Wednesday, November 27, 2019

سالگرھ - وحيد محسن


سالگرھ
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
وحيد محسن
علي جان ڇھين ڪلاس ۾ پڙھندو آهي. اڄ صبح سوير اسڪول وڃڻ لاءِ ٺهي سنڀري تيار ٿي نيرن ڪري رھيو ھو. سندس ڀر ۾ ان جو وڏو ڀاءُ نويد احمد ويٺو ھيو، جيڪو مئٽرڪ جو شاگرد آھي ۽ ننڍي ڀيڻ مھوش به انهن سان ئي ويھندي ھئي. سامهون سندن پيءُ ڊاڪٽر مشتاق احمد ويٺو ھيو ۽ سندن ماءُ رحمت، کاڌو ٽيبل تي رکي، سا ساڻس گڏ ويٺي ھئي.
نيرن ڪرڻ وقت، علي جان پنهنجي پيءُ ڊاڪٽر مشتاق احمد کي ٻڌائي رهيو ھيو ته؛ ”بابا اڄ منهنجي ڏھين سالگرھ آهي ۽ ڪيڪ جو ڪو ئي انتظام به ڪرايو ۽ ٻيو سالگرھ جي موقعي تي اوھان ڀلا ھن دفعي مون کي ڪھڙو تحفو ڏيڻ پسند ڪندئو.“


سندس پيءُ ڊاڪٽر مشتاق احمد چوڻ لڳس ته؛ ”تنهنجي سالگرھ مون کي ھميشھ جيان ياد آھي. مون ته ڏسڻ پئي چاھيو ته تو کي ياد آهي يا نه؟“ اڃا وڌيڪ سرپرائيز ڏيندي چيائينس؛ ”مون ھن دفعي تنهنجي لاءِ ڪي سي او اسپورٽس جي جاپاني واچ آندي آهي، جيڪا تمام گهڻي خوبصورت ۽ پائدار آهي ۽ ٻيو وري ڀٽائي بيڪرز واري کي چار پائونڊ جي فروٽ ڪيڪ جو آرڊر ڀي ڏيئي ڇڏيو اٿم. ڇا ياد ڪندين پٽ!“
علي جان پنهنجي پيءُ جا ٿورا مڃيندي، چوڻ لڳس؛ ”مھرباني بابا! اڄ ته اوھان مون کي سرپرائيز ڏنو آهي ۽ منهنجي دل تمام گهڻو خوش ڪئي اٿو!“
رحمت پنهنجي مڙس کي چوڻ لڳي؛ ”پوءِ ڀلا مان ادي آمنا کي دعوت ڏيان ٿي ته اھي به پنهنجي ڪٽنب سميت علي جان جي سالگرھ ۾ شرڪت ڪن.“
ڊاڪٽر مشتاق احمد چيس ته؛ ”اوھان پنهنجن کي ڀلي گھرايو. مون لاءِ سڀئي عزت لائق آهن. ڇو نه گھرايو! تنهن کانپوءِ وڏي پٽ نويد احمد کي چوڻ لڳو ته تون پنهنجي چاچي عبدالرزاق جي گهر وڃي دعوت ڏئي اچجانءِ ته رات اٺين وڳي، علي جان جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽينداسين.“
نويد احمد پنهنجي پيءُ کي جيءُ جيءُ ڪندي چيو ته؛ ”ھا بابا! اوھان دلجاءِ ڪيو. مان چاچا وارن کي دعوت ڏئي ايندس.“
انھن ڳالهين کانپوءِ، ٻار کلندي ڪڏندي پنهنجي اسڪول ڏانهن روانا ٿيا ۽ ڊاڪٽر مشتاق احمد به پنهنجي سچل ڳوٺ واري ڪلينڪ تي ويو. رٽائرڊ ڊاڪٽر ھو، ذھانت ۽ تجربي جي ڪري سندس ڪلينڪ تي مريضن جي پيھ لڳي پئي ھوندي ھئي. ٽي نوجوان ڊسپينسر به سندس ڪلينڪ تي ڊيوٽي ڪندا ھئا.
منجھند ٿي ته ڊاڪٽر مشتاق احمد ۽ سندس ٻار، اسڪول کان واپس گهر پھچي ويا ۽ ماني کائي صلاح مشورو ڪرڻ لڳا ته ڊاڪٽر مشتاق احمد چوڻ لڳن؛ ”مھمانن جي خدمت لاءِ سڀئي سھولتون ميسر ڪيون وينديون، آخر اسان جي پياري علي جان جي سالگرھ آهي!“
شام ٿي ته ڊاڪٽر مشتاق احمد پنهنجي ڪار تي وڃي ڪراچيءَ جي ڀٽائي بيڪرز تان سالگرھ جو ڪيڪ کڻي آيو ۽ ان سان گڏ رنگ برنگي ڦوڪڻا، ميڻ بتيون، نمڪو ۽ فروٽ به وٺي آيو.
رات جا اٺ ٿيا ته سڀئي مھمان پھچي چڪا ھئا ۽ علي جان ٺهي سنڀري گھوٽ بڻجي آيو. ان جي ايندي، سڀني جون نگاھون ان ڏانهن کڄي ويون ۽ اھي پنهنجي پياري کي ڏسندا رھيا ۽ سندن مک تي مرڪون وکري ويون.
ڊائننگ ھال کي خوبصورت رنگن سان سجايو ويو ھو ۽ ٽيبل تي سالگرھ جو ڪيڪ پيو ھو. ڊاڪٽر مشتاق احمد پنهنجي پٽ علي جان کي سڀ کان پھريان تحفي ڏيڻ جي شروعات ڪئي. جنهن ۾ ھن علي جان کي ڪي سي او اسپورٽس جاپان واري واچ ٻانهن ۾ پارائي. تنھن کانپوءِ گهر جي ٻين فردن ۽ آيل مھمانن گلن جا ھار، گلدستا ۽ ٻيا کوڙ سارا پيڪ ٿيل تحفا ڏنا. انھيءَ رسم کانپوءِ، ڊاڪٽر مشتاق احمد ننڍڙي پٽ علي جان کي ھٿ کان وٺي، اوڏانهن اڳتي وڌيو ۽ سڀني کي چوڻ لڳو؛ ”اڄ منهنجي پياري پٽ علي جان جي ڏھين سالگرھ آهي. اچو ته ھاڻي ڪيڪ ڪاٽيون.“ جڏهن ڪيڪ ڪٽجڻ لڳو ته ڪجهه وڏڙا ڪيڪ ڪاٽڻ واري رسم ۾ شامل ٿي ويا ۽ ٻيا ڪجهه ٻار، عورتون ۽ مرد گڏجي اھو چوڻ لڳا؛ ”واڌايون! واڌايون! جنم ڏينهن جون واڌايون!“ انھيءَ خوشي جي موقعي تي ٻار ٻھڪي پيا ۽ کلڻ جا خزانا کلي ويا.
ڪيڪ ڪٽيو ته پھريون ذرو علي جان جي وات ۾، سندس پيءُ ڊاڪٽر مشتاق احمد وڌو. وري سندس چاچي محمد لقمان وڌو. ان کانپوءِ مامي حيدري به ان کي ڪيڪ جو ذرو کارايو ۽ پوءِ ٻيا سڀئي مھمان خوشيءَ ۾ شامل ٿي ويا ۽ ھڪٻئي کي ڪيڪ کارائيندا رھيا.
ڊاڪٽر مشتاق احمد جي گهر، خوشيءَ وارو ماحول ڇانئجي ويو. سڀني مھمانن ڪيڪ، نمڪو ۽ فروٽ کائڻ کانپوءِ چانھ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ پيتي پئي. اھڙي خوشيءَ ڀريي لمحي کانپوءِ سڀئي موڪلائيندا، پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيندا ويا.
علي جان کي پنهنجي سالگرھ تي اھڙي خوشي ملي جو اھو اسڪول ۾ تعليم دل لڳائي حاصل ڪرڻ لڳو. ان جي اھڙي ڪرت کي ڏسي، سڀئي گهر جا ڀاتي ان جي محنت تي سرھا ٿيڻ لڳا! پيارا ٻارو جيڪو ٻار دل لڳائي پڙھندو، اھو ئي ھت ڪامياب ٿيندو ۽ پنهنجي منزل به ضرور ماڻيندو.

(وحيد محسن جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment