Thursday, November 14, 2019

ننڍڙي پري - وحيد محسن


ننڍڙي پري
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
وحيد محسن
ھڪ پريءَ جھڙي خوبصورت منهنجي پوٽيءَ جو نالو خديجا آهي. اھا سڄي گهر جي لاِڏلي، اکين جو ٺار آھي. جنهن سان ڪٽنب جا سڀئي ڀاتي، بي انتھا پيار ڪندا آهن ۽ ناناڻن جي به پياري آهي!
خديجا، ھونئن به پري ئي لڳندي آهي. 
اڄ مون وٽ شام جي پھر منهنجي پياري دوست عبدالستار ان لاءِ تحفو آندو، جيڪو ھڪ دٻي ۾ اندر پيل هو. ان کي دوڪاندار رنگين ۽ چمڪندڙ پني سان ويڙھي سينگاريو ھو. مان اھو تحفو کڻي، گهر وارن کي ڏيڻ ويس. پنهنجي گهر واري نسيم خاتون کي ڏيندي چيم؛ ”ھي تحفو وٺ! پنهنجي پياري پوٽيءَ خديجا لاءِ مليو آهي.“


نسيم خاتون، مون کان پڇيو؛ ”اھو ڀلا پنهنجي خديجا لاءِ تحفو ڪنهن آندو آهي؟“
تنهن تي پنهنجي مک تي مرڪ وکيري چيومانس؛ ”مون واري دوست عبدالستار، اھو تحفو آندو اٿس. تون کولي ڏس ني ته ان ۾ ڪھڙي شيءِ آهي. ٻاھران ئي ان جي سجاوٽ ڪيڏي نه دلڪش ٿيل آهي!“
اھو ٻڌي ڪري ھوءَ به ڄڻ ته مھڪي پئي. خديجا کي ڏيندي چيائينس؛ ”تون پنهنجي ماءُ ڏي کڻي وڃ ۽ کولي ڏسو ته ان ۾ ڪھڙي چيز آهي!“
دٻي مان تحفو کوليو ويو ته ان جي اندر ٻه خوبصورت سلائي ٿيل جوڙا، خوشبوءِ ۽ سينگار جو سامان پيل هو. سڀني کان ازخود واھ واھ نڪري وئي!“
انهيءَ تحفي ۾ ھڪ جوڙو اھڙو ھو، جنهن کي ڏسي مون چيو؛ ”ان جي پھرڻ سان، پاڻ واري خديجا واقعي ننڍڙي پري لڳندي!“ ان جملي تي سڀئي خوش ٿي رھيا ھئا. خديجا ته خوشيءَ وچان ٻھڪي پئي ھئي.
خديجا کي جڏهن ٻئي جوڙا مليا ته ان به کلي خوشيءَ مان کڻي پريءَ جي لباس جھڙو سفيد جوڙي پائڻ جو انگل ڪيو ۽ ان جي انگل کي پورو ڪندي اھو سفيد ڪاغذي جوڙو ان کي سندس ماءُ پھرايو. ھار سينگار ڪرائي، پوءِ مون ڏانهن موڪليائونس؛ ”وڃ ڀلا ھاڻي پنهنجي ڏاڏي سوڍل کان خرچي وٺي آءُ ته تو کي طاھر علي شيءِ وٺي ڏئي.“
خديجا جو چاچو طاھر علي، گهر ويٺو ھو. اھا ھونئن به سندس دادلي آهي. ان سان ٻارن وانگي ويھي رانديون ڪندو آهي.
خديجا جڏهن مون وٽ آئي ۽ ڀاڪر پائي چوڻ لڳي؛ ”بابا وڏا! مون کي خرچي ته ڏيو! شيءِ وٺندس.“
مون اڃا پنهنجي کيسي ۾ ھٿ مس ئي وڌو ته منهنجي دوست عبدالستار سؤ روپئي جو نوٽ ڪڍي ان کي ڏنو ۽ مٿي تي ھٿ رکي دعا به ڪيائينس؛ ”نياڻي! ڌڻي تعاليٰ ڀاڳ ڀلارو ڪندءِ!“
ان کانپوءِ مون ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو؛ ”ھيءَ تنهنجي پوٽي، انھيءَ جوڙي ۾ ننڍڙي پري ٿي لڳي!“
۽ پوءِ وري ان کي سڏ ڪندي، چيائينس؛ ”مون ڏانهن ته اچ!“
اھا ان ڏانهن ھلي آئي ته چوڻ لڳس؛ ”تون سٺي لڳين ٿي، ننڍڙي پري.“
خديجا ان سان مرڪي پئي ۽ چوڻ لڳس؛ ”بابا وڏي جا دوست! اوھان جي مھرباني! مون کي اھو تحفو ڏاڍو وڻيو آهي ۽ اوھان به منهنجي بابا وڏي جيان سٺا آهيو.“
منھنجو دوست عبدالستار، ننڍڙيءَ خديجا جون مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ٻڌي، بيحد خوش ٿيو ۽ مون سان ان جي تمام گهڻي تعريف ڪرڻ لڳو. چيائين پئي؛ ”بزرگ! تنهنجي پوٽي ڏاھي ٿيندي ۽ شايد تو تي وئي آهي. ڌڻي تعاليٰ کيس وڏي حياتي عطا ڪندو.“
سندس ان ڳالهه کانپوءِ اسان ٻئي دوست مرڪي پياسين.
طاھر علي ڪجهه وقت کانپوءِ، اسان لاءِ چانھ بسڪيٽ کڻي آيو ته اسان ڀي چانھ جو دؤر ھلائيندي، خوب ڪچھري ڪئي. ڪلاڪ ٻن کانپوءِ، عبدالستار مون کان موڪلائڻ لڳو؛ ”چڱو بزرگ! مان ھاڻي اجازت وٺندس! باقي حياتي رهي ته وري ملنداسين.“
مان ان کي پنهنجي ڪمري کان ٻاهر گھٽيءَ تائين ڇڏڻ ويس ۽ ڀاڪر پائي موڪلايوسين. ھو پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو -
اسان ٻن پوڙھن جي سنگت، خديجا کي خوشيون کڻي ڏنيون ۽ اھا پنهنجي ماءُ، پيءَ، ڏاڏيءَ ۽ چاچن سان تمام گهڻو خوش گذارڻ لڳي ۽ روزانو سوير اسڪول به شوق ۽ ذوق سان ويندي ھئي! مون پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪو وقت گذاريو آهي ۽ دنيا کي ڏٺو اٿم ته ٻارن کي تحفا ڏيڻ سھڻا لڳندا آهن. انهن جي مٿان شفقت جو ھٿ ھميشھ قائم رکجي ته جيئن اھي ٻار خديجا جيان اسڪول شوق سان پڙهڻ وڃن ۽ گهر ۾ به خوش گذارن!

(وحيد محسن جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment