Tuesday, November 26, 2019

ڪراچي جو صبح - وحيد محسن


ڪراچي جو صبح
مختصر ڪھاڻي
وحيد محسن
صبح سوير جڏهن جاڳ ٿي ته مان بستري کي الوداع ڪندي، پنھنجا نيڻ مھٽي اٿيس ۽ تازي ھوا جھٽڻ لاءِ گهر جي آڳنڌ تي ھليو آيم. پکي پنهنجن گهروندن مان اڏامي فضا ۾ سھڻيون پر ڪشش لاتيون ڪري رھيا ھئا. جھرڪين جي چون چون ۽ ڪانون جي ڪان ڪان ۽ ٻير جي وڻ تي ويٺل بلبلين جي ٻوليءَ تي منهنجي گهر واري سحر به سجاڳ ٿي پئي ھئي ۽ ھٿ منهن ڌوئي، رڌڻي ڏانهن ھلي ويئي. ويندي مون کان پڇيائين؛ ”سرمد جا پيءُ! اوھان لاءِ به چانھ تيار ڪيان؟“


مون سحر کي ھاڪار ڪندي چيو؛ ”تنهنجي ھٿن جي چانھ کان ڪيئن انڪار ڪندس؟“ مون کي ان جي ٻاڙ به ھئي ۽ ڪجهه منٽن کانپوءِ، ھوءَ مون ڏانهن مسڪرائيندي پنهنجي ساھن سان گلابن جھڙي سڳنڌ پکڙيندي، چانھ جا ٻه ڪوپ ۽ ڪجهه بسڪيٽ گهر جي آڳنڌ ۾ رکيل ٽيبل تي منهنجي آڏو اچي رکيائين ته اسان گڏجي چانھ سان گڏ چاھت ڀري ڪچھريءَ جو لطف به ماڻي رھيا ھئاسين! اھڙن شفق وارن ڇانورن جي گھڙيءَ ۾ چانھ جون سرڪيون ڀريندي، پنهنجي جوڀن وارن ڏينهن کي ياد ڪري، سمنڊ جي گهرائيءَ وانگي، سوچن جي صليب تي ھليا وياسين! ۽ اسان جي سامهون ڌرتيءَ جي ھنج ۾ املتاس جو وڻ بيٺل ھو، جنهن مان تازي ھوا جا جھوٽا گذري، اسان جي وجود کي ڇھندي تازگي بخشي رھيا ھئا! گهر ۾ اسان جا ٻار اڃا ننڊ جي آغوش ۾ ستل ھئا.
ڪراچيءَ جو صبح به تمام گهڻو حسين ٿئي ٿو ۽ فطرت پنھنجي طلسمات جا رنگ پکيڙي وجودن کي مھڪائي وجهي ٿي. آسمان تي سفيد ۽ ڪارا بادل، سر ۽ تال سان گھلندڙ ھوا باغن مان جوان گلن جو واس کڻي منهنجي وجود ۾ پيار جون چھنڊڙيون پائي رھي ھئي!
تنھن پل، ايراني خوبصورت ڳائڻي خانم گگوش جي سامهون ورانڊي ۾ لڳل تصوير مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رھي ھئي ۽ مون تي عجيب ڪيفيت برپا ٿي رهي ھئي!
سحر مون کي گھوريندي چيو؛ ”آخر ان خانم گگوش جي تصوير ۾ ڪھڙي ڇڪ آهي جو توهان ھميشھ ان ڏانهن ڇڪجي ويندا آهيو.“
مون سحر کي چيو؛ ”ان جي بادامي اکين ۾ حسين واديءَ جا منظر مون کي نظر ايندا آهن ۽ ھوءَ جڏهن ڳائيندي ھئي نه ھزارن جي ڳاڻيٽي ۾ ماڻهو کيس ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيندا ھئا. سندس سرن جي آلاپ جي گونج تي، ڏانهنس ڇڪجي، پنڊ پھڻ ٿي ويندو آهيان!“
”سحر! تون منهنجي جسم کي ڇھي ان ڪيفيت مان ٻاهر ڪڍي ايندي آهين. تڏهن مان تو کي پنهنجن ٻانهن ۾ جڪڙي، ڪجهه پلن جي لاءِ جوانيءَ جي احساس کي جاڳائي ويھندو آهيان. تون ڀي مونا ليزا واري مرڪ وکيري، منهنجي نيڻن جي سمنڊ ۾ تڙڳي پوندي آهين. پوءِ پيار جون بوندون وسائي، منهنجي چپن تي پنھنجا ٻرندڙ چپ رکي، جون جي گرميءَ جھڙو احساس ڏياري، ڪيئن نه منهنجي بدن تي ريشمي ٿانَ جيان وڇائجي ويندي آهين! ان جو احساس ته جوان جسم محسوس ڪندا آهن. مان به دانسته، وڻ ويڙھيءَ جيان، تنهنجي جسم تي ويڙھجي ويندو آهيان. ان وقت منھنجو پيار، جوان ٿي پوندو آهي. منهنجي من ۾ اھا خواھش جنم وٺندي آهي ته؛ ڪراچيءَ جو اھڙو صبح ھميشھ مون کي جواني عطا ڪندو رهي!“

(وحيد محسن جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment