Monday, November 25, 2019

رٻڙ وارو بابا - معراج خالد نظاماڻي


رٻڙ وارو بابا
طنز و مزاح
معراج خالد نظاماڻي
”هو ٿيندو، الاءِ ڪو نه ٿيندو!“ ان تي وڏا زور لڳايا ويا، پڙ باسيا ويا، دوائون، درمل، ٽوڻا، ڦيڻا مطلب جيڪو وس پڳو، اهو ڪيو ويو. پر هو چوي؛ ”نھ کي نوَ ڪوٽ آهن“. آخرڪار وڏين منٿن ۽ هڻ هڻان کان پوءِ، هن ”ها“ ڪئي ۽ هو ٿي پيو! تجربيڪار جهونيون چون؛ ”ماڻس جي کٽين شين کائڻ، سونهن نڪري اچڻ ۽ الٽين ۽ اوڪارن جي نمونن مان لڳي پيو، ڪِڪِي ڄمي ته ڄمي، باقي ڪڪي جو امڪان صفا ڪو نه پيو لڳي.“ بهرحال، جيتريون پوڙهيون، اوترا وات! ماڻس ۽ پڻس کي اچي سر سان لڳي ته الاجي ڇا ٿيندو؟!


منو موتمار جي شاديءَ کي ڇهون سال ٿي چڪو هو. هن کي شروع کان اها خواهش هئي ته کيس پٽ ڄمي، ان لاءِ زال کي وقت به وقت ڌمڪيون ڏيندو هوندو ته ڄڻجان ته پٽ، نه ته ٽپڙ کڻي وڃي مائٽن جي گهر رهجان. مطلب هن جي نظر ۾ زال، زال نه پر نيوڪليئر ٽرانسفر ذريعي ڪلوننگ ڪندڙ سائنسدان هئي. بهرحال هوءَ ويچاري ٻهراڙي جي روايتي مردن جي ماريل عورت، پئي مڙس سان ها ۾ ها ملائيندي هئي!
بهرحال، ڏينهن ڀرجي آيا. غربت جي ڪري منو موتمار، زال کي اسپتال جو منهن ڪو نه ڏيکاريو. بس داين جي آسري، جيئن وقت ويجهو ايندو ويو، دايون شنوائين تي شنوايون ڏينديون ويون، اڄ يا سڀاڻي... ڪجهه به هجي پر جيسين قدرت جو حڪم ٿئي.. تيسين ڪجهه ٿيڻو ئي ڪو نه هو! منو موتمار اڻپڙهيو، زال تي ڪاوڙيو ڦريو ته منهنجي ٻچڙي کي تون روڪيو ويٺي آهين نه ته هيستائين آئون منهنجي ٻچي کي دڪان تان شيءِ پيو وٺي ڏيان ها ۽ ميلا پيو گهمايانس ها!
نيٺ اهو ڏينهن اچي پهتو. گهر ۾ ميلو متل هو، سڀني جون اکيون ڪوٺي جي در ۾ هيون ته ڪيڏي مهل ٿيون دايون خوشخبري ڏين.. اوچتو دائي ڦاپي رڙ ڪري چيو؛ ”منو! مبارڪ هجئي، پٽ ڄائو آهي. ڪمزور تمام گهڻو آهي، چم چم سان مليو پيو اٿس. پر الله خير ڪندو، کاڌو پيٽ ۾ ويندس، رت ورائيندو ته سائو ٿي ويندو...“
منو، اهو ٻڌندي ئي ڊوڙندو وڃي بازار مان ريوڙيون ۽ کنڊ ڀڳڙا وٺي آيو. سڀني جو وات مٺو ڪرايائين! ڪڪي جي ڏاڏي تنجڻ وارو رومال ۽ سِلائي سرمي جهڙا خطرناڪ هٿيار ڇٻيءَ مان ڪڍي دائي جي حوالي ڪيا. چوويھ ڪلاڪ گذري ويا پر ڪڪو چوي؛ ”آئون ڪو تنجبس ڇا؟“ جيئن تنجڻ جي ڪوشش ڪن، اوئان اوئان شروع! آخر دائي، منو موتمار کي چيو ته؛ ”ڪڪو ڪمزور آهي، بوغ تڪليف ٿو ڏيس، ٻارن جي سلوارن وارو رٻڙ وٺي اچ ته ان سان تنجيونس!“ آخر اهو رٻڙ آيو، ان سان تنجيو، تڏهن وڃي همراهه سڪون سان ستو!
هاڻي ڪڪي جو نالو ڇا رکجي. ان تي وٺ وٺان شروع ٿي، ڪو چوي ڏاڏي جو رکو، ڪو چوي ناني جو، پر منو موتمار چوي؛ ”مون کي پٽ بچائي ڏنو آهي، هڪ ٻارن جي سلوار واري رٻڙ ۽ ٻيو رٻڙ واري پير، جنهن جي قبر تي خاص دعائون گهريون هئم. ان ڪري پٽ منهنجو ته نالو به آئون رکندس ۽ اهو آهي ’رٻڙ وارو بابا!‘“ ڪي کليا، ڪي ڪاوڙيا پر نالو آخرڪار اهو ئي رهيو!
وقت ويو گذرندو، ڪڪو اچي ٻارھن سالن جو ٿيو، پر قدرتي، طبيعت ۾ صفا ڀورڙو ۽ سادو هو. ڪي ته سڏيندا ئي درويش هئس! هڪ رات سڀ گهر ڀاتي، اوڙي پاڙي جون مايون منو موتمار جي گهر ٿلهي تي ويٺيون هيون، ته رٻڙ واري بابا، آسمان ڏانهن هٿ سان بندوق ٺاهي “ٺا ٺا” پئي ڪئي، ته اوچتو آسمان ۾ تارو کڙيو، سڀ پريشان ٿي ويا ته هي ڇا؟ رٻڙ وارو بابا ته هٿ سان گوليون پيو هلائي!! سڀني رڙ ڪئي ته رٻڙ وارو بابا پڪ سان واقعي به سچو پچو دعا، پِٽ وارو درويش آهي! ايئن ڳالهه وڃي ڳوٺ، تر ۽ پري پري تائين پهتي ته هن ڳوٺ ۾ جيئرو درويش رهي ٿو. منو موتمار جي عقل هونئن ته سڄي عمر ڪم ڪو نه ڪيو پر اتي عقل به ڪم ڪري ويو، هڪ بانٺو پٽ کي هٿ ۾ ڏئي سمجهائي ڇڏيس ته جيڪو ايندو وڃي، ان کي ٺوڪيندو وڃ! پوءِ ته سائين پڙهيا، اڻپڙهيا قطارون ٺاهي منو موتمار جي در تي هجن، ڪو اولاد پيو گهري، ڪو جن پيو ڪڍائي، ڪو بيماري پيو ڇڏائي، ڪو زال پيو پرچائي، ڪا مڙس پئي قابو ڪرائي، ڪو نيب مان پيو جان ڇڏائي، ڪو چونڊن ۾ پيو پاڻ کٽرائي! خدا کي خبر! ڪنهن جو ڪم ٿيو پئي الاءِ نه باقي منو موتمار جو ڪم واهه جو ٿي ويو. ڏک، بک هڙ ختم ٿي ويا! ان سان گڏ ٻيو اهو ٿيو جو اها به خبر پئجي وئي ته اسان جي قوم شعور جي ڪهڙي سبق ۾ پهتي آهي ۽ ڪيتري وقت ۾ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ شروع ٿي ويندي!

No comments:

Post a Comment