Friday, November 29, 2019

مڳي - حسيب ڪانھيو


مڳي
ڪهاڻي
حسيب ڪانھيو
فون جي گهنٽي وڳي. هن موبائل جي مُنھن ۾ نھاريو. ڏٺائين ته پريس ڪلب مان ڪال آهي. سمجهي ويو ته پڪ سان ڪنھن غريب سان ڪو مسئلو ٿيو آهي. هُن هڪدم فون ڪن تي رکندي ورندي ڏني، “هلو، سليم سائين ڪر خبر ڇا ٿيو؟”
“واجد صاحب، ڪي ڀيل ڪولهي آهن، جن جي انبن جون ٽوڪريون پوليس وارن اڇلايون آهن.” پريس ڪلب مان سليم صاحب ڳالهائيندي چيو.


“ڇو؟ ڇا جي ڪري؟ . . . انھن کي پريس ڪلب وٽ ئي ترساءِ، آئون اجھو آيس.” واجد هڪدم کٽ تان اٿيو ۽ ٽيبل تان ٻٽون کڻي کيسي ۾ وجھڻ لڳو.
“واجد صاحب، هُو اڃا پريس ڪلب نه پھتا آهن.” سليم صاحب چيو.
“ته پوءِ ڪٿي آهن اُهي؟”
“حيدرآباد روڊ تي آهن، نور سي اين جي وٽ.”
“ٺيڪ آهي، اوهان تيار رهو، آئون اوڏانھين وڃان ٿو.” اهو چئي ہُن هڪڙي کيسي ۾ ٻٽون ۽ ٻئي ۾ سگريٽ ۽ عينڪ وڌي ۽ موبائل هٿ ۾ ڪري تڪڙو تڪڙو گهران نڪري ويو.
ڪجھ ئي دير ۾ هُو نور سي اين جي وٽ پھچي ويو ۽ ڏٺائين ته ڪي مزدور هئا جن جون انبن جون پيتيون ۽ ڪٽا روڊ جي پاسن کان پٽڙي تي اڇلايا پيا هئا. ڪي پيتيون ڀڄي ٽُٽي پوڻ ڪري انب حيدرآباد روڊ تي به پکڙجي ويا هئا، جن مان ڪافي ايندڙ ويندڙ گاڏين جي ڦيٿن هيٺيان اچي ڦِسي به پيا هئا. مزدور پگهر ۾ شل هئا ۽ هڪ پوليس کي ۽ ٻيو قسمت کي پِٽيندا هاءِ گهوڙا ڪندا بچيل سچيل انب چونڊي گڏ ڪري رهيا هئا.
اڌوراڻي ٽي شرٽ ۽ پينٽ پھريل اڇن وارن وارو هڪ ڪلين شيوَ ڪراڙو جڏهن رڪشي مان لهي روڊ ٽپي انھن انب چونڊيندڙ مزدورن جي مٿان اچي بيٺو ته هُنن ڀانيو ته گراهڪ آهي، انب خريدڻ آيو آهي؛ پر هنن کي هي گراهڪ ڏسي خوشي بدران پوليس جو خوف ورائي ويو ۽ هنن مان هڪڙي اڌڙوٽ کيس هڪدم چيو، “سائين اوهان کي انب ڪو نه ملندا.”
“اڙي بابا، هيترا سارا انب پيا آهن ۽ هي ڏسو گاڏين جي هيٺيان پيا لتاڙجن سو مونکي ڪيئن نه ملندا؟” واجد صاحب همراهن جي اونت لهڻ لاءِ چيو.
“نه سائين نه، اسان کان غلطي ٿي وئي. هتي انب وڪرو نٿا ڪري سگهجن. اسان کي اوڻا پوڻا منڊي جي دلالن کي ئي ڏيڻا پوندا.” هڪڙي ٻئي ورندي ڏني.
“پر بابا، هتي ڇو ڪو نه ٿا وڪرو ڪري سگهجن؟” واجد پڇيو.
“الائي جي سائين، اسان کي خبر ناهي، پر پوليس وارا اسان کي ڀڃ ڏئي ويا آهن ۽ ٻه ٽي پيتيون موبائل ۾ هڻي اسان کي اهو به سبق سيکاري ويا آهن ته، هي روڊ آهي، هتي انب نٿا کپائي سگهجن.” پھرين واري اڌڙوٽ چيو.
“روڊ آهي ته ڇا ٿيو بابا، اوهان ڪو روڊ جي وچ تي بيٺا آهيو ڇا؟” واجد کين چيو.
“روڊ جي وچ تي اسان کي ڪو مرڻو آهي ڇا؟” هڪڙي چيو، “اسان ته روڊ جي پٽڙي کان به پاسي تي ويٺا هئاسون پر پوليس نٿي سَهي ته ڀلا ڇا ڪريون؟”
“پوليس اوهان جون پيتيون کنيون. اوهان جا انب زيان ڪيا ۽ اوهان ڪجھ به نه چيو، نه ڪيو؟” واجد پڇيو.
“اي ڀائو، اسان غريب سهي جي کل، اسان جي ڪهڙي مجال جو ڪجھ ڪُڇون؟” اڌڙوٽ سَهڪندي چيو.
“ڇو؟ اوهان جي وات ۾ زبان ڪونھي ڇا؟” واجد تکو ٿيندي چيو.
“اسان گهڻو ئي ٻانھون ٻڌيون، منٿون ڪيون ته، ابا منڊي وارا صفا اڌ موڙي ۾، ڪني مڇي ڪري ٿا ڪُهن، سو هتي روڊ جي پاسي ۾ ٿي کپائينداسين ته روزي حق جي جُڙي پوندي، پر هُو ڪٿي ٿا ٻُڌن اسان غريبن جي ادا.” هڪڙي ضعيف ڀڳل پيتي ۾ انب وجھندي پنھنجا هٿ روڪي چيو.
“هُون!. . . ائين ڳالهائيندﺆ ته ڪير ٻُڌندو ڪاڪا؟” واجد چٿر جھڙو ٽھڪ ڏانھنِ اڇلائيندي چيو.
“ته پوءِ اسان غريب ڀلا ڪيئن ڳالهايون، تون ئي ٻُڌاءِ ڀائو؟” اڌڙوٽ چيو.
“مون سان گڏ اچو ته اوهان کي ٻُڌايان ته ڪيئن ڳالهائبو آهي.” واجد همراهن کي هٿ جي اشاري سان پاڻ ڏانھن سڏيندي چيو.
واجد جي هٿ جو اشارو ڏسي مزدور ويچارا وائڙا ٿي ويا ۽ لڳا هڪا ٻڪا ٿي هڪٻئي ڏي نھارڻ. هُنن جي اکين ۾ هڪٻئي جي لاءِ اهو ئي سوال هو ته، ٻيلي هاڻي ڇا ڪجي؟ هُنن جي دلين ۾ هڪ ئي وقت ٻه خيال لامارا ڏئي رهيا هئا. هڪڙو اهو ته، هِي همراھ ڪنھن گاڏي ٻي جي بدران رڪشي تان لٿو هو ۽ ڪپڙا به ڪاٽن ڪوٽن جي بجاءِ پراڻا اڌوراڻا پاتل هئس سو هِن همراھ جي وري ڪهڙي ڄاڻ سڃاڻ يا پھچ پڪڙ هوندي جو پوليس هن جي ڳالھ ٻُڌندي ۽ ٻيو خيال وري اهو به آيُن پئي ته مَن متان ڪجھ چڱائي ٿي پوي ۽ اسان کي موڪل ملي پوي! مزدورن جي مَنَ ۾ هلندڙ انھن ٻنھي خيالن جي جنگ جو آخري نتيجو اهو نڪتو ته، گڏ وٺي به هيءُ ٿو هلي، اڳيان ڳالهائيندو به هيءُ ئي سو اسان کي سَکڻو هلڻ ۾ ڇاهي! بس پوءِ اکين ئي اکين ۾ اهو فيصلو ڪري هڪٻئي سان هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏي واجد صاحب جي هٿ جي اشاري تي سندس پُٺيان هليا آيا. هڪ اڌ مزدور انبن جي سنڀال جي لاءِ پُٺيان رهجي ويو.
واجد صاحب هاٺيءُ جو هلڪو هو پر وِک جو تڪڙو هو. هُو تڪڙو تڪڙو پوليس اسٽيشن ڏانھن وڌڻ لڳو. ان جي پُٺيان مزدور به تِکا تِکا هلندا پئي آيا. واجد صاحب کي بي خوف پوليس اسٽيشن ڏي ويندي ڏسي هُو کيس حيراني مان ڏسندا ٿي ويا. پوليس اسٽيشن جيئن جيئن ويجھو ايندي ٿي وئي تيئن تيئن مزدورن جا پير ڳرا ٿيندا ٿي ويا پر واجد صاحب جي وِک توڙي تِک ۾ ڪو به فرق نه پيو.
ٿاڻي جي اندر داخل ٿي، واجد صاحب ايس ايڇ او جي دروازي ڏانھن وڌيو ته واٽ تي وات پٽي بيٺل سپاهي کائنس پڇا ڪئي، “خير ته آهي؟ ڇا مسئلو آهي؟”
پر واجد صاحب ان سپاهي کي ليکيو ئي ڪونه ۽ بنا ڏانھنس نھارڻ جي، اهو چئي اڳتي وڌي ويو ته، “ايس ايڇ او صاحب سان ڳالهائڻو آهي مون کي.”
واجد صاحب جي بيپرواھ وِکن ۽ بي رُخي واري لهجي سپاهي کان وڌيڪ مزدورن کي حيران ڪري ڇڏيو.
واجد صاحب جو ڏھ پندرنھن مزدورن سميت ايس ايڇ او جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته ايس ايڇ او سميت سپاهين جا به ڄڻ ته ڦوٽو نڪري ويا ۽ هُو سڀئي جتي هئا اتي ئي پٿر ٿي ويا. گويا ائين لڳو ڄڻ پوليس چورن کي رنگيل هٿن سان اچي پڪڙيو هجي! سڀني سپاهين جي هٿن ۾ انب هئا ۽ سڀني جي واڇن مان انبن جي پيلاڻ پئي ڳڙي. بنڊي ڊينڊي ايس ايڇ او جي ڏندن ۾ انبن جا پيلا ريشا ڦاٿل هئا جيڪي سندس شهپرن ۾ به وچڙيل ڏسڻ ۾ پئي آيا.
ڪجھ لمحن جي خاموشي کان پوءِ ايس ايڇ او صاحب هٿن ۾ پڪڙيل انب ٽيبل تي رکيو ۽ ڪاوڙ مان اٿي بيھندي واجد صاحب کي چيائين، “اڙي هي ڪو طريقو آهي! نه دعا نه سلام، نه اجازت نه عرض، ٺڪ سلاماليڪم!؟”
“۽ طريقو هيءَ آهي جيڪو اوهان پيا ڪريو؟” واجد صاحب بنا خوف جي ڳالهايو. هن جي پُٺيان مزدور پريشان حالت ۾ پنھنجي انبن کي حرام ٿيندي ڏسي رهيا هئا.
“چڱو چڱو گهڻي ڄاڙي نه هڻ!” بِنڊي ڊينڊي ايس ايڇ او پنھنجي ٻنھي هٿن جي پُٺن سان پنھنجون ٻئي واڇون اُگهندي چيو، “ڪم جي ڳالھ ڪر.”
ان کان اڳ جو واجد صاحب ڳالھ شروع ڪري ها، ايس ايڇ او صاحب مزدورن ڏانھن اشارو ڪندي سپاهين کي چيو، “اڙي هنن کي ته ٻاهر ڪڍو، اڳي ئي آفيس سوڙهي آهي گهُٽ لڳي پئي آهي جام.”
سپاهين حُڪم جي تابعداري ڪندي مزدورن کي ٻاهر ڌڪا ڏيڻ شروع ڪيا. واجد صاحب پُٺتي مُڙي سپاهين کي روڪيو ۽ مزدورن کي آهستگي سان چيائين، “اوهين ٻاهر هلي بيھو، آئون اچان ٿو ڳالهائي.”
مزدور تڪڙا تڪڙا هڪٻئي جي ڪُلُھن تي هٿ رکندا ٻاهر روانا ٿي ويا.
“ها، هاڻي ٻُڌاءِ، ڇو اچي مانڌاڻ مچايو اٿئي ٺَرئي ٺاپرئي ٿاڻي ۾؟” ايس ايڇ او ڪروڌ مان واجد صاحب ڏي نھاريندي چيو.
“ايس ايڇ او صاحب، هي ويچارا مزدور ماڻھو آهن،” واجد صاحب قدري ٿڌي لهجي ۾ چيو، “انھن رڍن ۾ اوهان جا سپاهي وڃي بگهڙن جيان پيا آهن. سو ٻيلي هنن غريبن تي رحم ڪريو، ٻه چار ڏينھن انبن جا آهن، ايسين مزدوري ڪن ٿا، ڪو سڄو سال ڪونه ٿا لڏو لاهِن.”
“پھرين ته اهو ٻُڌاءِ ته تو کي گهڻيون پيٽيون ڏنيون اٿن؟” ڊينڊي ايس ايڇ او پنھنجا لڙڪيل شهپر مٿي ڪندي چيو.
“اڙي تو کي جمعو جمعو اٺ ڏينھن مس ٿيا آهن! تون مون کي سڃاڻين نٿو.” واجد صاحب باھ ٿيندي چيو، “منھنجي ٽيھ سال جي جدوجھد رهي آهي ۽ انھن ٽيھن سالن ۾ مون کي ڪنھن جو رپيو به حرام ھجي!”
“ويھ سال منھنجي به سروس آهي ۽ انھن ويھن سالن ۾ مون ڪيئي تو جھڙا سِول سوسائٽي جا نام نھاد پروفيشنل ڏٺا آهن.” ايس ايڇ او اوڳرائي ڏيندي وراڻيو.
“ٺيڪ آهي ايس ايڇ او صاحب.” واجد صاحب ڪرسي تان اٿندي ايس ايڇ او جي دوڏن ۾ عقابي نھار، نھاريندي چيو، “ويھن سالن کان پوءِ اڄ تو کي پھريون ڀيرو خبر پوندي ته، سڀ سِول سوسائٽي وارا نام نھاد پروفيشنل به نه ٿيندا آهن.”
“تون به مون کي سڃاڻين ڪو نه ٿو ڪنگلا!” ايس ايڇ او به ڪاوڙ مان ڪرسي تان اٿي بيٺو ۽ هٿن جون ٻئي تِريون ٽيبل تي مضبوط ڪندي واجد صاحب کي داٻو ڏيندي چيائين، “تنھنجي اها ٽيھن سالن جي مڳي، آئون ٽيھن سيڪنڊن ۾ ئي ختم ڪري ڇڏيندس.”
واجد صاحب ڪاوڙ مان ٻاهر نڪري ويو. ايس ايڇ او جا ڏند ڪرٽجڻ لڳا. سنڌڙي جي مِٺن مِٺن انبن جو ذائقو ڪڙو ٿي ويو. هُن رڙ ڪري پاڻي جو گلاس گهُرايو ۽ فون کڻي ڪو نمبر ڊائل ڪرڻ لڳو.
ٿاڻي کان ٻاهر مسڪين مزدور ٻُڏتر ۾ واجد صاحب جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. هُنن جون اکيون ٿاڻي جي دروازي تي ئي کُتل هيون. اوچتو جو ڪنھن گهڙيءَ واجد صاحب اتان ظاهر ٿيو ته ڏسندي ئي مزدور مايوس ٿي ويا.
واجد صاحب ڪاوڙ ۾ هو. هن ايندي ئي سڀني کي چيو، “اچو منھنجي پُٺيان. هِنن کي ڪو مڙس گڏيو ئي ڪونھي هون!!”
مزدور اهو ٻڌي پريشان ٿيڻ لڳا. هُنن کي لڳو، شايد ڪو ممڻ مچڻ وارو آهي. هُنن سوچيو، ‘اسان غريب ماڻھو چڱو اچي لوھ ٿياسين. اچي نه وڃون ڪنھن هائِي ۾!’ اهو سوچي مزدورن جون جيئن پوءِ تيئن ويون وِکون سُست ٿينديون.
“پاڻ ڪيڏانھن پيا وڃون سائين؟” مزدورن مان هڪڙي تِکو ٿي واجد صاحب کي پھچندي چيو.
“پريس ڪلب.” واجد صاحب تڪڙو تڪڙو هلندي چيو.
مزدورن مان ڪنھن پوڙهي کي سمجھ نه آئي، هُن سمجھيو اهو اڃا به ڪو وڏو آفيسر آهي پر هُن ڪجھ نه ڪُڇيو.
سخت گرمي ھجڻ ڪري واجد صاحب سميت سڀئي مزدور به پگهر ۾ شل ٿي ويا.
واجد صاحب جي اڳواڻي ۾ هُو اڃا پريس ڪلب کان ٿوري ئي فاصلي تي هئا ته پُٺيان کان اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي هِنن وٽ اچي پھتي. واجد صاحب اهڙين ئي ويڙهن ۾ وار اڇا ڪيا هئا سو سمجھي ويو ته پڪ سان ڊينڊي ايس ايڇ او ئي اسسٽنٽ ڪمشنر کي ڪال ڪري ٻڌايو هوندو.
سرڪاري پجيرو مان جو هڪ ڀِت جيڏو ڀوت نما مُڙس لهي هِنن ڏانھن وڌڻ لڳو ته مزدورن کي سخت گرمي هوندي به ڏڪڻي وٺي وئي. ڪاري چشمي ۽ اڇي ڪاٽن وارو ديوَ ۽ ساڻس واري گارڊ، جنھن جي هٿ ۾ رائفل. هُو ڏانھن ائين هلندو ٿي آيو جو وِک ورائڻ سان سندس پاسو سڄو وري ٿي ويو. اهڙي ريت ڪُمي جيان هينئن هونئن ڪندو جڏهن هِنن جي سامھون بيٺو ته مزدورن سمجھيو، ‘اڄ اسان جي ڦِٽي!’ هُو دل ئي دل ۾ واجد صاحب کي ڪو اڌ مغزي سمجھندا ۽ پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳا.
“اڙي وري هي ڪھڙو تماشو ڪرڻ پيو وڃين؟” ديوَ جھڙي آفيسر جا شيدين جھڙا ٿلھا چپ چُريا. ڪاري چشمي پُٺيان سندس اکيون به ڪُرڙيون هيون پڪ سان.
“تماشو ته اوهان ڪيو آهي سائين.” واجد صاحب بنا ڪنھن ڊپ ڊاءُ جي رهندو تاءُ ۾ ڳالهايو. واجد صاحب جي اهڙي ورندي مزدورن کي وڄائي ڇڏيو. هُنن گگدامن جو ڏيل ئي ڏڪي ويو. هڪڙي اڌڙوٽ ٻين کي سرٻاٽن ۾ چيو، “وڙهن سانُ، لتاڙجن ٻُوڙا! وارو ڪم نه ٿئي ڪٿي.”
“ڇا ڪيو آهي اسان؟” اسسٽنٽ ڪمشنر ڪروڌ مان چيو.
“سائين، سڄي شهر جي اندر مارڪيٽ ۾ ٻارنھن ئي مھينا ٺيلهي تي ٺيلهو چڙهيو پيو آهي، سو اهي اوهان کي نظر ئي ڪونه ٿا اچن.” واجد صاحب ڪاوڙ مان چيو، “باقي هِنن غريبن جو ٻه ڏينھن روڊ تي کڻي انب رکيا آهن ته اوهان کان برداشت ڪو نه ٿا ٿين. ”
“سڀني جو صفايو ٿيندو.” اسسٽنٽ ڪمشنر چيو، “انچ جيتري به انڪروچمنٽ برداشت نه ڪئي ويندي هاڻي.”
“اها مون کي سڄي خبر آهي صاحب،” واجد صاحب چيو، “پر پھرين وڃي انھن کي هٽائي اچو، پوءِ اچي هِنن کي چئجو.”
“واجد صاحب اسان اوهان سان ڪيترا ئي ڀيرا رعايت ڪئي آهي، پر هاڻي گهڻو ٿيو.” اسٽنٽ ڪمشنر چيو، “جيڪڏهن هِنن کي وٺي تون پريس ڪلب ويو آهين ته پوءِ ڏاڍو ڏکيو ٿيندين، ڏسجان.”
“اهي ڌمڪيون ۽ دهمان وڃي ٻين تي ڪريو.” واجد صاحب چيو، “مون کي اوهان جون رعايتون، عنايتون نه گهُرجن.. . .اهي رعايتون عنايتون هنن مسڪينن تي ڪريو.”
هي اڃا انھن ئي ڳالهين ۾ هئا جو پاسي کان اچي ٻي وڏي گاڏي بيٺي. گاڏي ڏسندي ئي مزدورن جا چپ سُڪي ويا.
گاڏي جو ڪارو شيشو هيٺ ٿيو ته ان مان هڪ ٿلهي پوڙهي سياستدان جو مُرڪندڙ مُنھن ظاهر ٿيو. “اي واجد صاحب خير ته اٿئي؟ اڄ وري هتي پيو گهُمين؟”
ان کان اڳي جو واجد صاحب ڪجھ ڪُڇي ها، اسسٽنٽ ڪمشنر تڪڙو تڪڙو وڃي ٿلھي پوڙهي سياستدان جي ڪار وٽ پھتو. هٿ سان واجد کي ڪلهي کان ٿوري ڇِڪ وسيلي ڪار کان پري ڪري پاڻ جهڪي، منهن ڪار جي ڪاري شيشي ۾ اڌ اندر ڪندي ادب سان هٿ ملائي سلام ڪيائين. اسسٽنٽ ڪمشنر جو اڇو منهن ڪار جي ڪاري شيشي ۾ ڪارو ٿي ويو.
ڪار جي ڪاري شيشي مان وري به سياستدان واجد ڏانهن نهاريو ۽ وري پنهنجو سوال ورجايائين ته واجد هڪدم چيو، “سائين مون کي ڪجهه ڪو نه ٿيو آهي، هي اوهان جي ووٽرن سان حالت لڳي پئي آهي، مهرباني ڪري هنن جي ته ڪا داد ڪريو.”
“ڇا ٿيو آهي وري؟” سياستدان ٿورو پرڀرو بيٺل ڏهاڪو کن مزدورن جي لٿل ٻوٿن ڏانهن ڏسندي چيو، “آهي ته مون کي ڏاڍي تڪڙ پر ٻڌاءِ جلدي.”
ان تي واجد صاحب کيس سموري وارتا هڪ ئي ساهي ۾ ٻڌائي ڇڏي. مزدورن جي روئداد ٻُڌي سياستدان چيو، “آئون ايس پي صاحب سان هينئر ئي ڳالهايان ٿو. هنن کي چئو بي ڌڙڪ ٿي وڃي پنهنجا انب کپائن.” اهو چئي، هُن کيسي ۾ هٿ هڻي موبائل فون تي ڪو نمبر لڳائيندي ڊرائيور کي هلڻ جو اشارو ڪيو.
ڪارن شيشن جي ڪار جا ڦيٿا ڦِريا، سياستدان گُم ٿي ويو. اسٽنٽ ڪمشنر جي منهن تي مصنوعي مُرڪ پٿرائجي وئي. واجد صاحب مزدورن ڏي مُڙي کين چيو، “هاڻي پريس ڪلب وڃڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، اوهان ڀلي وڃي پنهنجو ڌنڌو ڪريو، اوهان کي هاڻي ڪير ڪجهه ڪونه چوندو.”
مزدورن جي منهن تي ڪي قدر اطمينان جون ريکون اڀريون پر هڪ ٻن بُزرگن چپن ۾ بنهه آهستگي سان اچاريو، “پوليس وارا . . ته ڪونه ماريندا نه وري. ؟”
واجد صاحب، اهو آواز ته نه ٻُڌو پر هُن انهن جا چهرا پڙهي ورتا، هُن هڪدم روڊ تي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ڪنهن سگريٽ جو پاٺو کڻي پنهنجي گوڏي تي رکيو ۽ ان تي پنهنجو موبائل نمبر لکي مزدورن کي ڏنائين ۽ چيائين، “اوهان بي ڌڙڪ ٿي وڃي پنهنجو ڌنڌو ڪريو ۽ ڊڄو نه! جيڪڏهن ڪو به اچي ٿورو ‘ٽين ٽين’ ڪري ته هي منهنجو موبائل نمبر اٿئو، مون کي رڳو هڪڙي ڪال ڪجو.”
واجد صاحب جو نمبر هٿ ۾ ڪري مزدور ڪجهه اطمينان ڪري واپس پنهنجي ڌنڌي ڏي ويا ۽ واجد به هاڻي ٿڪجي پيو هو ۽ کيس بُک به ڏاڍي لڳي هئي سو اهو به اتان رفو ٿي سڌو گهر ڏانهن ويو.
گهر پهچي واجد تازه دم ٿي ماني کاڌي ۽ سڪون جي ننڊ سمهڻ لاءِ بستر تي ليٽي پيو.
واجد جي اڃا اک ئي مس لڳي جو وري سندس موبائل فون تي ڪال آئي. هُن هڪدم اٿي موبائل اسڪرين ڏي نهاريو. ڪو نئون نمبر هو پر هن جڏهن ‘هيلو’ ڪئي ته اڳيان ڪو مزدور هو جنهن وري ‘هاءِ گهوڙا’ ڪندي کيس ٻُڌايو ته وري پوليس وارا آيا ۽ انهن کي ڊوڙائي ڪڍيو اٿن!
مزدورن جي اها ڳالهه ٻُڌندي ئي هن جي جسم تي ڪيڙيون سُرڻ لڳيون. هُن ننڊ کي اتي ئي دفع ڪيو ۽ وري پهرين کان تکو تکو ٻاهر نڪري جلدي وڃي مزدورن وٽ پهتو. انهن جا انب پهرين کان به بُري طرح هاڻي روڊ تي هيڏانهن هوڏانهن پکڙيا پيا هئا.
“اڙي هن کي وري ڪنهن فون ڪئي؟” هڪ بزرگ مزدور جو واجد صاحب کي وري ڏانهن ايندي ڏٺو ته پنهنجي نوجوانن تي ڪاوڙ ڪندي چوڻ لڳو.
نوجوانن مان ڪنهن به ڪو جواب نه ڏنو.
“هن جي پُٺيان لڳي رهندو نقصان ڪيوسين پنهنجو.” بزرگ واجد صاحب جي سامهون بيهندي هٿ ٻڌا ۽ چوڻ لڳو، “ٻيلي اسان غريب آهيون سهي جي کل. اسان کي معاف ڪر. اسان ٽنگ کنئي.”
“بس ايتري ۾ اوهان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا؟” واجد صاحب واڪو ڪندي چيو.
“اڙي ابا، اسان توبه ڪئي. اسان گيسي ڪئي.” بزرگ چيو.
“ڀائو تو جيڪو ڪجهه اسان جي مدد ڪئي ان لا مهرباني پر زور اڳيان زاري ڪئيسين بس.” هڪ ٻئي اڌڙوٽ چيو.
پنهنجي وڏڙن جون ڳالهيون ٻڌي نوجوان مزدور به ڪجهه نه ڪُڇيا.
“اڙي بابا، اوهان همت نه هاريو، مڙسي ڪريو. پاڻ پنهنجو حق وٺي رهنداسين هر صورت.” واجد صاحب کين همت ڏياريندي چيو.
“ابا اسان جا سنها سنها ٻچا آهن، اسان کان قصو زور آهي.” بزرگ مزدور واجد جي ڄاڙي تي هٿ رکندي چيو.
“ڪونهي قصو زور. اهي آفيسر جيڪي پاڻ وڏا راشي آهن تن کان ڊڄو ڇو ٿا؟ ٿوري همت ڪريو، اهي پاڻ ڏاڍا ڊڄڻا اٿئو.” واجد صاحب چيو.
هڪ نوجوان واجد صاحب جي حق ۾ چپ چورڻ وارو ئي هو جو بزرگ وچ ۾ پئي چيو، “ابا اسان کي بخش ڪر.” هن نوجوانن ڏي نهاريندي چيو، “چرين کي چاڙها نه ڏي، جيڪڏهن پياسين نه ڪاٺ ۾، ته اسان جو ته ڪو ڌڻي سائين ئي ڪو نه ٿيندو.”
“پهرين اوهين پنهنجا پاڻ ته ڌڻي سائين ٿيو نه!”واجد صاحب چيو.
“ٻيلي چيوسين نه ته، اسان کي ڪونهي ڌنڌو ڪرڻو.” اڌڙوٽ مزدور چيو، “اسان وڃون پيا. پاڻهي منڊي ۾ کپائينداسين اوڻا پوڻا پوءِ جيڪو نصيب هوندو سو ملندو.”
واجد صاحب ڪجهه وڌيڪ ڳالهائي ها پر ايستائين هنن انب ميڙي سيڙي ريڙهي تي رکي ڇڏيا هئا ۽ هاڻي اهي مايوس منهن کڻي روانا پئي ٿيا.
واجد ويچار ۾ پئجي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته آخر ڇا ڪجي! مزدورن جو ريڙهو روڊ وٺيو اڳتي پئي ويو ۽ هُن پُٺيان سندن بيوسي تي هٿ پئي مليا.
واجد صاحب گهڻو ئي هنن کي همت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪو به ٻوٽو ٻري نه سگهيو.
واجد جي وجود ۾ زيرِ بدن ڪا جنگ ڇِڙي پئي. هُو اندر ئي اندر بند ديوارن سان ٽڪرائجڻ لڳو. اها پيڙا جڏهن پنهنجي انتها تي پهتي، تڏهن اوچتو سندس ذهن ۾ ڪا ڳالهه آئي. هُو تکو تکو مزدورن ڏي هلڻ لڳو. هن جون تڪڙيون تڪڙيون وِکون پريس ڪلب وٽ مزدورن کي پُٺيان اچي پهتيون. کيس ڏسي مزدورن جا منهن لهي ويا. هُو سوچڻ لڳا، چڱا ڦاٿاسين!
واجد صاحب پنهنجا هٿ انبن جي ريڙهي ۾ وِڌا ۽ وراڻيو، “جيڪڏهن اوهان ۾ همت ڪا نه ٿي ٿئي ته هَٽو پرتي! هي انب آئون ئي کپائيندس سڀاڻي. . . . سو به هتي سڀني جي سامهون. اوهان رڳو اچي ڏسجو ته ڪير ٿو سامهون اچي ۽ منهنجا انب اڇلائي!”
هن جي اها ڳالهه ٻڌي مزدور پٿرائجي ويا. هنن کان هڪ اکر به اُڪليو ڪين ٿيو. واجد ريڙهو ريڙهيندو اڳتي هليو ويو ۽ هلندو هلندو مزدورن جي چُنجهين اکين کان اوجهل ٿي ويو.
واجد انبن جو ريڙهو آڻي پنهنجي گهر کڙو ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي الف کان ي تائين سموري وارتا بيان ڪيائين ۽ آخر ۾ اهو به هوڪو ڏنائين ته، سڀاڻي پريس ڪلب جي اڳيان انب هُو پاڻ کپائيندو.
ٻئي ڏينهن صبح سوير واجد صاحب انبن جو ريڙهو ريڙهي سڌو پريس ڪلب جي سامهون اچي بيٺو ۽ انبن جا هوڪا ڏيڻ لڳو. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي جو هُل هليو ته ٿوري ئي دير ۾ خريدارن جي به رش شروع ٿي وئي. رش ايتري وڌي وئي جو واجد اڪيلو پورو نه پئي پئجي سگهيو. ماڻهو واجد صاحب کي سلام ڪندا انب خريد ڪندا ٿي ويا. اهو بدليل منظر ڏسي آسپاس لِڪي بيٺل مزدورن جي ٺوٺ چپن تي مُرڪون گلابن جيان ٽِڙڻ لڳيون. هنن جو انگ انگ انگورجڻ لڳو. هنن ڄڻ ته زندگي ۾ پهريون ڀيرو رت جي گردش سموري جسم ۾ محسوس ڪئي. هُو سهي جي کل مان ڦري خونخوار چِيتا بڻجي پيا ۽ وڻن جي اوٽ مان نڪري نروار ٿيا.
پَريان بِنڊو ڊينڊو پوليس آفيسر چند سُڪل سيٽيل سپاهين سان گڏ هيٺ لٿو. هُو آيو ته واجد صاحب جي مَڳي مارڻ هو پر سامهون جو هجوم ڏٺائين، سو به پريس ڪلب جي سامهون ته هُن جي پنهنجي مڳي مَري وئي.

(حسيب ڪانھيو جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment