Showing posts with label ڪھاڻي ڪتاب، ترورو، تبصرو، عبدالڪريم چنا، مختصر ڪهاڻي،. Show all posts
Showing posts with label ڪھاڻي ڪتاب، ترورو، تبصرو، عبدالڪريم چنا، مختصر ڪهاڻي،. Show all posts

Tuesday, December 3, 2019

ڪھاڻي ڪتاب ترورو تي تبصرو - عبدالڪريم چنا


ڪھاڻي ڪتاب ’ترورو‘ تي تبصرو
تبصره نگار: عبدالڪريم چنا
ڪتاب جو نالو: تِرِوِرو (مختصر ڪهاڻيون)
ڪهاڻيڪاره: ثمينه ميمڻ
سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن کي پڙهڻ ۽ انهن جي سوچن ۽ فڪر جي ڌارائن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي سلسلي جو هڪ ٻيو ڪتاب پڙهي ورتم..
ٽوٽل سترهن مختصر ڪهاڻين جو مجموعو.. ڪتاب جو نالو ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻي ترورو (ترورا) تان ڏنل آهي.. پر مان هن ڪتاب کي “عورتون مردن کان سواءِ” جو نالو ڏيان ها.. سمورين سترهن ڪهاڻين ۾ عورتن جي دردن، پيڙائن، تڪليفن، ڀوڳنائن جا داستان.. عورتن سان هن زماني ۾ ڇا ڇا وهي واپري ٿو؟ اهي ڪيترو ڪجھ برداشت ڪن ٿيون؟ انهن جا احساس ڇا آهن؟ ڪيترو ڪجھ ڀوڳي وري به هن سماج جي ٺهيل اصولن ۽ سرشتي موجب انهن کي سهاري لاءِ وري به مردن ڏانهن ئي ڇو ٿو واجهائڻو پوي؟ ڇا عورت فقط سيڪس ۽ ٻچن ڄڻڻ جي مشين آهي؟ هن جديد دور ۾ به عورت کي گهر مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڃا به گهر جي مرد جي ضرورت ڇو ٿي رهي؟ مرد پسند جي شادي کان پوءِ به ٻين عورتن ڏانهن ڇو ٿو واجهائيندو رهي؟ غيرت ۾ فقط ڀيڻ/ ڀاڄائي/ ماساتِ (فقط عورت) وغيره ڇو ٿي قتل ٿئي؟ پيار ۾ ڌوڪو کائيندڙ عورت، ڪيڏانهن وڃي ۽ ڇا ڪري؟ وغيره سميت کوڙ مسئلن ۽ سوالن تي آڱر کڻندڙ موضوعات..