Monday, November 25, 2019

ننڊ - مٺل جسڪاڻي


ننڊ
(مختصر ڪھاڻي)
مٺل جسڪاڻي
ڪجهه ڏينھن ئي نه، ھيڪاندن ھفتن کان، شھزاد شڪايت پئي ڪئي، ته کيس رات جو ننڊ نه ايندي آھي!
نوجوان پُٽ کي رات جو ننڊ نه اچڻ، غير معمولي ته نه آھي، پر ماءُ پيءُ کي ڳڻتي ٿيڻ به اڻ ٽَر آھي. ان ڪري اُھي به، شھزاد کي رات جو ننڊ نه اچڻ جي ڪري، پريشان ھئا. سندن اھا پريشاني ايتري وڌي وئي، جو ھاڻ ٻيا مٽ مائٽ به شھزاد کي رات جو ننڊ نه اچڻ جي سببن ۽ ڇوٽڪاري لاءِ صلاحون ڪرڻ لڳا.


ننڊ جو سبب معلوم ڪري، گهربل علاج ڪرڻ جي حوالي سان، شھزاد جي شادي ڪرائڻ لاءِ به سوچ ويچار ۽ معقول ڪنوار جي ڳولا شروع ٿي وئي ھئي. پر ھڪ ڏينھن اوچتو شھزاد جي پيءُ کي محسوس ٿيو، ته منجهند جي ماني کائي، جيئن ئي شھزاد سمھندو آھي، ته ٽپھري ئي نه، مغرب به نه، عشاءَ کان پوءِ به، ماڻس زوريءَ ننڊ مان اٿاري، کيس رات جي ماني کائڻ لاءِ منٿون ڪرڻ شروع ڪندي آھي، ته مشڪل سان رات جو يارھين ٻارھين وڳي، رات جي ماني کائيندو آھي!
اولاد جو فڪر صرف ماءُ کي نه، پيءُ کي به ھوندو آھي، پر ٻنھي جي اثر قبولڻ ۽ ويچارڻ جو انداز مختلف ھوندو آھي. ان ڪري شھزاد ۽ اُن جي ماءُ جون، ننڊ نه اچڻ واريون، شڪايتون ٻُڌندي پيءُ ھفتو سوا شھزاد جي معمول کي اک ۾ رکي، مامرو سمجهي ورتو.
ننڊ نه اچڻ جو مامرو مڪمل طور سمجهي پڪ ڪرڻ کان پوءِ، شھزاد جي پيءُ، ھڪ ڏينھن، منجهند جي ماني وقت، زال ۽ پُٽ کي سڏي، گڏ ويھاري، پڇيو؛ ”جيڪو نوجوان پُٽ، منجهند جي ماني کائي سُمھي. وري رات جو ڏھين وڳي اُٿي. پوءِ رات واري ماني ٻارھين وڳي کائي. مٿئون سڄي رات موبائيل ۾ اکيون وجهيو پيو ھوندو ته اُھو صبح سوير عزت سان ته ڪو نه اُٿندو. جيڪڏھن اُٿيو به ته منجهند تائين وڃي اٿندو. ماءُ پيءُ تي ٿورو ڪري، اگر پڙھڻ يا ڪمائڻ ويو به، منجهند جو گهر پھچي، ماني کائي، ست ڪلاڪ سمھي ننڊ ڪندو، ته ان کي رات جو ننڊ ڪٿان ايندي؟“

No comments:

Post a Comment