Wednesday, November 27, 2019

هن جون ڳالهيون ڪو ئي ٻڌي ٿو


هن جون ڳالهيون ڪو ئي ٻڌي ٿو...
مظھرالاسلام/ ھمير گاد
هو چوي ٿو؛ هن جون ڳالهيون ڪوئي ٻڌي ٿو.
مون ان جي شڪ کي دور ڪرڻ جي لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا هن کان پُڇا ڪئي ته؛ ”جڏھن تون ڳالهائيندو آھين ته ان وقت اُتي ٻيو ڪير هوندو آ؟“
هن چيو: ”ڪير به نه، صرف مان ۽ ھوءَ.“
تڏھن مون ان کي چيو: ”اهو ته تمام سٺو آهي، جو هوءَ تنهنجيون ڳالهيون ٻُڌي ٿي ۽ تون هُن کي پنهنجيون ڳالهيون ٻڌائڻ ٿو چاهين ته پوءِ ڇو ٿو چوين ته تنهنجيون ڳالهيون ڪو ئي ٻُڌي ٿو.“


ليڪن منهنجي ان ڳالھ تي هن کي تسلي نه ٿي. هو چوڻ لڳو؛ ”ڪو ئي ٻيو آ، جيڪو اسان جون ڳالهيون ٻڌي ٿو.“
مون ان جي ڳالھ کي ٽاڙڻ جي لاءِ چيو؛ ”تنهنجيون ڳالهيون، ڀتيون ٻڌنديون هونديون. ڇاڪاڻ ته ڀتين جا به ڪَن هوندا آھن.“
هو سنجيده ٿي ويو. چيائين: ”مان مذاق نه ٿو ڪريان. تون يقين ڪر! جڏھن اسين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا آھيون ته ڪو ئي ٻيو اسان جي ڳالهين کي ٻڌندو آهي. جڏھن مون هُن کي چيو ته تون ڏاڍي سُٺي آھين، تڏھن ڪو ئي ٻڌي پيو. وري مون جڏھن هُن کي چيو ته تون ڏاڍي خوبصورت آھين. تڏھن وري به اسان جي ڳالهين کي ڪو ئي ٻڌي پيو.“
مون دروازي جي طرف وڃي، آھستي ٻاهر ڏٺو. پر مون کي ڪو به نظر نه آيو. مان اها ڳالھ يقين سان ٿو چوان ته؛ ”ڪو ئي منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو.“
مون ان کي چيو: ”اهو تنهنجو وھم آ، ڀلا ٻين وٽ ايترو وقت ڪٿي آ جو تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن. تنهنجي ڳالهين ۾ آھي ڇا جو ڪو ئي ٻيو ان کي ٻڌڻ جي لاءِ بي قرار هوندو.“
”ڇو نه، منهنجيون ڳالهيون سچيون هونديون آھن، جڏھن مان ڳالهائيندو آھيان ته هُن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آهي.“
“پر ٻين جو ان ۾ ڇا؟ جڏھن تون هن سان ڳالهائيندو آھين ته ٻيا ماڻھو به ته ان وقت پاڻ ۾ ڪجھ ڳالهائي رهيا هوندا آھن، ٻين کي ايتري فرصت ڪٿي جو تنهنجيون ڳالهيون ٻُڌن سواءِ ھُن جي..
۽ تنهنجو مقصد به اهو ئي آھي ته هوءَ تنهنجيون ڳالهيون ٻُڌي.“
هن پوءِ به ڪو نه مڃيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”هوءَ ته ٻڌي ٿي.. هوءَ منهنجيون ڳالهيون صبر سان ٻڌندي آھي. منهنجيون ڳالهيون ٻُڌي، هن جي چپن تي ڦھليل مسڪراهٽ وڻ تي ويٺل جهرڪيءَ وانگر ٻيهر اُڏي ويندي آ. هُن جون اکيون اداس ٿي وينديون آھن. هوءَ منهنجي ڳالهين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. ليڪن جڏھن مان ٿوري دير جي لاءِ خاموش ٿي ويندو آھيان ته مسڪراهٽ جي رنگين ڦڙت جهرڪي، ٻيهر اچي هُن جي چپن تي ويهي رهندي آ.
محبت هُن جي چپن جو حصو آ.. ليڪن جڏھن مان ٻيهر ڳالھ شروع ڪندو آھيان ته ائين لڳندو آ ڄڻ ھوءَ منهنجي ڳالهين تي غور ڪري رهي آھي. ليڪن اُن وقت به منهنجي ڳالهين کي ڪو ئي ٻڌندو آھي، جڏھن مان هن کي چوندو آھيان ته؛ مان تو کي بددعا ڏيڻ ٿو چاهيان ته ان وقت به ٻيو ڪو ئي ٻڌي رهيو هوندو آ.
مان هن کان پڇندو آھيان ته تنهنجو منهنجي باري ۾ ڪهڙو خيال آھي ته هوءَ بي اثر اکين سان مون کي ڏسندي آ. هن جي چپن تي ڦھليل مسڪراهٽ هن جي وس کان ٻاهر ٿي ويندي آھي. هوءَ کلندي آ. ان وقت مون کي شڪ ٿيندو آ؛ ڄڻ ڪو ئي هُن جي مسڪراهٽ ۾ لڪي منهنجيون ڳالهيون ٻڌي رهيو آھي.“
مان ان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته ڪو ئي به تنهنجيون ڳالهيون ناهي ٻڌندو. اها ته هُن جي همت آ جو هوءَ تنهنجين ڳالهين کي توجه سان ٻُڌي ٿي.
تنهنجين ڳالهين ۾ ڪجھ به ناهي ۽ هي جيڪي تون سنجيده ڳالهيون ڪرين ٿو اهي....انهن کي ڪير ٻڌندو... تنهنجي انهن ڳالهين ۾ ڪنهن کي ڪهڙي دلچسپي ٿي سگهي ٿي.
“تون نه ٿو سمجهين، يقين ڪر منهنجيون ڳالهيون ڪو ئي ٻڌي ٿو. جڏھن مان هن کي چوندو آھيان ته مان تو کي ڪو به ڏک نه ٿو ڏيڻ چاهيان ته ڪو ئي لڪي ٻُڌندو آ. مان ٻاهر دروازي ڏي ويندو آھيان ۽ جهاتي پائي ڏسندو آھيان، ليڪن اُتي ڪو به موجود ناهي هوندو. مان واپس اچي ٻيهر پنهنجيون ڳالهيون شروع ڪندو آھيان. هن جي چپن تي مسڪراهٽ ٻيهر غائب ٿي ويندي آ. مون کي ائين لڳندو آ ڄڻ، مان هن جو سڪون کسي رهيو آھيان.
مان هن کي چوندو آھيان؛ ”ڏس مان تو کي پريشان ڪرڻ بلڪل نه ٿو چاهيان، مان نه ٿو چاهيان ته تو کي ڪنهن جو انتظار هجي. مان نه ٿو چاهيان تنهنجي دل بي چين ٿي وڃي.“
ليڪن منهنجيون هي ڳالهيون ٻيو به ڪو ئي ٻُڌي رهيو آ.
ايتري ۾ آذان جو آواز اچي ٿو. هوءَ مٿي تي رَئو پائي ٿي ۽ اسان ٻئي خاموش ٿي وڃون ٿا.
ڪجھ دير کان پوءِ ھوءَ اکين ئي اکين ۾ چوي ٿي؛ ”ڪا ڳالھ ڪر.“
مان ڊنل نظرن سان دروازي جي طرف ڏسان ٿو ۽ پوءِ صوفي جي هيٺان ڏسي ڳالھ شروع ڪريان ٿو. هن جو چهرو ان ٻار وانگر ٿي ويو، جيڪو حسابن جو ڪو ئي سوال حل ڪري رهيو هجي. ان وقت مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هوءَ اندر ئي اندر ۾، پنهنجو پاڻ سان وڙھي رهي هجي.
هوءَ منهنجي باري ۾ ڪو به فيصلو نه ٿي ڪري سگهي. تڏھن مان ھُن کي چوان ٿو؛ ”خبر ناهي مان تو سان ڇو ڳالهيون ڪري رهيو آھيان؟ ليڪن ڪٿي ائين نه ٿئي جو اهي ڳالهيون، هن جي زندگيءَ جي پيڙا بڻجي وڃن. ۽ ھڪ ڏينهن هن کي منهنجيون سڀ ڳالهيون واپس ڪرڻيون پون.
مون هن کي چيو؛ ”تون منهنجين ڳالهين تي گهڻو توجه نه ڏجانءِ!“
ان وقت به مون کي محسوس ٿيو ته ڪو ئي آھي جيڪو اسان جون ڳالهيون ٻڌي رهيو آھي. مان اُٿي دروازي جي طرف وڃان ٿو! شام دروازي جي چانئٺ تائين اچي وئي آھي.
شايد شام منهنجيون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي. مان واپس اچي صوفي تي ويهان ٿو. مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ؛ ھُن جي اکين ۾ ڪو تيز طوفان آيو هجي ۽ ھر شيءِ وکري وئي هجي.
هوءَ چوڻ لڳي؛ ”ڏاڍو سخت طوفان آيو آھي. هاڻي تون هليو وڃ.“
مان هن کي ڪجھ چوڻ ٿو چاهيان پر اهو سوچي رُڪجي ٿو وڃان ته ڪو ئي منهنجيون ڳالهيون ٻُڌي رهيو آھي.
گهڻي وقت تائين هن جي ۽ منهنجي ملاقات نه ٿي.
مون کي يقين هو ته هن کي اهو وهم آ ته هن جي ڳالهين کي ڪو ئي ٻُڌي ٿو. ليڪن هڪ ڏينهن اچانڪ هو مون کي ٻيهر ملي ويو. مون هن کان ائين ئي پڇا ڪيو؛ ”ڪا خبر پئي ته تنهنجيون ڳالهيون ڪير پيو ٻُڌي.؟“
هن ڏک ڀري آواز ۾ چيو؛ ”ها خبر پئجي وئي. مون هن کي تلاش ڪري ورتو آھي... دراصل مان خود ئي پنهنجيون ڳالهيون ٻُڌي رهيو هيس.“
تو کي ڪيئن خبر پئي.؟“
هڪ ڏينهن هڪ ڇوڪريءَ مون کي چيو؛ ”تون به ڪيڏو نه عجيب ماڻھو آھين. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو هوندو آھين. ليڪن ڳالهائيندو ئي نه آھين.“

(روزنامه هلال پاڪستان،  ۱۶ نومبر ۲۰۱۹ع)

No comments:

Post a Comment