Tuesday, November 26, 2019

پھرين محبت - حسيب ناياب منگي


پھرين محبت
مختصر ڪھاڻي
حسيب ناياب منگي
اڄ هنن سڀني جو يونيورسٽيءَ ۾ آخري ڏينهن هو. سڀئي هڪٻئي جون يادگيريون سنڀالڻ خاطر شرٽن تي ڪمينٽس لکي رهيا هئا، ته ڪي تصويرون ڪڍرائي رهيا هئا. هنن سڀني جي زبان تي اها ئي ڳالهه هئي ته؛ ’اهو به ته وقت هو جو يونيورسٽيءَ کان گهر وڃڻ جي ڳالهه ڪندا هئاسين ته چھرو ٻَھڪي پوندو هو ۽ اڄ جڏهن يونيورسٽيءَ کان هميشه لاءِ واپس گهر وڃڻ وارا آهيون ته سڀني جي منهن تي مايوسي عيان آهي. نيٺ ڪري به ڇا ٿا سگهون؟ هڪ نه هڪ ڏينهن ته هتان وڃڻو ئي آهي.‘


ماضيءَ ۾ جو جهاتي پيا پائن ته ياد پيو اچين ته؛ ڪيئن هتي آيا هئاسين، هتي رهياسين، سڀني سان ملي هڪ ٻئي جا ٿي وياسين. گهمياسين ڦرياسين، کلي خوب پڙهياسين. زندگيءَ جي رنگن کي سهيڙي، مزا ورتاسين. اڄ وڃڻ واري ٿا ڪريون ته اوچتو اداسيءَ جي چادر اسان مٿان ڪري پئي آهي. سڀني کي جتي هڪٻئي جي ظاهري وڇوڙي جو ڏک هو، اتي سورٺ جو به حال برو هو. هوءَ سڀني کان پري، وڻ جي ڇانءَ ۾، پنهنجي بانوري جو هٿُ هٿَ ۾ وٺي، ويٺي هئي.
کل، مذاق ۽ محبت جون ڳالهيون ڪندي، سورٺ جو ته ڇرڪ ئي نڪري ويو. گهڻي دير تائين احد ڏانهن، ويچاريون اکيون ڪندي نهاريندي رهي. هن مٿان جيڪو لفظن جو پهاڙ اچي ڪريو هو، سو ڀانيائينءَ ته زمين ڦري رهي آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پرينءَ کان سواليه نظرون کڻي پڇا ڪيائين ته؛ ”ڇا چيئه؟
احد جي جوابَ، سورٺ جا ته ٺپ ئي ٺاري ڇڏيا. گوڙ واريءَ فضا ۾ هڪدم سانت اچي وئي. سورٺ جي دانهن تي، سڀ اچي ٻنهي جي مٿان بيهي رهيا. سڀني جي ڪنن تي سورٺ جو پڙلاءُ پيو:
”ڇا ٿو چوين، ته مان تنهنجي پهرين محبت نه آهيان؟“
ها!“
Image may contain: one or more people and textاحد! ياد ته ڪر! ڪيڏو نه وقت گذري ويو آهي. جڏهن پاڻ يونيورسٽيءَ ۾ آيا هئاسين. تون پهرئين ڏينهن تي ئي، ڪلاس شروع ٿيڻ کان اول، سڀني آڏو بيهي شروع ٿي ويو هئين ته: ’ساٿيو! جيئي سنڌ! مان احد آهيان، توهان کي محبت بابت ڪجهه ٻڌائيندس.. محبت ڪائنات جي ان روشنيءَ جو نالو آهي، جنهن سان هيءُ جهان روشن آهي. محبت جا پيار ڀريا پَرَ هميشه کليل رهندا آهن، جيڪي توهان کي ٻانهن ۾ ڀري عجيب ڪشش ۾ مبتلا ڪندا آهن. محبت ته ڪنهن جي خيالن ۾ گم رهڻ جو نالو آهي. جيڪا توهان ۽ اسان کي مستيءَ جي جهان جو سير ڪرائي اسر ويل دل ۾ ڪنهن جي چاهت جا ڪڙا کڙڪائي، مٺي مٺي ننڊ مان جاڳائي هوشيار ڪندي آهي ته منهنجي لامحدود جهان ۾ توهان جڏهن پڪا ۽ پختا ٿيندا ته ايذاءَ کائيندا. اها تڪليف توهان جي من ۾ محبت پيدا ڪرڻ جي وڌيڪ جاءِ پيدا ڪندي.“
سورٺ ڳالهائڻ شروع ڪيو؛ ”تون ڳالهائي رهيو هئين ته پروفيسر شهريار اچي ڪلاس ۾ بيٺو هو ۽ تون کيس ڏسي ويهي رهيو هئين. تڏهن کان مان توسان محبت ڪئي آهي.
واعدن، قسمن ۽ اقرارن کانپوءِ ايڏو وقت گذريو، اڄ تون يونيورسٽي مان وڃڻ مهل چوين ٿو ته؛ ’آئون تنهنجي پهرين محبت نه آهيان.‘“
چري ڇوڪري! خبر اٿئي، هوءَ تو کان وڌيڪ حسين آهي. هن وٽ مون کي سڪون ملندو آهي. هن جون معصوم نگاهون مون کي متحرڪ ڪري ڇڏينديون آهن، مان هن کان ٿورو به پري وڃان ته ساهه منجهي پوندو آهي.“
هوءَ ڪيتري حسين آهي؟“
خدا جي ڪاريگريءَ جو سڀ کان بهترين حسن، مون ان ۾ ئي محسوس ڪيو آهي.“
”ڪڏهن کان ٿو سڃاڻينس؟
جڏهن کان وجود مليو اٿم.“
مون کي فلسفو نه ٻڌاءِ! بلڪ صحيح صحيح ٻڌاءِ!“
سچ ئي ته چوانءِ ٿو. جڏهن کان جيءَ ۾ جهاتي پائڻ شروع ڪيم، تڏهن کان من جي ميدان تي، ان جو نالو لکيل ڏٺم. جڏهن کان شعور آيو، تڏهن کان ان سان محبت ڪيم.“
پوءِ مون کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي؟“
مان تو سان به ته محبت ڪئي آهي. تون منهنجي من جي اها روشني آهين، جيڪا مون کي توهان ٻنهي کان پري وڃڻ نٿي ڏئي. اها روشني منهنجي نفس تي پئي، واعدا ٿي وٺي ته جنهن جو تون پهريون پيار آهين، سا تو سان ڪيڏي نه وفادار آهي. تون به پنهنجي پهرين محبت سان اوترو ئي سچو ٿي، ڇو جو اها به تو ۾ وفا جي اميد ٿي رکي.“
مان تنهنجي ڳالهين کي نٿي سمجهان؟!؟!؟“
تون ڪڏهن به نه سمجهي سگهندينءَ! ڇو جو تنهنجي پهرين محبت، هڪ عام ماڻهو، مطلب ته آئون ۽ منهنجي پهرين محبت منهنجي سنڌ آهي.“

No comments:

Post a Comment