انا جي خول ۾
مختصر ڪھاڻي
زاھد علي ڀٽو
هن سان ويجهڙائيءَ
کي اڃا ڪجهه مهينا ئي ٿيا هئا. انهن چند مهينن ۾ ئي ساڻس پيار جا پيچ اڙجي ويا هئا.
گهڻا حجاب هٽي چڪا هئا. تازو ڦٽيءَ جو فصل لهندي ئي هن کي تحفو ڏيڻ لاءِ سوناري
کان سوني زنجير ۽ ٽوڙا يعني پيرن جا پازيب ٺھرائي آيم. سوکڙين جو ٻڌي مٺي مرڪ سان
مرڪي پئي ۽ ڪجهه شرمائيندي، ڳراٽڙي پائي تحفي جي تعريف ڪيائين ۽ لاڏ مان چيائين؛ ”وٺي
پاڻ آيو آھين ته ڳچي ۾ پاراءِ به پاڻ! باقي، پازيب مان پاڻهي پائي وٺندس.“
چيم؛ ”زنجيري پارائڻ
لاءِ ته چوين ٿي، پر پيرن ۾ پازيب ڇو نه؟“
پنهنجو لاڏ وارو
انداز مٽائيندي ۽ مياري نظرن سان ڏسندي چيائين؛ ”مون کي خبر آهي، تون ڳچيءَ ۾
زنجيري ته پارائيندين... پر پيرن ۾ پازيب نه! ڇو ته پيرن ۾ پازيب پارائڻ لاءِ تو کي
هيٺ جهڪڻو پوندو ۽ تون جهڪڻ پسند نه ڪندو آھين. ڇو ته تو کي پيار ۾ به انا آڏو اچي
ويندي آهي. انا جي ڪري ايئن ڪو نه ڪندين. بس مان پاڻ ئي پازيب پائي وٺندس!“
No comments:
Post a Comment