Friday, November 29, 2019

آرٽس فيڪلٽي - ضراب حيدر


آرٽس فيڪلٽي
ڪھاڻي
ضراب حيدر
Image may contain: Zarrab Hyderھو منھنجو روم پارٽنر آھي. روم پارٽنر ئي نه پر ھر ڏک سک جو پارٽنر. منھنجو پارٽنر منھنجو دوست به آھي. پارٽنر ۽ دوست ۾ وڏو فرق ھوندو آھي. دوست حساب ڪتاب نه ڪندا آھن، پر پارٽنر حساب ڪتاب چڱي طرح ڪندا آھن پر منھنجو پارٽنر مون سان حساب ڪتاب بلڪل ئي نه ڪندو آھي اِن ڪري ھو منھنجو سٺو دوست به آھي.


پھريون دفعو جڏھن مون کي روم الاٽ ڪيو ويو ھو ته خيالن ۾ سوين قسمن جا پارٽنر گُهمي رھيا ھئا. پر منھنجو پارٽنر انھن مڙئين کان ئي مختلف ھو.. جنھن جو مون کي خواب خيال ئي نه ھو.
مون پزيشن ورتي، روم تي پھتس، ته لڱين باھه وٺي وئي. روم کي تالو لڳل ھو. پورو مھينو روم وٺڻ لاءِ ڊُڪيو ڊوڙ يو هوس، روم حاصل ڪرڻ لاءِ پِروويسٽ کي مِنٿون ميڙون ڪيون هئم، اي سي ٽُو جا ڪيئي چڪر ڪاٽيا هئم، تڏهن وڃي ٽِن مھينن کان پوءِ ڪمرو الاٽ ٿيو هو ۽ پزيشن مِلي هئم. سوچيو ھئم روم ملندو ته سموريون ڪسرون ڪڍندس، چار پنج ڏينھن کن واھه جي ننڊ ڪندس. ڇاڪاڻ جو ايترن ڏينھن ۾ مون سُک جي ننڊ ڪونه ڪئي ھئي. اڪثر مسجدن جا در تاڙيندو وتندو ھئس، سمھڻ لاءِ گهڻو ڪري مسجد ئي نصيب ٿيندي ھئي. جتي صبح جو سوير مُلو لَت ھڻي اُٿاريندو ھو،
”اُٿ ڙي ڇورا نماز پڙھه.“ نماز جيڪا مون صرف ٻڌي ھئي، سا ڪڏھن به ڪونه پڙھي. پر مجبورن ٻين کي ڏسي پڙھندو ھئس. نماز ۾ به خيال روم وٺڻ جي ڪوشش ۾ پيا ڀٽڪندا ھوندا ھئا. نماز ۾ به روم جا تصور ۽ خيال هوندا هئا. مسجد ۾ سُمھڻ سان مون لاءِ وڏي مصيبت صبح سان ئي وضو ڪرڻ ھو، سو به ٿڌي پاڻيءَ سان. صفا ڄڻ ٻَرو چڙھي ويندو ھو. ڏينھن جو ڪلاس، مصروفيتون، رول پين ۽ ٿڪاوٽ. ٻيو وري، روم جو ٽينشن سو آڌي رات جو ننڊ ايندي ھئي ۽ صبح جو سوير اُٿڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو ھو. اِن آزار کان مون مسجد کي خيرآباد چئي وڃي مندر وسايو. اُتي به ساڳيو عذاب. صبح سان ئي پنڊت ”جئي ھنو مان جي“ ڪندا ايندا ھئا. مطلب ته اُھي ڏينھن مون وڏي تڪليف ۾ گُذاريا. اُن ڏينھن روم مليو ته اُھو به بند ھو. اڻ ڏٺل پارٽنر تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، کيس ڏاڍو ڳوليم پر اصل ڪونه لڌو. شايد ڪو ازلي رولاڪ ھو. سندس ڪابه ڪل نه پئي ته ڪھڙي جھان ۾ گُم آهي، ڳوليندي جيڪڏهن ڪٿي مِلي وڃي ها ته جيڪر کيس ٽَڪر ئي ٽَڪر هڻان ها.
مجبور ٿي ٻه لفظ چِٺ تي لِکي، دروازي جي ڪڙي ۾ اٽڪائي ھليو آيس. ٻئي ڏينھن وري ھاسٽل پُھتس ته وري روم کي تالو لڳل ھو. پريشاني وٺي وئي ڄڻ ساهه ئي نِڪري ويم، پر در جي ڪڙي ۾ اٽڪيل چِٺ ڏسي ڪجهه ساھه پيو، چِٺ کوليم، ماڪوڙن جيان اکرن ۾ لکيل ھو،
”پيارا نوان پارٽنر... خوش آمديد روم جي تالي جي ٻئي چاٻي ڪاؤنٽر تي ڪلارڪ وٽ آھي کيس هاسٽل ڪارڊ ڏيکاري وٺي وٺ.“ خوشي مان جلد ئي ڪاؤنٽر تي پھتس، ڪلارڪ موصوف ڪونه ھو. پنھنجي مرضي سان ڪلاڪ سوا کان پوءِ آيو. کانئس چاٻي ورتم، روم کولي في الحال خالي پيل کٽ جي اُگهاڙي واڻ تي ئي ليٽي پيس.
اسان جو روم ماشاءَ الله آھي. ڏاڏي آدم جي زماني جو ٺھيل، سو پنھنجي ليکي پيو رنگ ڇڏيندو، گڏوگڏ قسمين قسمين جا آواز ڪڍندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن ته رات جو اوچتو پلستر جو چاپُڙ ڪِرندو آھي ته ڇِرڪي اُٿي پوندا آھيون شڪر ته بجا آڻيندا آھيون، نئين حياتي ملڻ لاءِ، پر ڪي پھر وري ڊپ ۾ ننڊش ناهي ايندي. جهڙا روم جا پِرڪار ھئا ته ڪنھن ڏينھن اسان کي شھيد ضرور ڪري ھا. پر اھڙي ڪابه ڳالهه نه ھئي، مسخري ڪرڻ روم جي ڪا پراڻي عادت ھئي. جنھن جو پَتو سابق رھندڙن کان پيو.
منھنجو پارٽنر به عجيب قسم جو ماڻهو ھو. روم کان به عجيب، پھريون دفعو ٻن عجيب شخصيتن سان پالو پيو ھو. ھڪ روم جيڪو سمھڻ نه ڏيندو ھو ۽ ٻيو پارٽنر جيڪي چوويھه ڪلاڪ رڳو ڊڄاريندو رھندو ھو، پھرين ڏينھن ئي پارٽنر مون کي ڊپ ڏيڻ ۽ نصيحتون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون.
”پٽ ھيئين نه ڪجان، ھونئن نه ڪجان.آرٽس فيڪلٽي ته بلڪل ئي نه وڃجان، مري ويندين. ھا جي وڃڻو به ھُجئي ته مون سان گڏ ھلجان ۽ رات جو روم ٻاھران قدم نه رکجان، ھت پڙھيل لکيل جِن اٿئي، بيوقوف بڻائيندا ۽ ڊڄاريندا آھن. تنھن کان سواءِ ٽرينڊ قسم جون مَمون به اٿئي. سو سُھڻا خيال رکجان، ڪٿي گوڏا نه چٽجي وڃنئي.“
پھرين رات ته پياري پارٽنر اِھڙا ڊپ ڏئي ڇڏيا، جو سڄي رات ننڊ ئي ڪونه آئي، پاسا ورائي ورائي چيلھه ئي دکي پئي، سو دل ۾ اَحد ڪيم ته صبح جو ٽپڙ ڪُلھي تي رکي، بابي کي پڙھڻ کان ٺُپ جواب ڏيندس ته
”مان ڪونه پڙھندس.“ ڇاڪاڻ ته مون کي رات جو ننڊ ۾ گُهمڻ جي عادت ھئي. رات جو ننڊ ۾ ميلن جا ميل، مفاصلو طئي ڪري، تمام دور، پنھنجي دنيا طرف نڪري ويندو ھئس، جتان سنسار جا رنگ ميڙيندو وتندو ھئس، ۽ هتي پارٽنر جي بقول، روم کان ٻاھر پير رکڻ تي، جِن ۽ ممون ھيون، مون کي پڙھيل جنن ۽ ٽرينڊ مَمن کان ڊڄ ٿيندو هو. پھرين رات ننڊ ئي نه ڪيم، نه ئي روم کان ٻاھر قدم رکيم، اُن رات مون کي چڱيءَ ريت روم کي گهمي ۽ پرکي ورتو، اِن ڪري مون کي روم سان بي حد پيار ٿي ويو. روم جي وڏي خوبي اِھا ھئي جو ھو مون کي سُمھڻ ڪونه ڏيندو ھو، جنھن ڪري مان ننڊ ۾ گُهمي به نه سگهندو ھئس. مون کي ننڊ واري گُهمڻ مون کي نسورو عذاب ڏنو ھو، پر پوءِ سندس ڪرم نوازي، ۽ خوفائتن آوازن سان مون کي اُن مرض مان مڪمل نجات ملي وئي. ھاڻي اڪثر جاڳندو رھندو آھيان، پنھنجي ذھن ۽ روح کي تسلي ڏيڻ لاءِ بار بار دھرائيندو رھندو آھيان،
”سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري.“ منھنجو ذھن ۽ روح اِن ئي دلاسي ۾ خوش آھن، ته سلطاني سُھاڳ ملندو، تنھنڪري ننڊ گهٽ ڪندو آھيان .
مان شروع ۾ يونيورسٽي اچي رھيو ھئس ته يونيورسٽي مان پڙهي آيل ڇوڪرن ۽ ڪجهه دوستن چيو ھو،
”جي آرٽس فيڪلٽي نه گُهميئه ته، ڪجهه به نه گُهميئه...“ ۽ ھت پارٽنر اُن جي ابتڙ ئي ٻڌايو. پارٽنر جي ڏنل خوف ۽ ڊپ منھنجو روح آرٽس فيڪلٽي وڃڻ کان کڻائي ڇڏيو، اھڙي فيڪلٽيءَ کي ڇا ڪبو جيڪا سِر وڃائي. ’اھڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪَن ڇني.‘
اڪثر ڪافي دوست آرٽس فيڪلٽي ويندا ھئا. جنھن کان به رستي ويندي پڇندو ھئس ته ”ڪيڏانھن ٿو وڃين.“ ته آرٽس فيڪلٽي جي خوبصورت عمارت طرف ھٿ کڻندي چوندو ھو، ”فيڪلٽي.... ھلندين؟“ مان کين چوندو ھئس،
”نه آبا نه...“ ۽ دِل ۾ چوندو هوس مرڻو ٿورئي آهي جو فيڪلٽي وڃان. خواھش ته ڏاڍي ھئي ته جيڪر فيڪلٽي وڃان، پر زندگيءَ جي خواھش کان وڌيڪ ڪابه خواھش ڪونھي ھوندي. ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه قربان به ڪرڻو پوندو آھي. مون کي پنھنجي ڊگري وٺڻي ھئي ۽ ڪنھن روزگار سان لڳڻو هو سو اُن ڪري فيڪلٽي نه ويس ۽ نه وڃڻ جو عزم ڪري ڇڏيم.
مان سوچيندو ھئس اڪثر ھر ڪو ڇوڪرو جو فيڪلٽي ويندو آھي. ھر ڪنھن جي مار فيڪلٽي تي آھي. پوءِ اُھي ڪئين زندھه آھن...؟ ۽ منھنجو پارٽنر جو سدائين فيڪلٽي ويندو رھندو ھو، ڪو ڏينھن ڪونه گسائيندو ھو، سو ڪيئن زندھه ھو؟ پر ائين نه ھو، بظاهر ته منھنجو پارٽنر جيئرو هو پر حقيقت ۾ صفا مُئل ۽ ماريل ھو، عشق جو جنھنڪر ي فيڪلٽي ويندو هو. مون کي لڳندو هو مُئل ۽ ماريل ماڻهو ئي زندھه رھندا آھن، ۽ ٻين کي به جيئڻ سيکاريندا آھن. جيئن منھنجو پارٽنر مون کي سيکاريندو ھو. مون کي يونيورسٽي جي رھڻي ڪھڻي، پارٽنر ئي سيکاري ھئي. سندس اِشارن ۽ قولن تي ئي هلندو ھوس. فيڪلٽي نه وڃڻ منھنجي زندگيءَ ۾ بي چيني پيدا ڪري ڇڏي ھئي. ائين لڳندو ھو ته فيڪلٽي کان سواءِ منھنجي يونيورسٽي لائيف اڌوري ھئي. دل برغلائيندي ۽ چاھيندي ھئي، ته جيڪر فيڪلٽي وڃي پنھنجي يونيورسٽي لائيف مڪمل ڪيان!
ھڪ ڏينھن جيئن ئي.... ڪلاس مان نڪتس ته پارٽنر منھنجي انتظار ۾ بيٺو ھو، کيس چيم،
”ڪيئن آيو آھين؟“ چيائين،
”ھل جلدي ڪر، فنڪشن آھي، ڪا جاءِ ھَلي ولاريون.“ کيس چيم،
”ٿڌو ٿي، ڪٿي فنڪشن؟ ڪھڙو فنڪشن...؟“ چيائين،
”ڀُوڪ يونيورسٽي ۾ رھين به ٿو يا نه؟... بابا آرٽس فيڪلٽي ۾ زبردست فنڪشن آھي، شاگردن جي ميوزڪ ڪامپيٽيشن آهي، ھل جلدي ڪر...“ ھُن مون کي ٻانھن مان ڇِڪيندي چيو.
”ڇڏ يار! مان ڪونه ھلندس..“ مون ٻانھن ڇڏائيندي چيو.
”ھلندين ڪيئن ڪونه... تنھنجو ته.......ھل جلدي ڪر، وقت نه وڃاءِ پوءِ پڇتائيندي.. ۽ ھا توکي، اڄ پنھنجي ھوءَ به ڏيکاريندس، ھل ھل جلدي ڪر. ھوءَ انتظار ڪندي ھوندي...“ پارٽنر وري مون کي ٻانھن مان جهلي ڇِڪيو.
”يار مذاق ڇڏ.... مون کي پڙھڻو آھي، في الحال مون کي مرڻو ڪونھي. نه ئي مان اھڙو اِرادو رکان ٿو.“ مون کيس سندس ئي لفظ دھرائيندي چيو.
”واھه! جو ڪو ڊِڄڻو آھين، مان ته ائين ئي مذاق ڪندو ھئس.“ پارٽنر وڏا ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا، پارٽنر مون کي ڳالهين ڳالهين ۾ ڇِڪيندو سينٽرل لائبرري تائين وٺي آيو. جيڪا آرٽس فيڪلٽي کان ڪجهه اورتي ھئي. نيٺ سينٽرل لائبرري وٽ گوھي ھڻي بيھي رھيس.
”ٺُپ نه هلندسُ، کڻي ڇا به ڪر....“ ھرڪو مون کي حيرت وچان ڏسندو ٿي رھيو، ڄڻ دنيا جو اٺون عجوبو ھئس، پارٽنر جي منٿ ھئي،
”ھل خدا جي واسطي، يار ائين نه ڪر، ٽائيم نه وڃاءِ پوءِ جاءِ نه مِلندي.“ مون وري کيس چيو،
”دوست مون کي حياتي پياري آھي، خدا جي واسطي مون کي بخش ڪر...“ پارٽنر مون کي يقين ڏياريندي چيو ته ’مان ڪونه مرندس.ھو جو مون سان گڏ آھي. سندس ڳالهه تي کِل به پئي آيم ته ’ڀلا مرڻ کان ڪو ڪنھن کي بچائي سگهندو آھي، جو پارٽنر مون کي ڪوڙا دلاسا پئي ڏنا.‘
آرٽس فيڪلٽي ۽ سنٽرل لائبرري واري روڊ تي ڇوڪرن ڇوڪرين جا ميڙ ھئا، جن جي مار فيڪلٽي ڏانهن ھئي، ڄڻ ڪا عيد ھئي. ھر ڪو ٽپ ٽائپ لڳو پيو ھو.
”ڏس نه! ڪيئن نه ھر ڪو پيو فيڪلٽي وڃي. ھو ڏس! ھڪ سيپڪ به وڃي رھيو آھي. توکان ته وڌيڪ دل اُن کي آھي.“ پارٽنر ھڪ سنھڙي سيپڪ ڏي، اِشارو ڪندي چيو، جيڪو پينٽ شرٽ ۾ بلڪل کُٿل ڪانوَ ٿي لڳو. مون سيپڪ کُٿل ڪانوَ کي ڏٺو ته صفا جلال اچي ويو ۽ پارٽنر کان ٻانهن ڇڏائي پاڻ ئي فيڪلٽي ڏانهن ھلي پيسَ. ’جو ٿيندو ڏٺو ويندو، روم مان شھادت کان بچيا آھيون ته اڄ کڻي فيڪلٽي ۾ شھيد ٿينداسين.‘ دل ۾ خوف به هو، پر ھمٿ نه ھاريم. مس مس ته ھمٿ ۽ غيرت آئي ھئم، سا وڃائڻ نه ٿي چاھيم، سو پارٽنر کان به تڪڙو فيڪلٽي ڏانهن هلندو ويس. فيڪلٽي جي ڪينٽين تائين پھتاسين ته منھنجي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو، جلدي ھٿ دل تي رکيم پارٽنر کي چيم،
”يار دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو آھي شايد مران ٿو.“
”ھٿ ھيٺ لاھه... ڪونه ٿو مرين.... اجايو خوار ٿو ڪرين.“ پارٽنر رعب وچان دڙڪو ڏيندي چيو. کيس چيم،
”يار منھنجي مدد ڪر... مان وڃانءَ ٿو، مرانءِ ٿو. “
پارٽنر منھنجي پُٺي کي ٺپيندي چيو،
”گهٻراءِ نه دوست، اڃان اڳتي ته ھل، اڃان ڪٿي آھي ڳالهه....؟ خبرون ته اڳتي پونديون مڙسن جون.“ سامھون فيڪلٽي جي گيٽ کان اندر ھڪ ڇوڪري ڏاڪڻ وٽ بيٺي اسان کي ڏسي مُسڪرائي رھي ھئي! منھنجو پارٽنر وڌي سندس اڳيان ھلي بيٺو،
”ھي آھي منھنجو.. ڊڄڻو ڀوڪ پاٽنر.“ منھنجو تعارف ڪرائيندو پارٽنر ڇوڪري کي چيو، مون شرم وچان ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيو.
”واقعي شرميلو آھي، ڪٿان ڦاسايو اٿئي...؟“ ڇوڪريءَ ٽھڪ ڏيندي چيو.
”سرڪاري الاٽمينٽ ۾ مليو اٿم.“ پارٽنر کِلندي کيس چيو. مان چُپ چُپ ٻنھي کي ڏسندو رھيس، ھر پاسي کان اچ وڃ لڳي پئي ھئي. ڇوڪريو ڇوڪرا، سينڊلن جي ٽَڪ ٽَڪ، بوٽن جي چينگهن جا آواز گُونجي رھيا ھئا. رڳو مسڪراھٽون، ٽهڪڙا. ’سلام... ھيلو ھيلو... ھاءِ ھاءِ...‘ جي ڏي وٺ ھئي. منھنجو ته وات ئي ڦاٽي ويو. ايتري ۾ پٺيءَ تي ڌڪ،
”ڪيئن آھين؟“ ڏسڻ بنائي چئي ڏنم
”ٺيڪ آھيان، في الحال زندھه آھيان.“ مون ڏٺو ته منھنجو ڪلاسي ھو،
”تون ڪيئن ھتي؟“ کيس عجب مان چيم،
”فيڪلٽي جو مِٺو پاڻي پيئڻ آيو آھيان.“ ھُن کِلندي چيو،
”پوءِ به مرين ڪونه ٿو؟ اڃان زندھه آھين...؟“ مون چريائپ وارو سوال ڪيو،
”مان ته ھر روز ايندو آھيان، مٺو پاڻي پيئڻ لاءِ، مٺو پاڻي جِياريندو آھي ماريندو ڪونھي!“ ھو ائين چئي روانو ٿيو.
منھنجو پارٽنر جيڪو ڪچھري ۾ مصروف ھو اُن کان مان وسري ويو ھئس. ڪجهه سانت کان پوءِ، ڇوڪريءَ کيس ياد ڏياريو،
”اڙي يار سوري! مان وري پنھنجيءَ ۾ پورو ٿي ويس، ھل ته ھلئون، پارٽنر جي سوري ڪرڻ ۽ تي منھنجي نِڙي سوڙھي ٿيندي وئي. عجيب خوف ورائيندا ويا، ڳيتون ڏيڻ شروع ڪيم، ائين اسين ٽئي ڄڻا ھلندا اچي فيلڪٽيءَ جي آڊيٽوريم ھال جي در وٽ بيٺاسين، جتي بي انتھا رش ھئي. وٿي جيتري به جاءِ نه ھئي.
”تون بيھه... مان ھن کي ڇوڪرين واري پورشن ۾ ويھاري اجهو آيس، پوءِ پاڻ به ڪٿي ھلي ٿا ويھون.“ پارٽنر چپٽي وڄائيندي ھليو ويو. پارٽنر پورو اڌ ڪلاڪ گم ٿي ويو. پڪ ٿي وئي ته وري کيس وسري ويس. مان بيھي بيھي بيزار ٿي پيس، نيٺ ورکڻي ھال اندر لُوھَه ڪيم ۽ ڌوڪيندو اچي اسٽيج ڀرسان بيٺس. ساھه کڻڻ کان اڳ ئي اسٽيج تي نھاريم.
ھوءَ... پر الائي ڪير..؟ مون ڏي اِشارو ڪري ڪجهه ڳائي رھي ھئي. نيڻ مون ۾ ڄميل ھئس. بس نظرن سان تِير پئي وسايائين. تڪيندي، مُسڪرائيندي ۽ ڳائيندي رھي. مان گهڻو وقت ساڻس اکيون ملائي نه سگهيس، اِن ڪري نِگاھون ھيٺ ڪري، ڪنڌ جهڪائي بيھي رھيس. مون ٻانھون کڻي ٻَڌيون، ڄڻ نماز پڙهندو هُجان، يا وري ابليس وارو قرض ٿي چڪايم. پويان ايندڙ آواز ۽ ھوڪرون،
”اڙي نماز ٿو پڙھين ڇا....؟“ ٻيو آواز
”نماز لاءِ مسجدون کوڙ آھن ھمراھه تلاوت ڪندو.“ پوئتي ڏٺم ٽھڪ ۽ ٽوڪون، طنز ۽ هوڪرا، ھڪ نظر اسٽيج تي وِڌم، وري به ساڳئي حالت. ماريائين ٿي. منھنجي اُھا ئي حالت، ڄڻ مري رھيو ھوس. نِڪرڻ جي به ڪا واھه نه ٿي ملي. اُن ڪري جيئن بيٺو ھئس تيئن بيٺو رھيس پويان وري ھوڪرون،
”ڪڍوس ٻاھر، سامھون بيٺو آھي.“ ٻيو آواز
”ڏسو! مري ته نه ويو.“ ٽيون آواز
مان پاڻ سنڀالي نه سگهيس، ھڪ نظر اسٽيج تي ڪيم ساڳئي حالت، ماريائين ٿي، مون کان رڙ نڪري وئي،
”مري ويس ڙي.“ ۽ وٺي پوئتي لُوھه ڪيم ڪَنن تي ھٿ رکي، رڙيون ڪندو
”مري ويس ڙي، مري“ ڪندو، آرٽس فيڪلٽي کان روم تائين يڪ ساھي ڊوڙندو آيس. روم تي اچي ساھه کڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيم، جيڪو ساھه اندر کنيو ھئم سو ٻاھر ڪو نه ٿي نڪتو، اندر ئي رھجي ويو.

No comments:

Post a Comment