Thursday, November 14, 2019

سائنس جو پيرڊ - وحيد محسن


سائنس جو پيرڊ
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
وحيد محسن
صبح سوير مان پنهنجي اسڪول پھتم. ٻيا ٻار به اسڪول پھچندا ويا. مقرر وقت جي اندر، گرائونڊ تي اسيمبلي به ٿي. سڀئي شاگرد ۽ استاد، اسيمبليءَ ۾ موجود ھئاسين. رڳو سست قسم جا شاگرد، اسيمبليءَ مان غير حاضر ھيا. دير سان ايندڙ شاگردن کي، پنھنجا استاد تنبيهه ڪري رھيا ھئا؛ ”آئيندا سوير اچڻ جي ڪوشش ڪندا ڪيو ته جيئن اسڪول جو ڊسيپلين قائم رهي.“


سڀئي ٻار، پنهنجن ڪلاسن ۾ ترتيب وار وڃي ويٺا. مان به پنهنجي ڪلاس ۾ ويٺس وڃي ته انگريزيءَ جو پيرڊ شروع ٿيو. اسان جي ڪلاس ٽيچر، استاد محمد شعبان، اسان کي پنهنجي مخصوص انداز سان پڙھائڻ شروع ڪيو. اسان سڀئي ٻار، غور سان سبق ٻڌي رھيا ھئاسين. ان کانپوءِ ڪالھ وارو سبق معنيٰ سان شاگردن کان پڙھايائين.
استاد محمد شعبان، اسان جي محنت مان مطمئن ٿي، اسان سڀني کي شاباس ڏني. جنھن تي اسان سڀ سرھا ٿي پياسين.
ٻيو پيرڊ لڳو ته استاد محمد شعبان اسان کي خدا حافظ چوندي اھو تاڪيد ڪيو؛ ”اڄ وارو سبق، سڀاڻي ياد ڪري اچجو.“
ٻن منٽن جي اندر، سائنس جو استاد نثاراحمد ڪلاس جي اندر داخل ٿيو ۽ ڦڙتيءَ سان السلام عليڪم ڪندي، اسان کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ورتائين.
استاد نثاراحمد، روزانو سوير شڪارپور کان اسان جي ڳوٺ رستم پھچي ويندو هو ۽ ھميشھ اسيمبليءَ ۾ شريڪ ٿيندو ھيو. صاف سٿرو ۽ پينٽ شرٽ پھريل ڪو وڪيل لڳندو ھو. آواز به ڪڙڪ دار ھئس. اسان کي، سندس ليڪچر جلدي سمجهه ۾ اچي ويندو هو. سائنس پڙھائڻ دوران، سندس نت نيون ڳالهيون ٻڌي اسان حيران ٿي ويندا ھئاسين.
سائنس جون حيران ڪندڙ ڳالهيون ٻڌي، اسان کي تجسس ٿيندو هو ته؛ ”اھو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو!“ سندس دليلن سان ڀريل سمجھاڻيون، اسان لاءِ ھڪ نئين راھ ھونديون ھيون. سڀئي شاگرد، استاد نثاراحمد جي ليڪچر کي ڌيان سان ٻڌندا ھئاسين.“
سائنس پڙھائڻ کان علاوه، ھو اسان جي سماجي زندگيءَ تي ڪجهه ڳالھائيندو ھو ۽ چوندو هو؛ ”اوھان مستقبل جا معمار ۽ پنهنجي قوم جو سرمايو آهيو. ان ڪري پنهنجي بدن ۽ ڪپڙن کي صاف سٿرو رکندا ڪيو.“
صفائيءَ جي فائدن کان اسان کي آگاھ ڪندو رھندو ھو. ان ڪري اسان سڀئي شاگرد، استاد نثاراحمد جي نقش قدم تي ھلندا ھئاسين. روزانو وھنجي سھنجي، صاف سٿرا ڪپڙا پھري بوٽ جوراب پائي، اسڪول ايندا ھياسين. ڪجهه شاگردن کي پيرن ۾ چپل به پاتل ھوندي ھئي.
زندگيءَ ۾ ڪي اھڙا استاد نصيبن وارن کي ملندا آهن، جنهن جي شخصيت مان ٻار اتساھ وٺندا آهن.
اسان جا ٻيا به استاد پڙھائڻ ۾ سيبتا ۽ خوش لباس ھوندا ھيا پر استاد نثاراحمد جي ڇا ڳالهه ڪجي!
سندس عجيب ۽ طلسمي شخصيت اسان جي وجود تي ڇانئيل ھوندي ھئي!---
اسان ٻين سبجيڪٽن کي به دل ۽ دماغ سان پڙھندا ھئاسين. ان ڪري اسان جا سڀئي استاد ستين اي ڪلاس جي تعريف ڪندا ھئا. چوندا ھيا؛ ”اھي شاگرد تمام گهڻي محنت ڪن ٿا ۽ سدائين جستجوءَ ۾ رھن ٿا.“
استاد نثاراحمد به ھاء اسڪول جي ھيڊ ماستر وٽ، اسان جي ڪلاس جي تعريف ڪندو ھو!
اسان سڄو سال محنت ڪري، خوب تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي آئيڊيل استاد نثاراحمد جي ٻڌايل نصيحتن تي عمل ڪيوسين. نتيجي طور امتحان ۾ به ڪامياب ٿي وياسين.

(وحيد محسن جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment