Thursday, November 14, 2019

خواھش - سومرو شبير


خواھش
مختصر ڪھاڻي
سومرو شبير
ڏاڍي ٿي وڻيم!
عمر ۾ وڏي آھي پر، ڊگھي قد، ڊيل جھڙي چال جي ڪري من ۾ پيھي ويئي اٿم.
ڇاتي جو اڀار منھنجي تن من ۾ ٽانڊا ٻاريو ڇڏي.
ڏاڍي ڪوشش ڪئي کيس ڏسان!!
ھڪ ڀيري لڪي ليئو پاتم. کٽ تي ستي پيئي ھئي. ساهه کڻڻ سان سندس اڀار، ڇولين ۾ آيل ناوَ جيان ڀاسي رھيو ھو.
ڇھڻ جي آس وڻ ويڙھيءَ جيان وڪوڙي ويئي.
اديءَ جي شادي! ۾ گھر آئي.
ڏٺومانس!


سڄي بدن ۾ ڄڻ ڪرنٽ گھمي ويو. سڄو سارو ڌڏي ويم. پاڻ تي ضابطو آڻي ٻاھر دڪي تي وڃي ويٺم. ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ڄنگهه ڄنگهه تي رکي. سگريٽ دکائي چيچ ۾ ڦاسائي چندرما کي چتائي ڏسندو رھيم. ڏسندو رھيم.
اوچتو، سوچ، دماغ جو در ڀڃي آئي.
“جيڪر مڙس مريس ته شادي ڪيانس”.
ھڪ ڀيري ويٺو ھجان، رڙيون ٿيون.
مري ويو، الاڙي مري ويو.“
تاڙي وڄائي کٽ تي اٿي بيھي رھيم. خواھش جي پوري ٿيڻ جو امڪان، خوشيءَ جو اظھار ھو.
ھان ھان ھان!! ڪرين ڇا ٿو، مت مئي ٿئي ڇا. پاڙي ۾ جوان ڇوڪرو فوت ٿيو آهي، تون ھنبوڇي پيو ھڻين؟
زال جي ٽوڪڻ تي ڍڪر ئي ڍرا ٿي ويم.
ھن جو بيمار پٽ مري ويو. ندامت مان منھن ڀيلو ڪري ڪمري ۾ لڪي ويم.

No comments:

Post a Comment