Monday, November 25, 2019

کڙڪو - حليم بروهي


کڙڪو
مختصر ڪھاڻي
حليم بروهي
در تي کڙڪو ٿيو، ڪير هوندو؟
جي رفعت هجي ته چئجانس
مان اُهو ناهيان، جنهن وچن ڏنو هو
ته قيامت ڏينهن به الڳ نه ٿينداسين.
جي نگهت هُجي ته چئجانس!
ته مان اُهو نه رهيس،
جنهن چانڊوڪي راتين ۾
سندس جلوي جي تشبيھ
چانڊوڪيءَ سان ڪئي هُئي.


جي زرينا هجي ته چئجانس!
زماني جي سازش ڪري
پاڻ کي الڳ ٿيڻو پيو.
جي بلقيس هُجي ته چئجانس!
اُن ماضيءَ کي وساري ڇڏي
جنهن جي يادگيرين منهنجي اندر ۾
وڏا گهاءُ ڪيا.
پر ترس!
جي قرضي هُجي ته چئجانس!
مان گهر ناهيان.

No comments:

Post a Comment