Tuesday, November 26, 2019

ڪاوڙ - سومرو شبير


ڪاوڙ
مختصر ڪھاڻي
سومرو شبير
“سائين! هي بلڪل نئون آهي.”
“ھا لڳي ته پيو ... پر پوءِ به ...”
“اوهين هن کي ايئن ڇو پيا ڏسو؟”
“ڀڳل ٽٽل نه هجي ...” هن جي منهن تي رکائپ جو تَهُه چڙهي ويو.
“سائين، هي رانديڪو اُنّ ۽ ڪپڙي جو ٺهيل آهي. پلاسٽڪ يا شيشي جو ٺهيل نه آهي جو ٽٽي سگهي.”
“پر جاچڻ ۾ ڇا آهي؟ متان ڪٿان ڦاٽل هجي؟ ڪپڙو ڦاٽي نٿو سگهي ڇا؟” هو ساڻس ٿورو تکو ٿيو ۽ هلڪي رهڙ ڏيندي چيائين.


ٿوري گوڙ تي پريان کان مئنيجر وٽن سري آيو؛ “سر، ڪو مسئلو آهي ڇا؟”
“نه ... ڪجهه به ناهي.” منهن تي ساڳي ڪاوڙ، لهجي ۾ رکائپ ۽ ڪوڙاڻ.
“سر ... هن کان ڪا غلطي ٿي وئي آهي ته ...” مئنيجر، ملازم ڏانهن اشارو ڪندي پڇيس...
هن کي اڌ ۾ ڪٽيندي، هن سان به اڳرو ڳالهايائين؛ “نه، غلطي مون کان ٿي آهي.” هن جي منهن تي گهنج نروار ٿي آيا. رانديڪو شيلف ۾ رکيائين ۽ ساڻس گڏ آيل عورت کي وٺي ٻاهر نڪري ويو.
“هي تو کي ڇا ٿي ويو هو؟” ٻاهر نڪري کانئس عورت پڇيو.
“ڇا ٿي ويو هو ڀلا؟”
“تو هن تي ايڏي ڪاوڙ ڇو ڪئي؟”
“بس ...”
“بس! ... مئنيجر جي پڇڻ تي شڪايت به نه ڪيئي؟”
“شڪايت ڪيانس ها ته ... هن جي نوڪري هلي وڃي ها”.
هو فوٽ پاٿ تي پيل ڪيلي جي کل کي بوٽ جي ٺوڪر سان هيٺ ڪيرائي اڳتي وڌي ويو.
“تو کي اهو احساس به هو ته پوءِ ايڏي ڪاوڙ ڇو پئي ڏيکاريئي؟”
“بس، ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ماڻهن تي ڪاوڙ ڪبي آهي”.
۽ ٻئي ٽھڪڙا ڏيندا اڳتي وڌندا ويا.

No comments:

Post a Comment