Tuesday, November 26, 2019

تنبورو - حسيب ناياب منگي


تنبورو
مختصر ڪھاڻي
حسيب ناياب منگي
هن جي معصوم چهري تان، جيڪو هاڻي مرجهائجي چڪو هو، ڳوڙها قطارون ڪندي وهي رهيا هئا. گذريل ستاويهن ڏينهن کان اهو معمول بڻجي چڪو هو ته هوءَ روز رات جو روئي سمهندي هئي. اڄ به بستري تي ليٽي هوءَ شيريءَ سان گذاريل پيار ڀريون گهڙيون ساري پئي.


“شيري جڏهن ساڻ هوندو هو ۽ ڪنهن ڳالهه تان روئندي هئس ته شيري تڙپي اٿندو هو. هو منهنجي ڳلن تان ڳوڙها اگهي تسلي ڏيندو هو. ميوزڪ سٽي هال هجي يا آئيس اسڪيٽنگ تي وڃڻ، ڪيئن نه گڏجي خوشيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريندا هئاسون. اسان ٻنهي جون ٻانهون هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ هونديون هيون ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻي، گڏ جيئڻ واري ڏاڪڻ جا ڏاڪا کل ۽ خوشيءَ سان چڙهڻ سکي رهيا هئاسون ته قسمت جي وڄ اسان مٿان اچي ڪڙڪي پئي. هئه! قسمت سان به ڪي مون مَدايون ڪيون هيون جو عين ان وقت دوکو ڏئي وئي، جڏهن شيريءَ سان ٿي ويندڙ محبت واري تعلق کي شاديءَ جي رشتي ۾ تبديل ڪري رهي هئس.”
شيريءَ کي ياد ڪندي، جهوٽو ٿو لڳي وڃيس. هن جي خواب ۾ اڄ به عجيب ميوزڪ جو آواز اچي ٿو. هر روز جيان اڄ به خواب ۾ پئي ٿي سوچي:
“هي ڇا آهي؟ ههڙي ميوزڪ ته حادثي کان اڳ ڪا نه ٻڌي هئم، الله!! ايڏو سڪون! ايڏي گهري ڪشش! واهه! ايڏي سڪ ۽ ڇڪ! ڇا اهو ساز شيري ته نٿو وڄائي؟”
اهو سوچيندي ئي جاڳي پوي ٿي. اکيون ڇا کولي ته سج جا روشن ڪرڻا، هن جي ڪمري واري دريءَ تي پهچي چڪا هئا. جاڳي پوي ٿي ۽ فريش ٿي ماءُ ۽ پيءُ وٽ اچي ٿي.
پڻس جيڪو اڳ ئي هن ۽ شيريءَ جي محبت جو مخالف هو، سو پڻ ڌيءَ جي گول ۽ خوبصورت چهري ڏانهن نگاهون کڻي نهاري ٿو ته روئي پوي ٿو. ماءُ، ڌيءُ کي ڀر ۾ ويهاري چوي ٿي ته؛ “ردا! ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ شيريءَ جي اها ئي وهي هئي، هن جي نصيب ۾ ٻاويھن سالن جي عمر ۽ تنهنجي نصيب ۾ ساڻس ڇهن سالن جو ساٿ لکيل هو. قسمت جا فيصلا به ڀلا اڄ ڏينهن تائين ڪي ٽري سگهيا آهن ڇا؟ جو هاڻي ٽري وڃن ها؟ شيري زندهه هجي ها ۽ تون پنهنجي محبت کي ماڻي خوش گذارين هان”.
ٻاجهه ڀريو هٿ، ردا جي مٿي تي ڦيرائي پڻس چوي ٿو ته؛ “تون ته منهنجي جيئڻ جو سهارو ۽ منهنجي جگر جو ٽڪرو آهين. مون کي تو تي ناز آهي، ڌيءُ! ايڪويھن سالن کان هتي نيويارڪ ۾ آهيون. هتان جي ماحول ۾ رهندي تون منهنجي هر پابنديءَ جي اکيون پوري اطاعت ڪئي، دين، دنيا ۽ ها! هي ڏس تون ته اڄ به اڇي شلوار تي اجرڪ جو چولو پهريو آهي. تون ته هتي اسان سان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿي ڳالهائين. مان سمجهي ٿو سگهان ته هن وقت تنهنجو اندر رت جي ڳوڙهن جي ڇولين کي برداشت ڪندو هوندو. مهينو اچي ٿيڻ تي آهي، هاڻي غم جي پهاڙ تان خوشيءَ جي زمين تي قدم رکي هلڻ سکي وٺ.”
ردا، پيءُ جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجي خوبصورت اکين مان، نِيرَ کي وهڻ کان روڪي نٿي سگهي. هن کي اڄ، ماءُ ۽ پيءُ اڳيان، ڳالهائڻ جو بهترين موقعو مليو هو، سو کين ٻڌائڻ لڳي ٿي ته؛ “مون شيريءَ جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ کانپوءِ جيتري دير به اک هنئي آهي، تنهن ۾ اهڙي ميوزڪ کي وڄندي پئي ٻڌان جا اڳ ڪڏهن ٻڌي نه اٿم. سا ميوزڪ مون کي سڀني کان منفرد ۽ سڪون بخشيندڙ لڳي رهي آهي”.
ماءُ ۽ پيءُ، هن جي خواب واري اشاري کي سمجهندي، سنڌ هلڻ جو زور ٿا ڀرين. ردا، روئي چوي ٿي ته؛ “شيريءَ جي جدائي، منهنجي وجود کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. هڪ وڇوڙو سَٺو نٿو ٿئي، وري شيري ۽ پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏڻ وارو امتحان! مون مٿان قيامت ڇو ٿا برپا ڪيو؟
پيءُ ۽ ماءُ آڏو گهڻو ئي ٻاڏائي ٿي پر پيءُ جي اڳيان هڪ نٿي هليس. ماءُ کيس سمجهائي چوي ٿي ته؛ “پنهنجي اباڻي ديس جي زمين، تنهنجي ڏکاري جيون لاءِ آٿت جو سبب بڻجندي. اسان به تنهنجي ڪري، وطن جي مٽيءَ تي ڪجهه گهڙيون گذاري وٺنداسين.”
ردا جي رضامندي ڏسندي، سنڌ اچڻ لاءِ تياريءَ ۾ لڳي ٿا وڃن ۽ سنڌ پهچڻ شرط، ردا کي ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن ڏانهن وٺي وڃڻ کان پهرين، ماءُ ۽ پيءُ ڀٽائي جي نگري تي وٺي ٿا اچن. سنڌين جي سدا حيات شاعر جي درگاهه تي پهچي، ڇا ڏسي ته ڀٽائيءَ جا فقير، تنبورو وڄائي رهيا آهن. حيران ٿي پيءُ جي ٻانهن کي زور سان پڪڙي چوي ٿي؛
“بابا هي ته اهو ئي راڳ آهي، جيڪو مون کي خواب ۾ سڪون ۽ قرار بخشيندو هو. بابا! هاڻي سنڌ کان پري نه هلنداسين!”

No comments:

Post a Comment