Friday, November 1, 2019

يوگا ۽ گيان ڀومي - عنايت ميمڻ


يوگا ۽ گيان ڀومي
ڪھاڻي
عنايت ميمڻ
هو مٿان اچي بيٺو. شڪل خراب ڪري چيائين؛ ”هي اسڪول آهي! هتي نه يوگا ٿيندي نه واڪ ٿيندي. اڳنان هتي نه ايندا ڪيو. مون سڀني کي سختي سان منع ڪيو آهي۔“
مون چيو؛ ”ٽيھن سالن کان، هن پنھنجي مادر علمي ۾ ايندو رهيو آھيان. هتي ايندي مون کي پنھنجي مانوارن استادن جي دڙڪن، پيار ڀري پڙھائي جو هڳاءُ ايندو آھي. اهي پراڻا سنگتي به ياد ايندا آهن جن سان جواني جا ٽهڪ گڏجي ڏنا هيا۔هتي ئي ڪرڪيٽ کيڏي آهي. هتان جي علمي ادبي ۽ صحت جي ماحول جو ڇهاءُ اڄ به محسوس ڪندو آھيان. مون کي فخر آهي ته مان هتي اچي گيان حاصل ڪيو آھي. تون ڪيئن ٿو روڪي سگهين؟“
چيائين؛ ”تو کي خبر ناهي مان ڪير آهيان؟“


مون چيو؛ ”واقعي مون کي خبر ناهي تون ڪير آھين؟“
چيائين؛ ”مون کي رڳو هتان جو پٽيوالو نه سمجھ. مان BE پاس آهيان ۽ هتي ڪالوني ۾ رهندو آھيان. هتان جي ننڍن ملازمن جي يونين جو صدر به آهيان.“
مان هن جي خود ساخته تعارف وسيلي، هلڪڙائپ ۽ خسيسپڻي کي محسوس ڪندي، هن کان صرف اهو پڇو ته؛ ”اسڪول جي پرنسيپال ڪير آھي؟“
دٻدٻي واري انداز سان چيائين؛ ”ڀلي وڃي پرنسيپال کي دانهن ڏي ڏسون ته ڇا ٿو ڪري؟“
مون صاحب جي مائٽن کي دانهن ڏني پر واقعي ڪو کڙ تيل ڪون نڪتو؟! نتيجي ۾ سوير اٿي اسڪول نه وڃڻ ۽ يوگا نه ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي سمجهي. هن عمر ۾ هر عزت واري ماڻهوءَ کي ائين ئي ڪرڻ گهرجي شايد!
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته پٽيوالي صاحب جي ڪنهن ڊاڪٽر سان، جيڪو واڪ تي ايندو هيو، ڪنهن ڳالھ تي اڻبڻت ٿي هئي. نتيجي ۾ اسان تي هن ليڊرشپ جي گند اڇلائي بدبوءِ ڦھلائي. خبر اها به پئي ت هي زوراور هستي آهي. هائوس رينٽ کڻندو آهي پر رهندو اسڪول جي ڪالونيءَ ۾ آھي ۽ هن جي آشيرواد هيٺ، ڪجھ مسلمان ڀنگي اپائنٽ ٿيل آهن، جيڪي گهر ويٺي پگهار کڻندا آهن ۽ لوڙيندو ويچارو هڪڙو هريجن آهي، جيڪو سڄي اسڪول جي ٻھاري ڏيندو آھي. اسان واري دور ۾ ھڪڙو پٽيوالو هوندو هيو، جيڪو پٽيوالي جو ڪم به ڪندو هيو ته وري سٺو اليڪٽريشن به هيو. سڄي اسيمبلي جي اليڪٽرڪ جو ڪم ڪار ۽ لائوڊ اسپيڪر جي سار سنڀال پاڻ اڪيلو لھندو هيو. مجال آ جو اسيمبلي ۾ ڪو رخنو پوي. استادن جو به خيال رکندو هيو، شاگردن سان به پيار ڀريو رويو رکندو هو. اهي سڀ ڪم ڪرڻ کان پوءِ به مجال آ جو هن جي چھري تي ڪو گھنج نظر اچي. شايد اڄڪلھ جي پٽيوالن وانگي هو ويچارو نه ليڊر هيو ۽ نه ئي وري BE پاس هيو.

No comments:

Post a Comment