Wednesday, November 27, 2019

گڏين راند - وحيد محسن


گڏين راند
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
وحيد محسن
سانول ۽ رابعا کي ھڪ ننڍڙي خوبصورت ڌيءَ سيما نالي ھئي، جيڪا انهن کي تمام گهڻو پياري ھوندي ھئي. رابعا پنهنجي گهر ۾ درزڪو ڪم ڪندي ھئي ۽ سانول تعليم کاتي ۾ ڪلاڪ ھو.


رابعا، پنهنجي ڌيءَ سيما کي، ھڪ سھڻي گڏي، دڪان تان وٺي ڏني، جنهن کي نيري رنگ جا ڪپڙا پھريل ھئا ۽ ان جا وار جل پريءَ جھڙا سونھري ھيا، جيڪي چمڪي رھيا ھئا. جنهن سان اھا اڃان به وڌيڪ خوبصورت لڳي رهي هئي. رابعا ان گڏيءَ لاءِ ٻه ٻيا جوڙا به تيار ڪري ورتا. جيڪي ڳاڙهي ۽ سونھري رنگ جا ھئا. ان ۾ ته گڏي اڃا به وڌيڪ خوبصورت لڳندي! سيما پنهنجي گڏيءَ سان بيحد پيار ڪندي ھئي ۽ پنهنجين ساھيڙين پشپا، نجما، مرڪ ۽ زينب سان روزانو پنهنجيءَ گڏي جي تعريف ڪندي ھئي.
انھن ڇوڪرين کي به سھڻيون گڏيون ھونديون ھيون ۽ اھي روزانو اچي سيما جي گهر گڏين سان راند کيڏنديون ھيون ۽ ھر ڪا پنهنجي گڏڙيءَ جا گڻ ڳائيندي خوش ٿيندي ھئي. انهن کي روزانو ھار سينگار به ڪرائينديون ھيون. جنهن ۾ زيورن سان گڏ وارن کي ڦڻي ڏئي، سندن سھڻا لسارا ڪنديون ھيون ته اھي ھوا جي جھوٽي تي به لڏندا ھئن ۽ سڀئي پنهنجن گڏين جي وارن ڏانهن اشارو ڪندي چونديون ھيون ته؛ ”ڏسو! ڏسو! منهنجي گڏيءَ جا وار ھوا جي جھوٽي تي ڪيئن نه لڏن ٿا!“
رابعا کي سيما جي ساھيڙين جي اچڻ تي خوشي ٿيندي هئي ۽ سندس گهر ڇوڪرين جي مرڪن سان مھڪي پوندو ھو. انهن جون معصوم خواهشون ٻڌي، رابعا کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويندو ھو. پنهنجي ماءُ ۽ پيءَ کي ساريندي لڙڪ ھاري ويھندي ھئي.
ان کي پنهنجي ڌيءَ سيما ۾ پنهنجو ٻالڪپڻ نظر ايندو آهي. تڏھن ته ھميشھ ان جي انگلن کي پورو ڪندي رهي ٿي.
ھڪ ڏينهن سيما کي وري اھو خيال ٿيو ته گڏيءَ سان گڏ ان وٽ ھڪ گڏڙو به ھجي ۽ پنهنجي پيءُ کي چيائين ته؛ ”بابا! منهنجي لاءِ مارڪيٽ مان گڏڙو وٺي اچجو. جيڪو منهنجي گڏڙيءَ جو ڀاءُ ٿيندو. اڪيلي گڏي به ڏاڍو اداس ٿي رهي. مان به گھڻن ڏينهن کان ان جي خيال سبب، اداس ٿي وئي آھيان ته منهنجي گهر ۾ ڀاءُ ھجي. گڏي ته ھونئن به منهنجي ڄڻ ننڍڙي ڀيڻ آهي. سوچيم پئي ته اوھان کي چوان ته منهنجي لاءِ گڏڙو وٺي اچو. اوھان وٺي ايندئو نه بابا؟!
”ھا بابا! اڄ ئي تو لاءِ سھڻو گڏڙو وٺي ايندس. ھاڻي ته خوش ٿيءُ! منهنجي سدوري ڌيءُ! ۽ اداسيءَ کي ڀڄائي ڪڍ!“
سيما پنهنجي پيءُ کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳي ته؛ ”منھنجو بابا! زندھ آباد!“ ٻئي گڏجي ڪري پيءُ ڌيءُ کلڻ لڳا.
سانول ڊيوٽيءَ تان واپس ايندي، منجھند جي وقت، جڏهن گهر آيو ته ان کي ٿيلھي ۾ ھڪ خوبصورت گڏو ھو. سيما اھو ڏسي ڪري ڊڪندي اچي پنهنجي بابا کان اھو گڏو ورتو ۽ تمام گهڻو خوش ٿيڻ لڳي.
رابعا به پنهنجي سڪيلڌي ڌيءُ جي خوشيءَ تي سرھي پئي ٿئي.
شام ٿيندي ئي سيما جون ساھيڙيون، پنهنجين گڏين سان گڏ، ان جي گهر گڏين راند کيڏڻ آيون ۽ اڪثر ڪري اھي گهر جي ورانڊي ۾ ويھي راند ڪنديون ھيون. اڄ سيما کي گهڻو خوش ڏسي، سندس پياري ساھيڙي پشپا پڇڻ لڳس ته؛ ”اڄ اوھان تمام گهڻو خوش نظر اچو ٿيون، ڪو خاص تحفو مليو اٿئي ڇا؟“
انهيءَ سوال جي موٽ ۾ سيما پنهنجي پياري ساھيڙي پشپا کي چوڻ لڳي ته؛ ”اڄ بابا سائين منهنجي لاءِ گڏو وٺي آيو آهي. ترس ته اجھو ٿي آڻي ڏيکاريانءِ پر منهنجي گڏي کي نظر نه ھڻجانءِ!“
سيما جي اھڙي ڳالهه تي سڀني ساھيڙين ۾ ٽھڪار مچي ويو. ايتري ۾ سيما به پنهنجي ڪمري مان خوبصورت گڏو کڻي آئي. جنهن کي ڏسي واقعي سڀئي حيران ٿي ويون.
پوءِ سيما چوڻ لڳن ته؛ ”ھيءُ منھنجو ننڍڙو ڀاءُ آهي ۽ ھاڻي روزانو اھو پاڻ سان گڏ ھوندو..
مرڪ چوڻ لڳس ته؛ ”پوءِ اڄ اسان کي ڀلا مٺائي به کاراءِ! ننڍڙو مھمان تنهنجي گهر آيو آهي.“
سيما چوڻ لڳس ته؛ ”مان، امان کي چوان ٿي ته اوھان جو وات مٺو ڪرائي. واھ واھ سڀئي گڏجي مٺائي کائون ٿا!“
روزانو سيما جون ساھيڙيون، گڏين راند ڪندي، خوش ٿينديون ھيون ۽ انھن جا والدين به اھڙي سرگرمي تي خوش ٿيندا ھئا. سيما پنهنجين ساھيڙين سان گڏين راند رچائي رکي جنهن سان سندس ماءُ رابعا کي به خوشي ملندي رھي.

(وحيد محسن جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment