Thursday, November 14, 2019

اوطاق - مٺل جسڪاڻي


اوطاق
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
ورُو ويو به پنھنجي مرضيءَ سان ھو ۽ وَريو به پنھنجي مرضيءَ سان ھيو. ڇو ته ماڻھُو ڀلي ته کيس ورُو ئي چون. پر ھُو طبيعت، عمل ۽ ڪردار ۾ به، پنھنجي نالي وانگر وريام آھي.
ڪلھه کل ڀوڳ ڪندي، ورُوءَ کان ھلڪڙي طبيعت واري ھڪ ھمراھ پُڇي ورتو؛ ”تون ڪنھن جي چوڻ تي ھليو وئين؟“


ورُوءَ مُرڪي وراڻيو؛ ”آئون ويو به پنھنجي مرضيءَ سان ھئس، وريو به پنھنجي مرضيءَ سان ھئس. جيڪڏھن ڪو ڪم نه ھجي ھا، واندو ھجان ھا، ته ڪجھه دير تائين اڃا به اتي ھجان ھا.“
اھي ڳالھيون ٻُڌي، اتي اھو ڪير ويٺل ھو، جنھن پڇيو؛ ”ورُو ڪنھن جي ذاتي اوطاق تي ويو ھو ڇا، جتان کيس ڪنھن لوڌي روانو ڪيو...“.

(حوالو: ڪھاڻي نمبر، سنڌ راڻي ميگزين، حيدرآباد، ص: ۹۳)

No comments:

Post a Comment