Friday, November 29, 2019

ورسٽيءَ جو سفر - ذوالفقار ابڙو


ورسٽيءَ جو سفر
مختصر ڪھاڻي
ذوالفقار ابڙو
نوان دوست، نوان چهرا، نيون هوائون، سمجهيم پئي ته مون ۾ وڏي تبديلي اچڻ واري آهي، ذهن ۾ سوالن جي لهر هئي ته نوجوان اچي ڪلهي تي هٿ رکيو؛ ”ڪهڙا حال آهن، توهان جو نالو واجد آهي؟“
مون ها ۾ ڪنڌ لوڏيو ته هن جينٽل مين جيان هٿ زور سان دٻائي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريو؛ ”منهنجو نالو قربان آهي. توهان سان ملي خوشي ٿي. پر اوهان کي عالم صاحب ياد ڪري رهيو هو، شايد ڪو ڪم هوندس.“


مون وراڻيو؛ ”ها سائين کي ضرور ڪو ڪم هوندو. مان ملاقات ڪري ٿو وٺانس.
نئين دوست موڪلايو ته مان به استاد ڏانهن هليو ويس.
هن ٻڌايو؛ ”پرنسپال رٽائر ٿي وئي آ! اڄ سندس مان ۾ الوداعي تقريب رکي آهي، جنهن ۾ تو کي به ڪجهه لفظ ڳالهائڻا پوندا.“
مان وائڙو ٿي ويس؛ ”سائين مان ته نئون آهيان.“
استاد ٽهڪ ڏيندي چيو؛ ”ته پوءِ ڪهڙو تو کي جنگ تي ٿا موڪليون! رڳو ڪجهه لفظ ئي ته ڳالهائڻا آهن! رڳو سندس ڪم جي حوالي سان ڪجهه ڳالهائي وٺجان”.
”سائين اها ڳالهه ته صحيح آهي پر مون کي ڳالھائڻ ڪٿي ٿو اچي ۽ ٻيو ته مان جيڪو ڳالهائيندس اهو تقريب ۾ ويٺلن کي سمجهه ۾ ئي ڪو نه ايندو. مون کي عورتن جي تعريف ڪرڻ نه ايندي آهي ۽ نه ئي سٺي لڳندي آهي.”
”ڇو، ڇا تو کي عورتن کان نفرت آهي؟” هن پڇيو ۽ چيائين؛ ”قربان کان مدد وٺ!“
مون سوچيو ته قربان چريو آهي الائي ڇا؟ استاد جي ڳالهين منجهائي وڌو هو. مادر علمي جون ڀتيون مون سان ڳالهائي رهيون هيون. هوائن وڻن کي ڇيڙي ڇڏيو هو. هر پاسي جنگ ڇڙيل هئي ۽ مان پاڻ کي اڌورو پئي سمجهيو. صبح ٿي ته دوست قربان به آيو. پڇا ڪيائين ته “اڄ تو ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟”
چيم؛ “قربان مان به ڳالهايان ها پر مون وٽ ايترو مواد ڪونهي”.
“نه واجد تون ڳالهائي سگهين ٿو، ڀلي، جيئن تنهنجي مرضي، پر اتي سائين سڏ ڪندئي ته پو ڪيئن منهن ڏيندين؟”
“ها، اهو ته مون سوچيو ئي نه هو. پر يار قربان مهرباني ڪر ڪجھه ٻڌاءِ ته جيئن اتي ڳالهائڻ جهڙو ته ٿيان.”
“ڪوشش ڪري ميڊم جي شخصيت ۽ ان جي ذميوارين نڀائڻ، سندس رويي بابت ڳالهائجان.”
“ها پر ڇا؟ تون ٿورو ٻڌاءِ. ٿورو سمجھاءِ ته مان پاڻ ئي ڳالھه ٺاهي وٺندس”
قربان سمجھائڻ لڳو پنهنجو مثال ڏئي؛ “سمجھه ته پاڻ الوداعي تقريب ۾ شريڪ آهيون، هاڻي مان جيڪو ڳالهايان ٿو سو تون اتي ڳالهائيندين” هو ڳالهائڻ لڳو؛ “اڄ مان سائين وڏي جو نهايت ٿورائتو آهيان جنهن مون کي توهان سڀني جي اڳيان ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو. مان ڪو مقرر يا اديب ناهيان جو لفظن جي موتين جي پالوٽ ڪريان. تنهنڪري مان اهو ئي ڳالهائيندس جيڪو مون ڏٺو ۽ سمجھيو. مان ميڊم کي هڪ سرپرست ڏٺو. هڪ وڏي جي ڪردار ۾ ڏٺو. اهو وڏو ۽ سرپرست جيڪو پنهنجي گھر جي سڀني ڀاتين جي سار سٺي نموني لهندو آ، جيڪو گھر لاءِ ڇپر ڇانو هوندو آ. مان جڏهن به ڪنهن معاملي تي پريشان ٿيس ته ان جو حل ميڊم ئي ٻڌائيندي هئي. مون کيس هڪ ذميوار شخصيت ۽ فرض شناس عملدار طور ڏٺو. پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي ڪو نه ڪندي هئي. حقيقت ته اها آهي ته ميڊم نه ڪڏهن ٿڪجندي هئي، نه پريشان ٿيندي هئي. ننڍي عمر ۾ ايتري مڪمل شخصيت بڻجڻ جو اعزاز ماڻڻ هڪ وڏي حاصلات کان گهٽ ناهي، اها ڳالهه ئي تعريف ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿي. توهان سڀني جي مهرباني جو ايترو مونکي ٻڌو اٿو.. هاڻي هل ته هلون. تقريب شروع ٿي وئي آهي.“
“ها قربان صحيح ٿو چئين!“ ٻنهي وڃي الوداعي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن تقريب ۾ ڳالهائڻ کانپوءِ مون ۾ ڳالهائڻ جي سگهه جو احساس ٿيو ۽ مون نئين سفر کي سٺي انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جو عزم ڪيو.

No comments:

Post a Comment