Friday, November 29, 2019

بجليءَ جو آزار - همير گاد


بجليءَ جو آزار
همير گاد
“هيلو“
“هيلو ڪير.“
“واپڊا آفيس“
“جي“
“نئين شھر جي بجلي صبح جو ۶ بجي کان بند آهي، ڪڏھن ايندي؟“
“صفائيءَ جو ڪم ٿو هلي، ان جي ڪري بند آھي. شام تائين اچي ويندي.“
“توهان واپڊا وارن کي سدائين گرميءَ ۾ ڇو صفائيءَ جو ڪم ياد ايندو آھي. ۵۰ سينٽي گريڊ گرميءَ ۾ ماڻھن جو ساھ ٿو نڪري، اوهان کي هاڻي صفائي ياد آئي آھي.“
“مٿان کان حڪم آ.“


“مٿان ڪٿان آسماني مخلوق کان.. اسان وٽ ته ڪيبل واري تار لڳل آھي پوءِ به ايڏو بجليءَ جو آزار آھي. روز ۷ ڪلاڪ بجلي بنا وقفي جي بند ڪيون ويٺا آھيو. بجلي بند ڪرڻ جو جيڪو شيڊول آھي. اوهان ان شيڊول تي بند ڪريو نه، پنهنجي مرضيءَ سان بجلي بند ڇو ٿا ڪريو؟ جڏھن وڃي ٿي ته اچڻ جو نالو نشان ئي ڪونهي. توهان ته عوام جو جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو آھي.“
“اسان ڪهڙو جيئڻ حرام ڪيو آ، اسان ته عوام کي سهولتون ڏنيون آھن.“
“ڪهڙيون سهولتون ڏنيون اَٿو، ماڻھن کي چوريءَ جي بجلي استعمال ڪرڻ ڪنهن سيکاري، وري دانهون به توهان ٿا ڪريو ته عوام بجلي چور آھي. ميٽر اڳتي پوئتي ڪرڻ جا ايڪسپرٽ ڪير آهن؟ ماڻھن کي ڪُنڍيون هڻڻ جا پئسا به توهان وٺندا آھيو يا ڪو ڊکڻ اچي وٺندو آ.“
“الائي مون کي خبر ناهي. مان پاڻ نئون ڀرتي ٿيو آهيان، ڪلھ جاب جو پهريون ڏينهن هو.“
“وڏا وڏا ماڻھو توهان جي تعاون سان ئي ته چوري ڪندا آھن ۽ انهن ڏي بل به وري گهٽ موڪليندا آھيو. باقي جن ماڻهن وٽ هڪڙو پکو ۽ هڪڙو بلب هلي ٿو، انهن ڏي هزارين رپين جا بل ٿا موڪليو.“
“ته پوءِ تون ٻڌاءِ اسان ڇا ڪريون.؟“
“توهان بس هڪ ڪم ڪريو، بجلي جيڪا چوري ٿئي ٿي، ان ۾ تعاون نه ڪريو. ماڻھن کي چوريءَ جو عادي نه بڻايو.“
“تنهنجي مرضي ڇا آھي ته پنهنجي ٻارن کي بک ماريون.؟ “
“بک مَرن ليڪن بيمار ٿي ۽ تڙپي تڙپي نه مرن.“
“ڏس بددعا نه ڏي.“
“۽ ماڻهو جيڪو ڏينهن رات اوهان کي بددعائون ۽ پِٽن ٿا اُهو....دوزخ ۾ ته ضرور ويندئو.“
“ڀلي اسان اُتي به لوڊشيڊنگ ڪنداسي.“
“سڀ جا سڀ چور آھيو. جيڪو به هن ملڪ جي بجلي چوري ٿو ڪري، اهو غدار آ. هن ملڪ سان زيادتي ٿا ڪريو، پنهنجو پاڻ سان زيادتي ٿا ڪريو. جيترا بدمعاشيءَ جا طريقا توهان وٽ آھن شايد ئي ڪنهن ٻئي کاتي وٽ ھجن. جُھڙ دادوءَ ۾ ڏسندا آھيو، بجلي وري لاڙڪاڻي جي بند ڪري ڇڏيندا آھيو. ڄاڻي واڻي وولٽيج گهٽ وڌ ڪندا آھيو ته جيئن ڀلي ماڻھن جو لکين رپين جو سامان سڙي ته سڙي.
انتقامي ڪارروائي ڪري، غريبن ڏي ڊٽيڪشن بل هڻي موڪليو ٿا. ڪجھ ته شرم ڪريو. جڏھن مري وڃو ته ڪفن ۾ ھڪ کيسو هڻائي وڃجو. جيڪو حرام جو مال جمع ڪيو اَٿو سڀ ان کيسي ۾ رکي، پاڻ سان گڏ کڻي وڃجو.“
تون آھين ڪير، جو ائين پيو ڳالهائين.“
“۽ بل تي جيڪي ڪمپلين نمبر لکيل هوندا آھن سڀ بند ملندا ڪو هڪ به کُليل ناهي هوندو“
“نمبر کولي پاڻ کي گاريون کائڻيون آھن ڇا، اهڙيون اهڙيون ماڻھو ورائٽي واريون  گاريون ٿا ڏين جيڪڏھن سڀ لکجن ته آرام سان پورو هڪ ڪتاب ڇپجي ويندو.“
“گارين وارا ڪم ڪيو ٿا، تڏھن ته توهان کي گاريون ملن ٿيون.“
“ڪي ته اسان کي دل ۾ گاريون ڏيندا آھن. ماڻھو ڏاڍا جذباتي آھن. اسان ته قوم جي خدمت ٿا ڪريون. هر اداري ۾ ڪو نه ڪو رشوت وٺڻ وارو هوندو آ، اسان جي اداري ۾ به آھن. رڳو مون اڪيلي مان ته اندر جي باھ نه ڪڍو.“
“اوهان جيڪي بجليءَ جا بل موڪليو ٿا، اهي بل پيارڻ جي آخري تاريخ کان صرف ٻه ڏينهن اول ڇو موڪليندا آھيو.؟“
“ڪجھ ڏينهن ۾ اسان پنهنجي کاتي ۾ سپرمين ۽ اسپائيڊرمين کي ٿا ڀرتي ڪريون. اوهان جا بل به پوءِ اُهي ئي پياريندا.“
“توهان جون چالاڪيون، اسان سمجهئون ٿا. توهان جيڪي بجليءَ جا ڳرا بل ماڻھن ڏي موڪليو ٿا، ان جي به چڱيءَ طرح ڄاڻ آ.“
“ڏس جڏھن سڀ سمجهين ٿو ۽ سڀ خبر اٿئي ته پوءِ پڇين ڇو ٿو..؟ ڇو منهنجو ۽ پنهنجو ايترو ٽائيم برباد ڪيئي، مون کي مٿي به ته جواب ڏيڻو آ. مان به آخر ۵ لک ڀريا آھن، تڏھن ته هن پوسٽ تي ويٺو آھيان.“

No comments:

Post a Comment