Thursday, November 7, 2019

ميئر جو اڻ ڇپيل انٽرويو - عنايت ميمڻ


ميئر جو اڻ ڇپيل انٽرويو
مختصر ڪهاڻي
عنايت ميمڻ
چيومانس؛ ”گندگي وڌي وئي آهي. بدبوءِ جي ڪري، ماڻھو پنھنجو نڪ ڍڪي هلن ٿا! ٻيلي هن گند کي کڻائي ڇڏ! ماڻھو ويچارا بيمار ٿيندا؟“
”هيءَ سڄي گندگي، عوام جي پنھنجي پيدا ڪيل آهي. منھنجي ناهي جو مان کڻايان.“ وڌيڪ دليل ڏيندي چيائين؛ ”ھيءُ گند هوندو ته اسان جي سياست ۽ اسان جو روزگار چمڪندو. تون جنھن کي گند ٿو چوين، سو مون لاءِ سون آهي!!! هن ۾ منھنجو رزق ۽ روزگار آهي... منھنجي اولاد ۽ منھنجي پارٽيءَ واري سموري سرڪار، هن گند تي پلبي آھي... منھنجي سموري ٺٺ ٺانگر جو دارو مدار به هن گند تي آهي... هن ۾ برڪت پوندي ته ماڻھون گاريون ڏيندا!!! احتجاج ٿيندا.... ڌپ ڦھلبي ته ماڻهو جاڳندا.... ماڻهو جاڳندا ته سرڪار جي ننڊ ڦٽندي!؟.. مون کي بھانو ملندو ۽ پوءِ سرڪار بجيٽ وڌيڪ ڏيندي!؟“


چيومانس؛ ”ڏاهو ٿي! جيستائين تنھنجي پلاننگ پوري ٿئي، تيستائين هن گند مان بيماري ڦھلجي ويندي. ماڻھو ويچارا بيمار ٿيندا! خرچن ۾ پئجي ويندا!“
کلندي چيائين؛” هن گند ۾ منھنجي به سيڙپ ٿيل آھي! علائقي ۾ بيماري ڦھلبي ته ڊاڪٽرن جو به روزگار ٿيندو. اهي به پنھنجا ڀائر آهن..“
چيومانس؛ ”خدا جو خوف ڪر... غريبن تي رحم ڪر... الله کان خير گهر!؟..“
کلندي چيائين؛ ”هن گند جي پيسن مان، آڪھ سميت ٽي عمره ۽ ٻه حج ڪري آيو آهيان. الله بخشڻ وارو آهي. تو دهريئي کي ڪهڙي خبر؟!

No comments:

Post a Comment