تعارف، سندس ڪهاڻيءَ جي فن، ادب سان چاھ ۽ هڪ متحرڪ ڪردار طور نون (۹) مختلف شخصيتن پاران رايا لکيل آهن. جڏهن ته بئڪ ڪور تي ليکڪا لاءِ الڳ لکيو ويو آهي.. ان ريت ۱۶۰ مان ۴۸ صفحا ڪٽيون ته ڪهاڻين لاءِ باقي بچيا ۱۱۲ صفحا..
ڪهاڻيون پنهنجي اندر ۾ عام رواجي روزمره جي مسئلن تي ئي لکيل آهي. ادب ته آهي ئي انسانذات ۽ سماج جي مسئلن، مونجهارن ۽ سوچن کي بيان ڪرڻ جو وسيلو، پر اصل ڳالھ آهي ته ليکڪ ان کي بيان ڪرڻ ۾ ڪيترو فني طرح سگهارو آهي. ان جو اسلوب ڪيترو طاقتور ۽ نرالو آهي.. پڙهندڙ کي ڪيترو متاثر ڪري ٿو.. هي سموريون ڪهاڻيون مڪمل طور اول صف جون ته نه ٿيون شمار ٿي سگهن پر صفا ڪمزور به نه ٿو چئي سگهجي.. پنهنجي فن اندر وچولي درجي جون ڪهاڻيون..
ڪجھ هاڻين ۾ زمان ۽ مڪان جي به ڪمي نظر آئي. ميڊم ثمينه جون ڪافي ڪهاڻيون ۸۰ يا ۹۰ جي ڏهاڪي جون لکيل آهن. پر جڏهن انهن ڪهاڻين کي سال ۲۰۱۷ ۾ شايع ڪرائجي ته انهن کي جديد دور جي حساب سان تبديل ڪجي يا وري انهن ڪهاڻين کي اهڙو دڳ وٺرائجي جيڪو پڙهندڙ کي ان پراڻي دور ۾ وٺي وڃي.. هن جديد دور ۾ يونيورسٽي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون هڪ ٻئي کي پنن تي خط لکي ٽپال ناهن ڪندا، بلڪ موبائيل ته ميسيجز ۽ ڪالون ڪندا آهن.. هاڻي هن دور ۾ ۹۰ واري ڏهاڪي ۾ لکيل ڪهاڻي کي جيئن جو تيئن شايع ڪجي ته پڙهندڙ سوچيندو ته موبائل وسيلي رابطو ڇو نه ٿا ڪن؟
ڪجھ ڪهاڻين ۾ ڪهاڻي جي بيان اندر به ٽڪراءُ نظر آيو.. هڪ ڪهاڻي شروع ته ضمير غائب third person سان ٿي پر ڪجھ سٽن کان پوءِ ضمير متڪلم first person شروع ٿي ويو.. وري اڳتي هلي ضمير غائب ۽ اڃا اڳتي هلي ضمير غائب ۾ لکي وئي آهي.. اهو سلسلو ٻي ڪهاڻي ۾ به نظر آيو..
اهو متڪلم ۽ غائب وارو ٽڪراءُ ۽ زمان وارو ٽڪراءُ ڪتاب شايع ڪرائڻ کان اڳ نظرثاني ڪري ضرور حل ڪيو وڃڻ گهرجي ها.. (اهو ٽڪراءُ ڪهاڻين “ڏولي ڪير کڻي؟” ۽ “ڏاهيون ڏک ڏسن” ۾ نظر اچي ٿو.)
هنن سترهن ڪهاڻين مان کوڙ ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. رسالن ۾ ڪجھ مهينن جي وقفن سان شايع ٿيڻ الڳ ڳالھ آهي پر جڏهن هڪ ڪتاب جي شڪل ۾ ڪهاڻين جو مجموعو گڏ ٿئي ته پوءِ مختلف ڪهاڻين ۾ ساڳين نالن وارا ڪردار به ڪجھ عجيب ٿا لڳن.. ان طرف ڌيان ڏئي هر ڪهاڻي ۾ مرد ۽ عورت جي ڪردارن کي نوان نالا ڏنا وڃن ته ڪهاڻين ۾ هڪجهڙائي وارو عنصر به ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.. نه ته انهن ڪهاڻين کي ملائي ڪجھ تبديلي آڻي هڪ ڊگهي ڪهاڻي به سرجي سگهجي ٿي..
ڪهاڻين ۾ اجايو ڊيگھ ناهي، جيڪا سٺي ڳالھ محسوس ٿي.. ڪهاڻيون پنهنجي شروعات کان اختتام تائين، هڪ ئي سڌي لهر ۾ هلنديون ٿيون رهن. ڪو به لاهو چاڙهو يا ڇرڪائيندڙ انڪشاف نه ٿو ٿئي.. ڪهاڻي شروع کان پڙهڻ سان جيڪو اندازو لڳي ٿو نتيجو اهو ئي ٿو وڃي ظاهر ٿئي.. سولي ۽ سڌي انداز ۾ اختتام..
ميڊم ثمينه ميمڻ کي اڃا گهڻو لکڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ ڪتاب ۾ اڃا نواڻ ڀريل ڪهاڻيون ۽ موضوع جي حساب سان بلڪل مختلف لکڻيون ملي سگهن.. ۽ صرف عورتن جي مسئلن کي ئي نه پر سماج ۾ موجود ٻين مسئلن تي به قلم آزمائي ڪري پڙهندڙن کي مختلف موضوعن سان متعارف ڪرائي..

(عبدالڪريم چنا جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment