Thursday, November 14, 2019

موقعو - مٺل جسڪاڻي


موقعو
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
اعتبار ڪرين ته... آئون آفيس مان نڪري، سيءَ کان بچڻ لاءِ، ورانڊي ۾، اُس ۾ بيٺو ھئس. اتي اوچتو ھڪ نوجوان تي نظر پئي. ھو مون کان پرڀرو ۽ ڇانءَ ۾، پاسيرو بيٺل ھو. ھُن جو قد، ھُن جو بُت، ھُن جي وارن سان ڀريل ڳل، ھن جي تن تي پوشاڪ ۽ بيھڻ جي انداز مان، مون کي لڳو ته ”تون“ آھين! مون اڃا تو کي سڃاڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ته خيال آيو، تون مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ، ايترو پري کان، ائين اوچتو ڪيئن ٿو اچي سگھين... ۽ ياد آيو ته اڃا تو کي گھمي موٽڻ لاءِ، چڪر ڪري وڃڻ جيترو موقعو به ته نه مليو آھي...

(حوالو: ڪھاڻي نمبر، سنڌ راڻي ميگزين، حيدرآباد، ص: ۹۳)

No comments:

Post a Comment