Thursday, November 14, 2019

مزاح - جاويد- روشن شيخ


مزاح
مختصر ڪھاڻي
جاويد/ روشن شيخ
زال: ”جانو مان پنهنجا وار ڪٽرايان؟
مڙس: ”ڪٽراءِ.“
زال: ”وڏي مشڪل سان ته وڏا ڪيا آهن.“
مڙس: ”نه ڪٽراءِ.“
زال: ”پر اڄڪلهه ننڍن وارن جو رواج آ.“
مڙس: ”پوءِ ڪٽراءِ.“


زال: ”پر توکي وڏا وار پسند آهن.“
مڙس: ”ته نه ڪٽراءِ کڻي.“
زال: ”منھنجيون دوست چون ٿيون، منهنجي چھري جي ڪٽ تي ننڍا وار سھڻا لڳندا.“
مڙس: ”پوءِ ڀلا ڪٽراءِ.“
زال: ”پر ننڍن وارن جي چوٽي ناھي ٿيندي.“
مڙس: ”نه ڪٽراءِ.“
زال: ”سوچيان ٿي تجربو ڪري ڏسان.“
مڙس: ”اھا ڳالهه آهي، ته ڪٽراءِ.“
زال: ”جيڪڏھن خراب ٿي ويا ته پوءِ؟
مڙس: ”نه ڪٽرائڻ گھرجن توکي.“
زال: ”سوچي رھي آهيان ڪٽرايان.“
مڙس: ”ڀلا ڪٽرائي ڏس.“
زال: ”سٺا نه لڳا ته ذميوار تون ھوندين!“
مڙس: ”پوءِ نه ڪٽرائڻ گھرجن.“
زال: ”پر ننڍا وار سنڀالڻ ۾ آساني ٿيندي آهي.“
مڙس: ”پوءِ کڻي ڪٽراءِ.“
زال: ”ڀئو ٿو ٿئي ته خراب نه لڳن.“
مڙس: ”پوءِ نه ڪٽراءِ.“
زال: ”مون فيصلو ڪيو آهي، ته ڪٽرايان ٿي.“
مڙس: ”ڪٽرائي ڇڏ.“
زال: ”پوءِ ڪڏھن ھلئون؟“
مڙس: ”تنهنجي مرضي، نه ڪٽراءِ.“
زال: ”مان، اميءَ جي گھر ھلڻ جي ڳالهه ٿي ڪريان.“
مڙس: ”پوءِ ڪٽرائي ڇڏ.“
زال: ”چوين ڇا ٿو تون؟؟؟ تنھنجي طبعيت ته ٺيڪ آهي؟“
مڙس: ”نه ڪٽراءِ.“
ھي مڙس ويچارو پاڳل جيان سڄو ڏينهن اھو ئي ويٺو چوندو آهي؛ ”پوءِ ڪٽراءِ! ڀلي نه ڪٽراءِ.“

No comments:

Post a Comment