Tuesday, November 26, 2019

خيرات - سومرو شبير


خيرات
مختتصر ڪھاڻي
سومرو شبير
اڄ موڊ ٺيڪ نه ھو. ويتر منھنجي نياڻي پرهه اچي خراب ڪري ڇڏيو.
چيائين، “بابا! ڪمري جو ڪارپيٽ ميرو ٿي ويو آھي. ان کي ڌوئڻ گھرجي”.
“ھا ڀلي ڌوئو!”؛ مون کيس اجازت ڏيندي چيو.
“بابا، سروس واري کان ڌوئارجي!”
“ڀلي، ڏاھر کي ڏيو ته وڃي ڌوئرائي اچي.”
مون پٽ ڏاھر کي سڏيو ته ھو اچي آڏو بيھي رھيو.
چيم؛ ”ڪارپيٽ سروس واري کان ڌوئرائي اچ!”
”پر بابا، سروس وارا پئسا جام وٺندا!”


مان سوچ ۾ پئجي ويس. سوچيندي کيس چيم. ”چڱو ھيئن ڪر، اڳ ۾ سروس واري کان پڇي اچ ته ۱۰ باءِ ۱۲ جو ڪارپيٽ، گھڻي ۾ ڌوئي ڏيندو؟”
ڏاھر پنھنجي بائيڪ ڪڍي ھليو ويو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ موٽي اچي ٻڌايائين “۱۵ سؤ رپيا گھري ٿو.”
ڏاھر جي ٻڌائڻ تي منھنجا دوڏا پٽجي ويا ۽ پرهه کان رڙ نڪري ويئي؛ “پندرنھن سؤ؟!”
“پندرنھن سَوَ ۾ ته نئون ڪارپيٽ ملندو!” مون پرهه کي ٻڌايو.
“پوءِ بابا؟” پرهه پريشان ٿيندي چيو.
“پوءِ ڇا، پھرينءَ تي پگھار وٺي، نئون ڪارپيٽ وٺنداسين.” مون جان ڇڏائڻ جي ڪئي.
”پوءِ پراڻو ڪيڏانهن ڪنداسين؟” پرهه ڪارپيٽ ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
“اھو، خدا جي نالي تي ڪنھن غريب کي ڏينداسين.” اھو چئي ڪمري کان ٻاھر ھليو ويس.

No comments:

Post a Comment