Friday, November 15, 2019

ديواني جو خواب - همير گاد


ديواني جو خواب
مختصر ڪھاڻي
همير گاد
”فَلفا!“
”جي!“
”هي تنهنجو نالو آ يا هوميو پيٿڪ دوا جو؟!“ جمال طنز ڪندي چيو.
”پيار مان گهر وارن رکيو آ، هونئن ته منهنجو اصلي نالو شازيه آھي!“
”شازيه تون واقعي ايڏي خوبصورت آھين يا مان آئينو ٿو ڏسان.“
”ڇا؟“ هن رڙ ڪري چيو.
”منهنجو مطلب آ ته تون ڪيڏي نه حَسين آھين! تو کي ڏسڻ کان پوءِ چنڊ به مون کي ستارو لڳندو آھي.“


”هل ڪوڙا، ڪوڙي تعريف نه ڪر.“ هن شرمائيندي چيو.
”سچي، تنهنجي خوبصورتيءَ ۾ به يقينن شفا هوندي.“
”ايڏيون مٺيون ڳالهيون نه ڪر ته ڪٿي شگر نه ٿي پوئي.“ ھُن طنز ڪندي چيو.
”تنهنجي عشق ۾ شگر ته ڇا جيڪڏھن پوليو به ٿي پيو ته اهو به قبول ڪندم. منهنجي ته بس هاڻي هڪ ئي خواهش آ جيئن شاهجهان زينت امان جي عشق ۾ تاج محل ٺھرايو هو ائين مان به تنهنجي محبت ۾ ڪو يادگار بڻائڻ چاهيان.“
”پر شاهجهان ته ممتاز بيگم جي عشق ۾ تاج محل ٺهرايو هو زينت امان ڪٿان آئي.“
”ممتاز بيگم جو اصل نالو زينت امان هو.“ مون کيس چيڙائيندي چيو.
”ڇو ٿو ڪوڙ ڳالهائين؟! تاريخ سان هٿ چراند نه ڪر، نه ته اڳتي هلي ڏاڍو پڇتائيندين.“
”جن اڄ تائين هٿ ٺوڪي ڪوڙي تاريخ تي وڏا ڪتاب لکيا، انهن کي ته اڄ تائين ڪنهن ڪجھ ڪو نه چيو. ابتو انهن کي ايوارڊن سان به نوازيو ويو. باقي مون ڪجھ چيو ته تاريخ سان هٿ چراند آ.. تون به ڪمال ٿي ڪرين سهيل جي ماءُ!“
”ڪ ڪ ڪ ڪير سهيل؟! هي تون ڇا ٿو چوين.“ شازيه کان ڇرڪ نڪري ويو.
”اسان جو هن دنيا ۾ اچڻ وارو ٻار! مون ته ايڊوانس ۾ ان جو نالو به سوچي ڇڏيو آ... ٻڌ ان جا رلڪا ٺاهيا اٿئي؟“
”رلڪا.. هي تون ڇا ٿو ڳالهائين؟!“
”مذاق ٿو ڪريان! تون ته صفا سيريس ٿي وئي آن!
”ڏس مون سان اهڙيون مذاقون نه ڪندو ڪر! ذري گهٽ منهنجو ساھ سڪي ويو هو.“
”جڏھن کان تون منهنجي زندگيءَ ۾ آئي آھين...“
”بس بس! بور ڪرڻ جي مشين! وڌيڪ بور نه ڪر! مان هلان ٿي، بابا جي اچڻ جو ٽائيم ٿي ويو آ. گهر ٻڌائي آئي هيم ته سهيليءَ ڏي ٿي وڃان.“
”اياز گل چيو آ؛ ’روز ملندا رهون ته بهتر آ. فاصلا، فاصلا وڌائن ٿا.‘ پنهنجو روز به ملڻ نه ٿو ٿئي. قسمت سان ملون ٿا ۽ تون وري وڃڻ جون ڳالهيون ٿي ڪرين. ۽ ٻيو ته تو وارو ولين پيءُ، ڪو ئي ڪم ڪار ڇو نه ٿو ڪري؟ سڄو ڏينهن واندو ويٺو آ، چئيس ته محنت مزدوري ڪري. ڪيستائين اولاد جي ڪمائي کائيندو. شڪر آ جو تنهنجي ڀاءُ کي نوڪري آھي. اهڙي پيءُ کان ڀلو اٿئي، سروس ڪرائي، مهل سان کپائي ڇڏيوس.“
”ڏس ڏس! تون منهنجي پيءُ جي انسلٽ ٿو ڪرين.“ شازيه ڪاوڙ ۾ چيو.
”نه ته ڇا، هن جا پئنافليڪس ٺھرائي ڳوٺ ۾ ھڻان.“ شازيه ڪاوڙ ۾ نهاري منهن پرتي ڪيو.
”لڳي ٿو ڪاوڙجي وئي، اڄ ڪلھ سچ ڪنهن کي چئو ئي نه.“ مون پنهنجي مُنهن ڀڻڪيو.
شازيه خاموش رهي.
”ڏس ڪاوڙ نه ڪر، منهنجو مقصد تنهنجي دل ڏکائڻ ھرگز نه هو. مان ڇا ڪريان؟ هڪ سچ ڳالهائڻ ۽ ٻيو تنهنجي سونهن کان بنا مان رهي نه ٿو سگهان “
”تون هميشه اهڙيون ڳالهيون ڪري پريشان ڇو ڪندو آھين..."
”چري! خبر اٿئي اسان مان اڪثر ماڻھن جون سڀ کان وڏيون پريشانيون ڪهڙيون هونديون آھن.؟“
”نه مون کي خبر ناهي؟!“
”ٻين جون خوشيون هونديون آھن، ٻين کي خوش ڏسي اسان خود پريشان ۽ ڏکارا ٿي ويندا آھيون.“
”اسان ائين ڇو ڪندا آھيون.؟ ڪڏھن ڪڏھن ته سمجھ ۾ ناهي ايندو ته اهي پريشانيون اسان لاء آخر ڇو آھن.؟ پر هتي ته هر ٻيون ۽ ٽيون ماڻھو پريشان آ“ هن هڪ ئي ساهيءَ ۾ چيو.
”اصل ۾ درد کي ٻاهر ڪڍڻ جو نالو پريشاني آ. درد کي پي وڃڻ جو نالو پريشاني ناهي. درد، اندر ئي اندر ۾ ڪارروائي ڪندو رهندو آھي.“
”واھ! ڪڏھن کان فلسفو ڳالهائڻ شروع ڪيو اٿئي.“ هن طنز ڪندي چيو.
”جڏھن کان تو سان مليو آھيان... تون منهنجي زندگي آھين، مان ته سڄو ڏينهن بنا ڪنهن ساهيءَ جي تو تيِ به ڳالهائڻ لاءِ تيار آھيان. تون منهنجي روح ۾ آھين، منهنجي ذھن ۾ آھين. هر وقت منهنجي تصور ۾ آھين.“
”مان تنهنجي چريائين کان واقف آھيان.“
”مان ايڏو ڊائلاگ ياد ڪري ڳالهايو، داد ته نه ڏنئي، رهندو چوين پئين ته مان تنهنجي چريائين کان واقف آھيان.“ مون موڊ خراب ڪندي چيو.
”معنىٰ ته تون پهريان به ٻين جا لکيل رومانٽڪ جملا، مون سان ڳالهائيندو هُئين؟! ائين نه.؟؟؟!!!“ هُن غصي ۾ چيو.
”اڄڪلھ جا اڪثر عاشق ائين ئي ڪندا آھن. رڳو عاشق ئي نه، پر ڪي اديب ته مشاعرن ۾ به رَٽو هڻي ايندا آھن. يا ته ٻين جا لکيل شعر پنهنجي نالي سان پڙھندا آھن. مان ته هڪ ڀيري فلم مغل اعظم جا ڊائلاگ ياد ڪيا هئا، پر ڪنهن دوست چيو ته امر جليل جا افسانا پڙھ. ان مان پنهنجي محبوبه کي ڪي رومانٽڪ ڊائلاگ ٻڌائيندو ڪريس. تنهنجي شخصيت مان اڃا وڌيڪ امپريس ٿيندي. پر مون کي ڪهڙي خبر ته اڄ منهنجا ٺڪاءَ ئي ڪڍي ڇڏيندي.“
”مون سان بلڪل به نه ڳالهاء! نه ئي مان تو سان هاڻي ڪجھ ڳالهائڻ ٿي چاهيان. مان ته تو کي ڪريئيٽو مائينڊ سمجهندي هُيس. پر اڄ خبر پئي ته تون ٻين جا لکيل ڊائلاگ چوري ڪري، مون کي امپريس ڪندو هئين. سڀاڻي اگر تون ڪنهن جي تخليق چوري ڪري لکين ۽ ڇپرائين ته پوءِ... نه... مون کي اهڙو شخص بلڪل به پسند ناهي! شڪر آ جو وقت تي خبر پئجي وئي؟“
”صحيح چوندا آھن؛ ’محبوبه ۽ چائنه جي موبائل ۾ ڪو ئي فرق ناهي. ٻئي جڏھن چاهن رُسن.‘ عجيب ڇوڪري آھين؟! ڪيئن سمجهايان تو کي.. مان تو کي دل ڏني، جڏھن ته تو کي ضرورت دماغ جي هُئي.“
”هونھ!“ ڪاوڙ ۾ هوءَ وڃڻ لڳي.
”منهنجي ڳالھ ته ٻڌ...“
”ڇا ٻڌان ڳالھ! وري الائي ڪنهن خواب ۾ خوار ڪيئي. اُٿي ٻارن کي اسڪول ڇڏي اچ، اسڪول جو ٽائيم ٿي ويو اٿن.“ زالهنس ٻانهن کان لوڏي اٿاريو.

(ماهوار هزار داستان نومبر ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل ڪهاڻي)

No comments:

Post a Comment